سياسي فلمون،سسپينس ۽ تماشائي !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    گذريل ڪيتري عرصي کان اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي سياسي اسڪرين تي سسپينس سان ڀرپور جن چوٽيء جي فلمن جا ٽيلر هلي رهيا آهن انهن کي ڏسندي تماشائين جا حيرت وچان وات پٽجيو ۽ ڏندين آڱريون اچيو وڃن.انهن ٽيلرن جيڪر اسان کي پورو پاڳل نه ته اڌ چريو ضرور بنائي ڇڏيو آهي.اهي سين ڏسي سمجھه ۾ نٿو اچي ته ڏند ٽيڙي تهڪ ڏجن يا اوناڙيون ڏيئي روئجي. نه فلمن جو مٿوٿو مغز ۾ ويهي نه پڇ ٿو سمجهه ۾ اچي.نڪا ٿي اسٽوري ڊول ۾ ويهي ۽ نه ئي ٿي هيري ۽ ولين جي خبر پوي.بلڪه هيرو ۽ هيروئن جي سڃاڻپ به نٿي ٿئي.مرحوم سلطان راهيء واريون رڙيون، مصطفيٰ قريشيء واريون ڌمڪيون،پنجابي فلمن واري مارڪٽ ، پشتو فلمن واري ڊانس ، رنگيلي واري مسخري ۽ ننها واري سادگي.مطلب ته “آل ان ون” يا “ون ونڊو آپريشن” يا ”سڀ ڪجهه اوهان جي گھر جي چانئٺ تي“.ويچارن تماشائين جي عقل جو ڪو کر پير لڳي ئي نٿو.خبر ناهي مهمان اداڪارن ڪهڙي ميخاني مان منهن ٻوڙيو آهي جو سندن مستيء مخلوق خدا جون متيون ئي منجھائي ڇڏيون آهن.ان انمول ۽ عقل کان چڙهيل اسٽورين تي اسٽوري ليکڪن توڙي بهترين اداڪاريء جو مظاهرو ڪندڙن کي قومي خزاني مان ڪجهه ڪروڙ ڊالرن جو“ اقامو ”سندن همت افزائيء لاء کين ڏيئي ڇڏجي ته سڙندڙن کي هروڀرو ساڻن سڙڻ ۽ ٻوٿ سڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت ! اسان ته اصل سڙڻ ڇڏي ڏنو آهي جو روڊ تي رڙهندڙ اڪثر ٽرڪن ۽ ٽرالن پويان لکيل ڏٺو اٿئون ته “ جلني والون کا منهن ڪالا”.هونئن به ڪنهن جي قسمت سان ڪهڙي ريس.ڪنهن جي جلون تي جلڻ معنيٰ پنهنجو جيء جلائڻ. مسئلو رڳو اهو آهي جو اهي فلمون جيڪر بنان سينسر جي ايئن ئي سستيون هلنديون رهيون ته اسان جي عقل شريف جو خدا ئي حافظ آهي ۽ شايد اهو وقت جلد اچي وڃي جڏهن اسان جو شمار به انهيء ئي بي فڪر لڏي ۾ ٿئي جن لاء ڊڪشنريء ۾ “پاڳل مخلوق” جو جو خوبصورت لفظ استعمال ٿئي ٿو.پوء بلوچستان جي هردلعزيز اڳوڻي وڏي وزير جناب اسلم رئيساڻيء جي مايه ناز ماهراڻي موقف مطابق؛ “ پاڳل ته پاڳل هوندو آهي پوء اهو اصلي هجي يا نقلي،” سو جيڪر چرين جي نگريء ۾ رهڻ ئي مقدر هجي ته پوء چريو بنجي رهڻ ۾ ئي عافيت آهي. ها،ڀلجي به ڪڏهن پنهن جي سياسي بادشاهن جي ذهني حالت تي شڪ ڪرڻ جي گستاخي نه ڪجو جو سمورا عمل برباد ٿي سگھن ٿا ۽ اوهان جو شمار ڪنهن “ سازشي” ٽولي ۾ ٿي سگھي ٿو. البت جيڪر انهن جي ڪا اونهي ڳالهه اوهان جي عقل ۾ اچڻ کان انڪار ڪري ته ايئن سمجھو ته اوهان جي دماغ جي ڪاربوريٽر ۾ ڪو ڪچرو اچي ويو آهي يا اوهان جي کوپري ڪا خالي لوٽو بڻجي ويئي آهي.اهي اسان جا عالي دماغ جن ۾ دانائيء جا ڌاڻا ڪٽي ڀرپور نموني ڀريا ويا آهن اهي خدانخواهسته دماغي طور تي ڪمزور ڪيئن ٿا ٿي سگھن.انهن جي دانائي ڀريل دليلن ۽ حڪمت ڀريل حرفن کي هضم ڪرڻ لاء عقل جي اونهائي کپي،خوشقسمتيء يا بدقسمتيء سان اسان کي اهڙي اونهائي هٿ چڙهي ئي ڪانهي. اسان وٽ ته صرف هڪڙي ئي اونهائي رهي آهي سا آهي غربت، مصيبت، سورن ۽ بدحالين جي اونهائي جنهن مان اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جي غلطي نه ته انهن مهربانن ڪڏهن ڪئي نه ئي اسان پنهن جو پاڻ کي اڄ تائين پنهن جي ان بنيادي حق کان محروم ڪرڻ جو ڪڏهن ڀلجي به ڪو ارادو ڪيو آهي.سو اهي فلمون مٿو ٻڌي ۽ هٿ جگر تي رکي ضرور ڏسڻيون آهن پوء جمهوريت زنده باد جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا بلند ڪرڻا آهن ته جيئن سمورا “سازشي“ عنصر پنهن جو منهن مٿو پٽڻ تي مجبور ٿي پون ۽ مائي“ جمهوريت“ مخلوق خدا کان پورو پورو انتقام وٺي سگھي.هاڻي اچو ته انهن سياسي فلمن جا ڪجھه انقلابي ڊائلاگ ٻڌون، ڏسون ۽ ياد ڪيون.جناب وڏو ميان صاحب فرمائي ٿو ته سندس نااهليء متعلق ڪيل عدالتي فيصلو عوام هرگز قبول نه ڪري.ويچارو ڪم عقل عوام اهو سمجھڻ کان قاصر آهي ته ميان صاحب خود ته پهرئين ڏينهن عدالت جو فيصلو قبول ڪري،وزيراعظم جي محل مان سڀ ٽين ٽپڙ گول ڪري وڃي جاتي امرا ۾ ديرو ڄمايو ۽ هاڻي وڏي معصوميت سان مخلوق خدا کي عدالتن ڏانهن پٿر اڇلائڻ جون نيڪ صلاحون ڏيئي رهيو آهي.ان جو مطلب اهو نه وٺجو ته عام مخلوق مان به ڪو رستي جي وچ تي بيهي وتي اهو اعلان ڪندو ته بزرگو ۽ ڀائرو! اڄ کان عدالتن جو ڪو حڪم ناهي مڃڻو.ٻيو ڪجھه ڪونه ٿيندو البت آئين ۽ رياست سان بغاوت جي ڏوهه ۾ توهان کي ڦاهي ء جي معمولي سزا ضروراچي ويندي .پر جيئن ته اهڙا اعلان ميان صاحب پاڻ ڪري رهيو آهي ان ڪري “وسيع تر قومي مفاد” ۾ ماٺ ئي بهتر آهي. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انتظامي عهدي تي ويٺل وزيراعظم جناب عباسي صاحب فرمائي ٿو ته عوام کي گھرجي ته اهو عدالت جو فيصلو کڻي ڪنهن رديء جي ٽوڪريء ۾ اڇلائي ڇڏي. ان کي سنڌيء ۾ چئبو آهي ته “ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن.” زبردست...! قانون تي قربان ٿيندڙ ۽ عدالتن جي احترام تان گھور ويندڙ اهڙا دلير وزير اعظم صرف خوشقسمت پاڪستاني قوم جي ئي حصي ۾ اچن ٿا.سائين جن اهو به اعلان فرمائين ٿا ته هو هڪ بااختيار وزيراعظم آهي پر سندس دل جو وزيراعظم صرف ميان نوازشريف آهي.اڃا اهو نه ٻڌايو اٿس ته سندس جيري ،جگر، گردي ،معدي ۽ اکين وغيرهه جو وزيراعظم ڪير آهي؟هوڏانهن ميان صاحب ڏوراپا ڏئي ٿو ته کيس زوريء شيخ مجيب بنايو پيو وڃي اها ته سراسر بي واجبي آهي. هئڻ ته اهو گھرجي جو ميان صاحب کي پنهن جي خوشيء سان شيخ مجيب بڻجڻ جي آزادي هئڻ گھرجي. وزيراعظم فرمائي ٿو ته حڪومت مضبوط آهي ۽ معيشت کي ڪو خطرو ناهي، هر شيء“ اوڪي” لڳي پيئي آهي پر ٻئي طرف سندس دل جو وزيراعظم فرمائي ٿو ته سندس نڪرڻ کان پوء ملڪ جي هر شيء جو خانو خراب ٿي چڪو آهي جنهن جو جواب عدالتن کان ورتو وڃي.هوڏانهن زرداري صاحب فرمائي ٿو ته پنجاب حڪومت آبادگارن جو ساه ڪڍي ڇڏيو آهي ٻئي طرف سنڌ ۾ سندس حڪومت آبادگارن توڙي استادن جا مٿا ڦاڙيندي وتي .خيرآهي، اهي لٺيون ته ايجاد ئي اصول پسند عوام جي مٿن تي وسڻ لاء ٿيون آهن.عمران خان جيڪو ساٿين سميت جنهن پارليامينٽ ۾ ويٺو آهي انهيء ئي پارليامينٽ تي لکين لعنتون وجھي رهيو آهي پرمجال آهي جو اهي پنهنجن پگھارن تان ئي هٿ کڻن. قادري صاحب جن کي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ سمورين خرابين جو ذميوار قرار ڏيندو ٿو اچي انهن کي ئي اڄ پنهن جي ساڄي کاٻي ويهاري، کين حلوا کارائي، کانئن ماڊل ٽائون جي شهيدن لاء انصاف ۾ مدد گھري رهيو آهي. ڳالهه پاڪستان ۾ نظام جي تبديليء جي ڪري رهيو آهي پر مس ڪينيڊا طرفان مليل شهريت جي هار مان به هٿ نٿو ڪڍي. . ريلوي واري رولي جو منتري جيالو سعد رفيق فرمائي ٿو ته ميان نوازشريف وزيراعظم هائوس ۾ رهندي ايترو خطرناڪ نه هو جيترو هو جاتي امرا ۾ خطرناڪ بڻجي چڪو آهي. يعني شينهن پڃري ۾ ايترو هاڃيڪار ناهي جيترو جھنگ ۾! سعد رفيق اهو واضح نه ڪيو ته ميان صاحب مان آخر ڪنهن کي ۽ ڪهڙو خطرو آهي. ملڪ کي خطرو آهي يا مخلوق خدا کي يا وري عدالتن کي؟ فلم جي ان سين جو سسپينس به ٻين سينن جيان برقرار آهي.مخلوق خدا انهيء ئي مسئلي ۾ منجھي پيئي آهي ته عدالتن جا فيصلا مڃجن يا انهن کي رديء جي ٽوڪريء ۾ اڇلائي ڇڏجي؟وزيراعظم جي ڳالهه مڃجي يا سندس دل جي وزيراعظم جي؟پارليمينٽ تي لعنت وجھجي يا پارليمينٽ جي عظمت جا گيت ڳائجن؟ملڪ ترقيء جي راه تي گامزن آهي يا تباهيء جي؟

    آخر ۾ هڪڙو سين پنڊيء واري شيخ سائينء جو شيئر نه ڪرڻ به سازشي عمل ٿيندو. استعيفا جي اتڪي اعلان کان پوء اهو انڪشاف به ڪري وڌائين ته حڪومت 30 فيبروري تائين ختم ٿي ويندي اها 30 فيبروري ڪڏهن ٿي اچي ،اچو ته گڏجي ٿورڙو انتظار ڪيون جيڪر ان جي اچڻ تائين اسان مان ڪو مڪمل پاڳل ٿيڻ کان بچي وڃي ته !
    (روزاني هلال پاڪستان 29 جنوري 2018ع)


    سنڌ سجاڳ بلاگ
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ” پيارو پاڪستان“ فلم فلاپ آهي ... ۽ نه ئي وري مستقبل قريب يا بعيد ۾ ڪا اصلاح نظر ٿي اچي ... ساڳيا اداڪار ۽ ساڳي اداڪاري جاري ۽ ساري رهندي...
    جيئن هڪ پنجابي شاعر چيو آهي ته؛
    الله جنت نصيب ڪري، پاڪستان بڻاوڻ والي،
    سانون سمجهه ڪي بڪري قرباني دي،
    ڇوڙ ڳيا تون ڇريان چلاوڻ والي.
    بهرحال اوهان فلم اسڪرپٽ سمجهي ويا آهيو ... سٺو ليک ..
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    روز روز اهڙيون خبرون ٻڌئي ء ڏسي هاڻ ڪو به سسپينس ڪون ٿيندو آهي ڪا به ڳالهه عجيب ڪان لڳندي آهي،

    سمجهه ۾ اچي نه اچي اها بوريت ترين فلم ڏسڻي پوندي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو