اچو تہ عظم ڪريون / يوسف جميل

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    نئي سال جي سج کي اُڀرندي پورا هڪ درجن جيترا ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، جنوري جي پهرين تاريخ ٿيڻ شرط ئي واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ انباڪس ۾ نئي سال جون واڌايون اڻ کٽ تعداد ۾ ميسر ٿيون، اسان لاءِ نہ ڪوئي نئو سال آيو آهي ۽ نہ ئي وري ڪو پراڻو سال هتان واپس وريو آهي، ڦيرو صرف هڪ انگ ۾ آيو آهي جتي پهريان انگ ست هيو هاڻ اُتي انگ اٺ کي لکيو، سمجهيو ۽ پڙهيو ويندو.

    نئي سال جي اچڻ ۽ وري پراڻي سال جي وڃڻ کي تقريبن سڀني فردن چڱن چوکن لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جتي لهندڙ سج کان موڪلايو ويو اُتي وري نئي سج کي ڀليڪار جا ڀاڪر بہ آڇيا ويا، هن رسم کي اسان جي قوم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان نڀايو آهي جنهن تي ڪنهن بہ قسم جي شڪ شبي ڪرڻ جو ڪو جوائز ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.

    اسان جي معاشري جي اڪثريت جو شعور ان حد تي پهچي چڪو آهي جو اگر عيد هجي، ميلاد هجي، محرم هجي، نئو سال اچڻ وارو هجي، پراڻو سال وڃڻ وارو هجي، مطلب تہ ڪو بہ ايونٽ يا مذهبي ڏڻ هجي ان حوالي سان گهر جي ڪنڊ ۾ ويٺي، هلندڙ گاڏي ۾ ويٺي، ماني کائيندي، چانھ پئيندي پاڻ کي دانشور تصور ڪندي ڪجھ لفظ لکي ڪري فيس بڪ تي پوسٽ ڪري ڇڏبا، پنهنجو ڪم آ پوسٽ ڪرڻ، پڙهڻ توڙي ٽيڪا ٽپڙي ڪرڻ فيس بڪ ۾ موجود دوستن جو ڪم آ، باقي دوست ڇا لاءِ ٿيا آهن ؟

    اسان فيس بڪ جي استعمال کي ايترو تہ محدود ڪري ڇڏيو آهي جو ان کي مٿي ذڪر ڪيل وقتن ۽ ان کان علاوه باقي وقت پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي، اسان ڪڏهن بہ، هڪ پل بہ اهو ويچار ناهي ڪيو تہ ٻيلي فيس بڪ سماجي رابطن جو هڪ مکيہ وسيلو آهي جنهن کي ممڪن ڪوشش ڪندي سماج جي بهتري لاءِ اصلاحي شين کي ونڊڻ طور استعمال ڪجي.

    اسان وٽ دوستن جي اڪثريت اُٿندي، ويهندي، کلندي، روئندي، رڙهندي توڙي هلندي پنهنجا عجيب توڙي غريب فوٽو فيس بڪ تي شئير ڪن ٿا، جيڪا ڳالھ خاص ڪري مون لاءِ انتهائي اڻ وڻندڙ آهي، مان ان شئي تي يقين رکندو آهيان تہ فيس بڪ تي پاڻ چمڪائڻ کان بهتر آهي، پاڻ مڃائڻ گهرجي، پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، هرو ڀرو ۽ فصول گري کان پاسو ڪيو وڃي، پر سنگت سمجهي ڪٿي ٿي ويتر ڏمرجي ٿي پئي اسان تي.

    اچو اڄ هڪ نئون عظم ڪريو، هڪ اهڙو عظم جيڪو ڪوڙ جا ڪوٽ ڊاهي سچ جو ساٿاري ٿي، هڪ اهڙو عظم جيڪو خوف کي ڀڄائي ڪڍي، هڪ اهڙو عظم جيڪو هن ڌرتي تي رهندڙ هر مظلوم جي دردن جي دانهن بڻجي، هڪ اهڙو عظم جيڪو ڪنهن مظلوم کي ظالم اڳيان جهڪڻ تي مجبور نہ ڪري، ها هڪ اهڙو عظم جيڪو ناپيد ۽ ناڪاره ريتن رسمن کي مدنظر رکندي ڪنهن نياڻي کي گهر ڇڏڻ تي مجبور نہ ڪري، ها هڪ اهڙو عظم جيڪو عالم انسانيت جو آواز بڻجي، ها اهڙو عظم جيڪو مظلوم کي ظالم اڳيان ڳالهائڻ جي سگھ عطا ڪري، ها اُهو عظم جيڪو محڪوم قوم کي حاڪم اڳيان سندس ڏاڍ، جبر ۽ ڪوڙ جي قلمدانن جا پول پڌرا ڪري ڏيکاري، ها هڪ اهڙو عظم جنهن وسيلي دليون چوري چوري هڪ ٻي لاءِ نہ دهڙڪن بلڪ بنا ڪنهن هٻڪ ۽ ڌڙڪ جي اظهار راءِ جو حق رکن، اچو تہ ان عظم کي وري وري ورجهايون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو