انور پيرزادو سنڌ جو سرموڙ اديب لطيف جو پارکو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو سرموڙ اديب ،لطيف جو پارکو، صحافي انور پيرزادو جي سالگره 73جي مناسبت سان[​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    وادي مهراڻ جي مهين جي دڙي جي چيڪي مٽي کي سڄي دنيا منجهه وڏي مان ڏنو وڃي ٿو ڇو جو هن چيڪي مٽي ڪيترن ئي اديبن ، شاعر ، سگهڙن ، سياستدانن، صحافين، محققن، تاريخدانن ، ٻولي جي ماهرن ،۽ لطيف سرڪار جي پارکوئن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي پنهنجي وقت تي پنهنجي قلمي پورهئي سبب انتهائي مانائتو مقام حاصل ڪيو جن پنهنجي سڄي زندگي علم و ادب جي ترقي لاءِ وقف ڪري پنهنجو نالو سنڌي ادب منجهه سونهري اکرن ۾ رقم ڪري لکرايو اهڙن اڻوسرندڙ شخصيتن جي موتين جي مالها ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته سنڌي ادب جي سرموڙ، معتبر شخصيت جناب انور پيرزادو صاحب ڏهه سال اڳ هن تاريخ 7 جنوري 2007ع آچر ڏينهن سنڌي ادب کي مالا مال ڪندڙ هي ڏاهو اديب ڪينسر جي انهتائي خطرناڪ مرض ۾ مبتلاٿي زندگي جا 61 سال 11 مهينا ۽ 13 ڏينهن گذاري سنڌي ادب کي پنهنجي سموريون صلاحتين سان نوازي هميشه لاءِ سنڌي اديبن کان موڪلائي وڃي مالڪ حقيقي سان ملات ڪيائين اها تاريخ سنڌي ادب لاءِ هميشه لاءِ ڏک ۽ سوڳوار رهندي ايندي ڇو جو ان تاريخ هڪ شخصيت نه پر هڪ ادارو سنڌي ادب کان کسي ورتو هو ، سنڌي ادب جي هي سگهاري ناليواري شخصيت جنوري 25 سال 1945ع خميس ڏينهن صوفي درويش صفت معزز پيءَ محترم شفيع محمد پيرزادي جي گهر (حاجي لعل بخش شيخ) ٻلهڙجي لڳ مهين جي دڙي واري ڳوٺ ۾ جنم ورتو هن مهان اديب لطيف سائين جي پارکو جي ننڍپڻ ڇٽي جو نالو (محمد پريل پيرزادو) رکيو ويو ، اڳتي هلي پاڻ سنڌي ادب جي دنيا منجهه (انور پيرزادي ) جي ناءُ سان لوڪان لوڪ نالو اهڙو ته نروار ڪيو جو سندس جي ادبي پورهي کي هر ادبي شخصيت ۽ ڏات ڌڻي وڏي عزت جي نگاهه سان ياد ڪري ٿو ۽ ياد رهندو پاڻ پڙهڻ جي وهي چڙهيو ته سندس والدين ڦرهي هث ۾ ڏي ٻلهڙجي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو جتان هن وڏي محنت دلچسپي سان پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽر (سائيڪل ) تي چڙهي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳو جتان سال 1962ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبر منجهه پاس ڪيائين پاڻ سال 1963ع ڌاري سرڪاري ملازمت اختيار ڪندي پرائمري استاد بڻجي مهين جي دڙي ۽ ڀروارن اسڪولن ٽڳڙباغبان اسڪول، کچي کيڙا اسڪول ، حاجي مشوري اسڪول ، شير محمد جوڻيجو اسڪول ، نهايت ايمانداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو پاڻ مسلسل (پنج سال) ان ڪرت سان سلهاڙيل رهيو پاڻ سنڌ جي هن سچي خدمتگار انور پيرزادي صاحب تعليم کي ترجيح ڏيندي سال 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي منجهان پوسٽ گريجوئيٽ جي سند ( انگريزي ادب ) ۾ پڻ حاصل ڪيائين پاڻ ان ئي يونيورسٽي منجهه درس و تدريس جي شعبي سان لاڳاپو رکي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ،سنڌ جو هي عظيم ناليوارو اديب سال 1970ع واري زماني ۾ هو پاڪستان ايئر فورس منجهه پائيلٽ آفيسر طور بهرو ورتو پاڻ ڇهن مهينن جي ٽرينگ ڪري ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ وارو هو ته سندس مٿان (فيلڊ ڪورٽ مارشل ) ۾ بغاوت جو ڪيس مڙهيو ويو ان ڪيس ۾ انور پيرزادي کي سخت پورهئي سان گڏ (ست سال) سزا ٻڌائي وئي ۽ ان زماني ۾ (پشاور سينٽرل جيل ) ۾ رکيو ويو هو سندس کي ستن مينهن جي جيل ڪاٽڻ بعد آزادي ملي ان زماني منجهه هن ڏاهي اديب عظيم انسان جي روزگار (سرڪاري نوڪري ) لاءِ دروازا بند ٿي ويا هئا پاڻ ڪجهه ڪرڻ، عيوض ادبي خدمت ڪرڻ واسطي صحافتي دنيا ۾ پري پاتائين سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار مهان اديب جناب امر جليل ضاحب جي سفارش تي( روزاني هلال پاڪستان ) جي سب ايڊيٽر واري منصب تي ڪم ڪندي نظر آيو تنهن بعد جلدي هلال پاڪستان اخبار مان هٿ ڪڍي (روسي سفارتخاني ) منجهان نڪرندڙ انگريزي (بلٽين ) جو ايڊيٽر پڻ مقرر ٿيو سال 1980ع ڌاري روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب جناب انور پيرزادو صاحب ان ئي سال (ڊان اخبار ) لاڙڪاڻي جو عيوضي مقرر ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو بس صحافتي لڏي سان سلهاڙجي وڃڻ بعد وري سکر مان پڌري ٿيندڙ اخبار (دي اسٽار ) جو پڻ چيف بيورو پڻ ٿيو صحافتي ڪرڻ واري زماني ۾ (ايم _ آر _ ڊي ) هلچل واري وقت ۾ هڪ خبر هلائڻ تي پاڻ سڄا سارا (ڇهه مهينا) ڪاٺ ۾ رهيو پوءِ به هن ايمانداري محنت سچي جذبي سان پنهنجا صحافتي فرض بيباڪ صحافي ٿي نڀائيندو رهيو تنهن بعد مي مهان اديب ، لطيف جو پارکو ، شاعر ، ڪهاڻيڪار ، وقت به وقت سنڌ منجهان نڪرندڙ اخبارن جهڙو دي اسٽار ، روزاني عوامي آواز ، روزاني جاڳو ، روزاني برسات ، سنڌ ٽربيون ، روزاني سنڌ سجاڳ ، روزاني سچ سان به سلهاڙيل رهيو محترم انور پيرزادو صاحب نه رڳو هڪ مهان صحافي هو ان سان گڏ پاڻ هڪ بهترين تاريخدان ، هڪ شاندار آرڪيالاجسٽ ، جاگرافي دان ،سنڌي ٻولي جو ماهر، لطيف سرڪار جو پارکو پڻ هو هن سڄي زندگي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ٻولي ماڻهن سان بي پناهه پيار ڪيو لطيف جي بيتن کي عام ڪرڻ واسطي سندس ڪلام کي جديد فڪري لاڙن بنياد آڌر نئين سر معتارف ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ان کان علاوه لطيف سائين سان سندس عشق بي پناهه هيو پاڻ ڀٽائي سرڪار جي رسالي منجهه شامل بيتن کي صحيح (درست )نموني پڙهڻي ، رسالي ۾ ذڪر آيل حالتن ، واقعن ماڳ ، مقامن بابت کيس کوجنا ڪرڻ جو نهايت دلي لڳاءَ هيس پاڻ کي سونهاري سنڌ سان بي حد پيار هيس سال 1989ع ڌاري نومبر مهيني ۾ جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين (رٻڙ جي ٻيڙي ) تي چڙهي وادي مهراڻ (سنڌو درياءَ ) جو سفر ڪيو پاڻ سيلاني ٿي سنڌ ڌرتي جو چپو چپو گهمڻ ۾ ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪيائين ان زماني ۾ رستا نه هجڻ باوجو هن ( سنڌ جي ڪوهه مري ) گورک چوٽي جو سفر پنهنجن اکين سان ڏسي گهمي فري موٽي آيو پاڻ سنڌ بلوچستان جي حد واري پٽي (ڪتي جي قبر ) جو پڻ سير ڪري کيرٿر جبل پڻ گهميو پاڻ پيرن پنڌ ٿر ءُ سنڌو ڊيلٽا جا تفصيلي گڏ ڪرڻ ۾ پڻ پند ڪيائين هن صاحب ان کان سواءِ سنڌي ڪتابن جا انگريزي ڪتابن ۾ ترجما پڻ ڪيا پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ڪارڪن ۽ ڪراچي منجهه سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهيو ادبي لڏي منجهان ڏهيسر صحافي جناب (ف _م ) فقير محمد لاشاري صاحب ، تاج بلوچ ، محترم بدر ابڙو صاحب ، عبدالرحمن نقاش ، هدايت منگي ، سنڌ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار( منهنجي ادبي دنيا جو استاد ) جناب محمد علي پٺاڻ صاحب ، ڪيهر شوڪت صاحب ، ستار پيرزادو صاحب ، مير محمد پيرزادو صاحب ، سندس گهڻو ويجهو پڻ رهيا ، هن عظيم انسان ڏاهي اديب جي قلم نب جو موضوع سدائين لطيف سرڪار ، سنڌ ، مهين جو دڙو ۽ ٿر رهيا پاڻ زندگي جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي ڏات فن سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي ڪندي اسان کان موڪلائي ويو سندس ادبي قلم جي نب جو پورهيو پڻ لاتعد ۾ ۾ آهي جهڙوڪ ڪتابن مان متان وساريو ، اي چنڊڀٽائي کي چئجان ، سنڌ ، ڀٽائي ، بمبئي ياترا ، انٽرويو ۽ تقريرون ، ان کان علاوه مختلف ڪتاب سندس جا ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن سندس ادبي پورهيو هن نئين نسل لاءِ ادبي ٻرندڙ لاٽ جي مثال پڻ آهي هن مهان شخصيت کي ادبي پورهي کي اڄ به عزت جي نگاهه سان پڙهيو وڃي ٿو سنڌ ڌرتي جي هن ناليواري اديب ، صحافي جي 73 سالگرهه 25 جنوري اڄ ملهائي ويندي سندس جي ادبي ڪمن تي سنڌ جا ناليوارا اديب اڄ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شام پنج وڳي ڌاري انور پيرزادو اڪيڊمي پاران گڏيل طور تي سالگرهه ملهائيندا جڏهن ته سندس جي ڪتاب (سنڌ ) جي ٻئي ڇاپي جي مهورت واري پروگرام ۾ ناليوارا اديب جنهن ۾ شاعر اديب ،امداد حسيني ، ناليواري ڏاهي اديبه مانواري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه ، محترم اعجاز منگي صاحب ، عطيه دائود پوٽه صاحبه ، ناليوارو صحافي اديب نثار کوکر صاحب حصو وٺندا ۽ محترم امر پيرزادو ان پئنل جو ماڊريٽر پڻ هوندو ان کان علاوه هن عظيم ڏاهي اديب جي شخصيت جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهندا ۽ سالگره ملهائيندا

    ڏس پتو:

    پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري350616[​IMG]
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جو سڄڻ ۽ سهڻو ڪردار ... انور پيرزادو ... منهنجو دوست تڏهن ٿيو جڏهن آءُ گلشن حديد ۾ رهندو هيس ... ان کانپوءِ ساڻس گهاٽائپ وڌي جو سائين بابا شمشير جو يار به هيو ... انڪري ويجهڙائپ خانداني ٿي وئي ...
    ويا مور مري ...
    اوهانجي سهڻي ڀيٽا
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو