ٻاجهي فقير جون رمزون ۽ راز

'ڪالم' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ٻاجهي فقير جون رمزون ۽ راز
    علي نواز آريسر


    شاعري رُوح جي ميراث آهي ۽ شاعري انسان جي اظهار جو ذريعو هوندي آهي. سنڌ ته آهي ئي شاعريءَ جي سرزمين ۽ سنڌ جو فطري حُسن تخليقڪار آهي، تڏهن ته سنڌ جي هر ڳوٺڙي مان تخليق جا سَلا ڦُٽندا رهن ٿا، ڪهڙو به دَور هُجي، ڪهڙيون به حالتون هُجن، پر سنڌ پنهنجي ڪُک مان هميشه خوبصورت تخليق کي جنم ڏنو آهي، پوءِ اُها تخليق ڪنهن انسان جي رُوپ ۾ هُجي يا وڻن، ٻُوٽن، گُلن گُلزارين جي رُوپ ۾. حُسن جي رُوپ ۾ هُجي يا ادب جي رُوپ ۾. سنڌ هر رُوپ ۾ سٻاجهڙي رهي آهي ۽ انهي سٻاجهڙي سنڌ ۾ ٻاجهي فقير لغاري جهڙن ماڻهن جو جنم يقيناً سڀاويڪ آهي. ٻاجهي فقير لغاري سنڌ جو ڪلاسيڪل شاعر ٿي گذريو آهي، هن ڪافيون، بيت، سي حرفيون، ڏوهيڙا، حسيني ڏوهيڙا، وحدت وارا بيت، مولود شريف، مدح، سينگار جا بيت، سسئي جا ٽيهه ڏينهن ۽ ٻيو ڪلام چيو آهي، جنهن کي سهيڙي سميٽي ناليواري محقق استاد لغاري ”ڪُليات ٻاجهي“ جي صورت ۾ اسان جي سامهون آندو آهي، جنهن لاءِ هُو جس لهڻي. استاد لغاري نهايت ئي محنتي ۽ اورچ انسان آهي، هن ڪيتري عرصي تائين شاهه لطيف جي شرح تي ڪم ڪيو ۽ ان کي 12 سئو صفحن تي شاهه جو رسالو-سِٽ وار سمجهاڻيءَ سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، ان بعد هيءُ اهم ڪم ”ڪُليات ٻاجهي“ اسان جي سامهون آڻي سنڌ جي هڪڙي اهم شاعر کي محفوظ ڪري ورتو اٿس. استاد ڪڏهن ڪنهن اداري تي ڪونه ڀاڙيو. سدائين عشق جي جذبي هيٺ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ادب جي خدمت ۾ مگن آهي. ٻاجهي فقير جي شاعري تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي، هو مجاز جي چوٽ کائڻ کانپوءِ حقيقت ڏانهن مائل ٿيو ۽ پوءِ هن جيڪي واهڙ وهايا آهن، سي سنڌي شاعريءَ جي دامن ۾ بي بها اضافو آهن. هن سنڌيءَ کان علاوهه سرائڪي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ به ڪلام چيو آهي، پر سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن، وٽس لفظن جو اڻکُٽ ذخيرو آهي، جيڪو کُٽي نه ٿو کُٽي، سندس ڪلام کي پڙهندي ايئن پيو ڀاسجي ته درياهه جو وهڪرو آهي جيڪو وهندو پيو وڃي، جنهن کي ڪوبه بند نه ٿو ٻڌي سگهجي. هن وٽ انفراديت گهڻي آهي، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي هن سچل ۽ منصور واري ڳالهه به ڪئي آهي، پر ان ۾ به فقير وٽ نرالائپ آهي، پنهنجو الڳ ڊڪشن آهي. جيتوڻيڪ اسان جي ڪِن مورخن خليفي نبي بخش ’قاسم‘ تي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته اُها اِتي ختم نه ٿي ٿئي، اڃا به ڪيترا اهڙا شاعر آهن، جن وٽ تصوف جو رنگ ملي ٿو، انهن ۾ ٻاجهي فقير لغاري به هڪ آهي. ان حوالي سان استاد لغاري مقدمي ۾ لکيو آهي ته:
    ”فقير کي مجازي محبت جي چوٽ لڳل هُئي، جنهن فقير کي حقيقي عشق جي چاڙهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو. اهڙي ريت يڪتارو به کنيائين، ڪلام جوڙيائين ۽ اُهو ڳايائين.“
    سندس شاعري مجاز کان حقيقت جو پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي، هن جتي مجازي محبت ۾ شاعريءَ جو سمنڊ کيڙيو آهي، اُتي تصوف ۾ به هن وٽ ڪيئي کٽڻهار کِڙيل نظر اچن ٿا، وٽس ٻولي جيتوڻيڪ سادي آهي، پر اظهار جو طريقو نِرالو ۽ وڻندڙ آهي. عشق جي جنهن منزل تي هُو بيٺل نظر اچي ٿو، ان جي بُلنديءَ کي هنن ٻن سِٽن ۾ سمجهي سگهجي ٿو:
    عشق بنا اي مذهب ساري، سمجهه خساري يار! سڀي،
    نينهن بنا جو مارن نعري، سمجهه لهواري يار! سڀي.
    هي ڪهڙو عشق آهي، جيڪو سڀني مذهبن کان مٿانهون آهي؟ اهو ئي اصل عشق آهي، جنهن کيس مجاز مان حقيقت جو پنڌ ڪرايو آهي ۽ مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ’حقيقت تي پُڄڻ لاءِ مجاز جو رستو لازمي پار ڪرڻو پوي ٿو‘ ۽ شايد فقير کي به مجاز جو رستو اُڪرڻو پيو آهي. يا وري سندس ڪافيءَ جي هن بند جي وُسعت ۽ گهرائي کي ڏسجي:
    جنهن کي اُڃايو عشق هو، غمن سندو گلاس ڏيئي،
    پيار مان مئي آبِ ڪوثر، منجهه دهن ڏيندا ڀلا.
    هنن ٻن سِٽن جو ڇيد ڪري ڏسجي، عشق جي اُڃ وارو فلسفو ته سمجهه ۾ اچي ٿو، پر غمن سندي گلاس وارو فلسفو نهايت ئي ڳُوڙهو ويچار آهي.
    ٿا رند سمجهن راز کي، محبوب جي هر ناز کي،
    نانگن ڇڏيو نماز کي، بهشت کان تن بس ڪئي.
    فقير جي سڄي شاعري اسرارن سان ڀري پئي آهي، هر سِٽ ۾ ڪيئي راز آهن جن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ واقعي رندن جو ئي ڪم آهي، محبت جي مام کي سمجهڻ ايترو سوکو به ڪٿي آهي، محبوب جي ناز تي نانگا نمازون ڇڏي ۽ بهشت تان دستبردار ٿيڻ لاءِ آتا هجن، اهڙي عشق کي ڪهڙو نانءُ ڏجي. ساڳيءَ طرح فقير جي مجازي شاعريءَ کي پڙهجي ٿو ته دل مان واهه واهه نڪريو وڃي. آئون چاهيان ٿو ته سندس مجازي شاعريءَ مان به لُطف اندوز ٿجي:
    باز بِرهه جا پاڻ بَڇائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    صدما ڏيئي، ساهه سِڪائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    وار وڙهڻ لئي ور هڻن ٿا، جيئن ڪاريهر ڪر کڻن ٿا،
    ڇاتِي تي ڪئين اَرنگ چڙهائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    ڀِرُون ته تُنهنجا تيز تراريون، ڪجل اکين جو هڻي ڪٽاريون،
    سِتم ڪرين ٿو سَنڌ نِهائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    فقير مٿين سِٽن ۾ محبوب کي ڏوراپو به ڏئي ٿو، پر پيار سان، سَهجائي سان ۽ ميار ۾ به جي پيار هُجي ته اُها ميار به محبوب جي ادا بڻجي ٿي وڃي. ٻاجهي فقير وٽ نه رُڳو تشبيهه جو حُسن آهي، پر وٽس ترڪيبون ۽ استعارا به شاهڪار آهن. هونئن به شاعر فطرت کي ويجهو هوندو آهي ۽ شاعر کي وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ موهي وجهندي آهي ۽ اسان جي هن شاعر وٽ ته پنهنجي وطن جي ولڙين جو واس ڪُجهه ججهو آهي. هن ڪافين ۾ ڪيترائي تجربا پڻ ڪيا آهن، هن جون ڪيتريون ڪافيون هيڪوڻيون آهن، جن ۾ ٿلهه به هڪ سِٽ جو ته بند به هڪ سِٽ جا، ۽ ڪيترين ڪافين ۾ ٿلهه به ٻن سِٽن جو ته بند به ٻن سِٽن جا آهن ۽ ڪيترين ڪافين ۾ وائي وانگر وراڻي به آهي ۽ سندس ڪُجهه ڪافيون ٻن قافين تي مشتمل آهن، انهن ۾ سندس هڪ ڪافيءَ جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو:
    چوڪس چوڪيدار ڏِسي، ڏِيل مُنهنجو ٿو ڏَري ڏَري!
    خبر کرن کي ڪانه پوي، تُون اچجان دلبر هَري هَري!
    ٻاجهي فقير سُونهن جو معترف شاعر آهي، هن جتي محبوب جي سُونهن جا جلوا پسايا آهن، اُتي هيءُ ڌرتيءَ جي سُونهن کان به غافل ناهي رهيو ۽ ڌرتيءَ جو جوڌو ٿي اُن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ آتو ٿو ڏسجي، اهڙو عڪس سندس هن ڪافي ’سنڌ جو ترانو‘ مان پسي سگهجي ٿو:
    تُنهنجي ترقي مُنهنجي راحت، مُنهنجي محنت تُنهنجو مانَ،
    سوني رَتِي تُنهنجي ڌرتي، تُنهنجي شُهرت مُنهنجو شانَ،
    ڪندس حفاظت ساڻ صداقت، تُون آن مُنهنجو دِين ايمانَ،
    غيرتمند مُجاهد ’ٻاجهي‘، تو مٿان قُربانَ سنڌ!
    ٻاجهي فقير ڪافين کان علاوهه ’وحدت وارا بيت‘ به شاهڪار لکيا آهن، جيڪي تقريباً وراڻيءَ وارا بيت آهن:
    هي اُٺ نه اُٺن جهڙا، نڪا مَيَن کي مُهار،
    نڪي ناڪيليُون نَڪن ۾، نڪا توڏن جيئن تنوار،
    آڻي هِن ڀنڀور ۾، جي ڏيکاريا مُون ڏاتار،
    ٻاجهي سڀ ڄمار، مَنان مُور نه وِسريا.
    هن بيت کي پڙهي سندس شاعريءَ جو تعين ڪري سگهجي ٿو. هن شاهه سائينءَ جي سُورمين مان وڌيڪ سسئي کي ڳايو آهي، اِهو سندس مشاهداتي اک جو ئي ڪمال آهي، جو سسئي جي ڏُکن، ڏاکڙن هن کي وڌيڪ ستايو هوندو، ڇاڪاڻ جو ٻاجهي فقير سنڌ جو مارو ماڻهو هو، جنهن نه رُڳو پاڻ ڏُک سٺا هوندا پر هن ته سڄي سنڌ جي ڏُکن کي پنهنجين اکين سان ڏٺو هوندو. هن جي سڄي شاعري سون آهي، ان تي ڳالهائجي ته الائي ڪيترا ڪاڳر ڪارا ٿي سگهن ٿا، پر آئون چاهيان ٿو ته پڙهندڙ خود سندس شاعريءَ کي پڙهن ۽ اُن جو پاڻ ئي تعين ڪن ته وڌيڪ بهتر رهندو. ڪُليات ٻاجهي کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، ان جي ترتيب ۽ سِٽاءُ به بهترين رکيو ويو آهي، جيئن پڙهندڙن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.

    https://web.facebook.com/nawaz.arisar/posts/1761659313865390
     
    نثارابڙو ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    باجهي فقير جون رمزون ۽ راز روح کي راحت بخشيندڙ آهن
     
    عبيد ٿھيم ۽ مير سردار چنڙ هيء پسند ڪيو آهي
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    باز بِرهه جا پاڻ بَڇائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    صدما ڏيئي، ساهه سِڪائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    وار وڙهڻ لئي ور هڻن ٿا، جيئن ڪاريهر ڪر کڻن ٿا،
    ڇاتِي تي ڪئين اَرنگ چڙهائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
    ڀِرُون ته تُنهنجا تيز تراريون، ڪجل اکين جو هڻي ڪٽاريون،
    سِتم ڪرين ٿو سَنڌ نِهائي، پوءِ به پُڇين ٿو خير ته آهي؟
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو