ميان صاحب جي سياست جو سج لهي چڪو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    ميان نواز شريف جنهن کي نج عدالتي فيصلي تحت وزير اعظم جي ڪرسي ڇڏڻي پيئي تنهن فيصلي اچڻ کان هن وقت تائين هڪڙوئي بيان بار بار ورجايو آهي ته سندس خلاف ڪرپشن جا سڀ الزام ڪوڙا ۽ سمورا ڪيس بي بنياد آهن. سندس بيانيي مطابق هن جي خلاف هڪ وڏي سازش سٽي ويئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هن کي حڪومت کان الڳ ڪيو ويو.توڙي جو اڪثر ممتاز قانوني ماهرن جي راء ۾ نوازشريف خلاف ڪيس قانوني طور تي نهايت ئي مضبوط آهن ۽ ڪرپشن جا جيڪي ثبوت عدالتن آڏو آيا آهن انهن جي صفائِيء ۾ ميان صاحب ۽ سندس خاندان وٽ ڪي به مناسب ثبوت موجود نه آهن. ڪن ماهرن ته ان حد تائين به چيو آهي ته عدالتون ميان صاحب سان گھڻو نرمي ۽ مهربانيء وارو ورتاء ڪري رهيون آهن.پر ميان صاحب جيڪو ماضيء ۾پئسي ۽ طاقت جي زور تي سدائين رياستي ادارن ايستائين جو عدالتن کي به پنهنجي مرضيء موجب استعمال ڪرڻ جو عادي رهيو آهي ،پهريون ڀيرو پنهنجو پاڻ کي نهايت ئي بيوس ۽ لاچار محسوس ڪري رهيو آهي. هو ذاتي طور تي ڀليء ڀت ڄاڻي تو ته هو قانوني طور تي پوريء طرح ڦاسي چڪو آهي ۽ ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاء هن وٽ ڪوبه قانوني يا آئيني رستو باقي نه بچيو آهي.انهيء صورتحال ۾ ميان صاحب وٽ ٻه ئي آپشن ٿي سگھيا ٿي.هڪ اهو ته هو بنان ڪنهن ڊيگھه ۽ ڇڪتاڻ جي قانون سامهون هٿيار ڦٽا ڪري پنهن جي قسمت جو وڌيڪ فيصلو عدالتن تي ڇڏي ڏئي.پر جيڪر هو اهو آپشن اختيار ڪري ٿو ته هن جي خانداني سياست ۽ دولت ٻئي هميشه لاء داء تي لڳي وڃن ٿا ۽ هن جي ڪنهن به قسم جي بچت جو امڪان باقي نٿو رهي.ٻيو آپشن اهوته اهڙي بيانيي جو بت بنايو وڃي جو عدالتن ۽ سندن فيصلن کي تڪراري بنائجي،انهن فيصلن ۾ سازشن جا سرا ملائجن، لڪيل لفظن ۾ فوج کي به سياسي معاملن ۾ گھلجي،ته جيئن دنيا کي باور ڪرائي سگھجي ته پاڪستان ۾ چونڊيل عوامي نمائندن کي آزاديء سان ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ هن جي خلاف به اها سازش رياست جي طاقتور ڌرين يعني فوج ۽عدالتن ، ڪجھه سياسي ڌرين سان گڏجي ان ڪري سٽي جو هن جي چوڻ مطابق هو عوامي حڪمراني ۽ سويلين بالادستيء جو علمبردار آهي. بيانيي جو اهو بت نهايت ئي عقلمندي ۽ ڪاريگريء سان جوڙيو ويو. ميان صاحب ۽ سندس صلاحڪارن جي سوچ مطابق انهيء بيانيي مان ئي ميان صاحب جي بچڻ جي ڪا راهه نڪري سگھي ٿي يا گھٽ ۾ گھٽ ٿيندڙ نقصان کي گھٽائي سگھجي ٿو.صلاحڪارن مطابق ان بيانيي جو ترت فائدو ته اهو ٿيندو جو ماڻهو مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا ۽ سندن ڌيان ڪرپشن ڪيسن تان هٽي ٻين معاملن ڏانهن هليو ويندو.اينڊر عام چونڊون جيڪي شايد ميان صاحب وقت تي نثو چاهي پر جيڪر ٿي پون ته اليڪشن مهم ۾ ميان صاحب کي هڪ اهم موضوع ملي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ته کيس همدرديء جو ووٽ ملي سگھي ٿو ٻيو ته ميان صاحب جي مزاحمتي رويي جي ڪري به سندس ووٽ بينڪ بچي سگھي ٿوجو ماڻهو اهو داد ڏيڻ لڳن ته ميان صاحب نهايت بهادريء سان طاقتور ڌرين سان مهاڏو اٽڪايو آهي. انهيء سان گڏوگڏ ميان صاحب کي اهو يقين به هو ته سندس ان مخّالفت ۽ مزاحمت واري رويي سبب عدالتن تي دٻاء وڌندو ۽ مليٽري اسٽيبلشمينٽ به دفاعي حالت ۾ اچي ويندي. ميان صاحب مسلسل اهو بيانيو وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.ساڳئي وقت انهيء بيانيي جي اوٽ ۾ پنهنجي ماضيء جي غيرملڪي دوستن کي به پنهنجي مدد لاء پڪاريندو ۽ ايلاز ڪندو رهيو آهي.پر ان سموري معاملي ۾ سموري جدوجهد باوجود جيڪا شيء ميان صاحب جي سامهون آئي آهي سا آهي مڪمل مايوسي!هڪ ته سندس ان سموري بيانيي جي نتيجي ۾ نه ته عدليا اڃا تائين ڪنهن دٻاء ۾ آئي آهي نه ئي فوج سندس بچاء لاء اڳتي وڌي آهي.بلڪه فوجي ترجمان جي ان بيان ته “ فوج قانون ۽ آئين سان گڏ آهي،“ ميان صاحب جي ڦٽن تي ويتر لوڻ ٻرڪيو آهي جنهن ڪري ميان صاحب سخت ڪاوڙ ۽ پريشانيء جو شڪار آهي. ٻيو ته سندس مزاحمتي تحريڪ لاء نه ته عوام تيار آهي نه ئي ميان صاحب جون ٻيون اتحادي پارٽيون.ٻيو ته ٺهيو پر ميان صاحب جي پنهنجي پارٽي جي اڪثريت به ڪنهن به قسم جي مزاحمتي تحريڪ کان پاڻ کي پرڀرو رکڻ گھري ٿي.رهيو سوال غيرملڪي دوستن جي مدد جو ته اتي به في الحال ته بيوفائيء وارا منظر ئي ميان صاحب کي ڏسڻ لاء مليا آهن.ان ڪري موجوده وقت ميان صاحب سخت ذهني ۽ نفسياتي دٻاء جو شڪار نظر اچي ٿو.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن بيو آپشن به ڪارگر ثابت نه پيو ٿئي ته پوء آخر ميان صاحب ڇا ڪندو؟ ڇا هو هار مڃي خاموش ٿي ويهي رهندو؟ هرگز نه! انهيء ئي آپشن تي ڪم جاري رهندو ۽ ساڳئي بيانيي جي بت ۾ ساهه وجھڻ جون تياريون تيز ڪيون وينديون جو ميان صاحب وٽ ٻيو ڪو آپشن آهي ئي ڪونه.ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ انهيء آپشن تي عمل درآمد تي تمام گھڻي تيزي نظر اچي سگھي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو سياسي ماحول گھڻو گرم ٿي سگھي ٿو. ايندڙ ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ ملڪ ۾ سخت ڏڦير،انتشار ۽ امن امان جي صورتحال ۾ خطرناڪ حد تائين بگاڙ پيدا ٿيڻ جا امڪان به چٽا نظر اچي رهيا آهن ۽ اهڙين حالتن مان ڪا ٽين ڌر به فائدو کڻي سگھي ٿي.ملڪ جون حالتون جيتري قدر خراب ٿينديون ميان صاحب جي بيانيي جي بت ۾ اوتري ساهه پوندي ويندي.انهن اڻ وڻندڙ حالتن جي سنگينيء جو اندازو شايد هن وقت خود منصوبه سازن کي به پوريء طرح نه هجي پر خدا خير ڪري . حالتون جيڪر هڪ ڀيرو بگڙي پييون ته پوء شايد وس وارن جي وس مان به نڪري سگھن ٿيون.حالتن تي گهري نظر رکڻ وارن موجب هو ڪنهن خطرناڪ منصوبي تي عمل ٿيندي ڏسي رهيا آهن جنهن ۾ ملڪي رانديگرن سان گڏ عالمي اداڪار به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

    ميان صاحب جو بيانييو صرف ان نقطي تي ئي دنگ نٿو ڪري ته کيس سازش تحت ڪڍيو ويو پر ان بيانيي جو هڪ دٻيل حصو اهو به آهي ته رياستي طاقتور ادارا جمهوري حڪومت جي مرضيء جي خلاف دهشتگردن جي حمايت ۽ ملڪ ۾ اسلامي انتهاپسنديء کي هٿي ڏيئي رهيا آهن،ختم نبوت جي حوالي سان آئين سان ڄاڻي واڻي ڪيل اجائي ڇيڙڇاڙ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل احتجاجي تحريڪ ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل تازين ڌمڪين کي به ان پس منظر ۾ئي سمجھڻ گھرجي.ان منصوبي جو مقصد اهو ته ملڪي حالتن کي اهڙي هنڌ پهچائجي جو رياستي ادارا نه چاهڻ باوجود به مجبور ٿي سياسي عمل ۾ مداخلت ڪن ته جيئن ان بيانيي تي تصديق جي مهر لڳي سگھي.اهو منصوبو ڪيتري قدر قابل عمل يا ڪامياب ٿي سگھي ٿو ان باري ۾ ته اڳواٽ ڪجھه چئي نٿو سگھجي البت هن وقت تائين جي صورتحال مطابق جيڪي صاف سامهون نظر اچي پيو سو اهو ته نه ته ڪو اين آراو ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪا ڊيل غور هيٺ آهي ۽ نه ئي ڪنهن معافي تلافيء جو ڪو امڪان،هر عمل آئين ۽ قانون مطابق پنهنجي منطقي انجام طرف روان دوان نظر اچي ٿو.چونڊن جو عمل ۽ جمهوري نظام دستور مطابق جاري رهڻ جو چٽو امڪان آهي پر هڪ بي رحم ۽ شفاف احتساب جو عمل سمورين رڪاوٽن باوجود نهايت تيزيء سان اڳتي وڌندو محسوس ٿي رهيو آهي.تاريخ جو هڪ اهڙو احتساب جنهن جي نتيجي ۾ پهريون دفعو عوام جون نه پر اشرافيا جون رڙيون بڌڻ ۾ اينديون!
    (روزاني مهراڻ 13 جنوري 2018ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو