قصور واقعو ۽ ملڪ ۾“ڊارڪ ويب” جو پڙاڏو.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    قصور ۾ نياڻي زينب سان ٿيندڙ دردناڪ واقعي جتي پاڪستان ۾ ٻين ڪيترن ئي بحثن کي جنم ڏنو آهي اتي “ڊارڪ ويب” جو اصطلاح به اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ وڏي بحث ۽ تشويش جو سبب بڻيل آهي.ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جي به کوٽ ناهي جيڪي خبر ناهي ڪهڙي سبب “ڊارڪ ويب” واري معاملي کي صرف افسانو قرار ڏيئي رهيا آهن.پر حقيقت اها آهي ته “ڊارڪ ويب” به ان طرح ئي موجود آهن جهڙيء طرح ٻيون عام ويب سائيٽس جن کي اسان مان گھڻا روزانو استعمال ڪن ٿا. جن کي “سرفيس يا برائيٽ ويب” جو نالو ڏنو وڃي ٿو.البت يقين سان اهو چئي نٿو سگھجي ته ڪيترا پاڪستاني “ڊارڪ ويب“ استعمال ڪن ٿا ۽ انهن ذريعي ڪهڙيون سرگرميون سرانجام ڏين ٿا.منهنجي خيال ۾ سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر شاهد مسعود واري ڪيس ۾ جيڪا جي آئي ٽي جوڙي آهي شايد انهيء جي مڪمل جاچ ۽ رپورٽ اچڻ کان پوء ئي ڪجھه سامهون اچي سگھي. بهرحال هن وقت اسان ٻئي ڪنهن بحث ۾ ڦاسڻ بدران صرف اها سراسري ڄاڻ شيئر ڪرڻ گھرون ٿا ته “ڊارڪ ويب ” ڇا آهي ۽ اهو سرشتو ڪيئن ڪم ڪري ٿو.گڏوگڏ نيٽ استعمال ڪندڙن خاص ڪري نوجوانن کي اها تنبيهه به ضروري آهي ته اهي ان قسم جي ويب سائيٽس جي تلاش کان بلڪل پري رهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن اتفاقي مصيبت ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش نه ڪن ڇوته گندگيء جي ڀرسان گذرڻ سان به ڪپڙا گندا ٿي سگھن ٿا.
    ”ڊارڪ ويب” ورلڊ وائيڊ ويب جو اهو حصو آهي جنهن تائين پهچڻ لاء ڪنهن خاص سافٽ ويئر جي ضرورت پوي ٿي. انهيء اوزار ذريعي ان قسم جي ڪنهن به ويب سائيٽ ۾ هڪ دفعو داخل ٿيڻ بعد برائوزر ذريعي ان ويب سائيٽ جي سمورين سروسز تائين پهچ ايئن حاصل ڪري سگھجي ٿي جيئن اسان هنن عام ويب سائيٽس جي سهوليتن تائين هڪ عام برائوزر ذريعي پهچندا آهيون.
    تنهن هوندي به ڪجهه ويب سائيٽس ايتريون ته موثر نموني “لڪيل” هونديون آهن جو ڳولا ڪندڙ سافٽ ويئر ( سرچ انجن) انهن تائين نه پهچي سگھندا آهن ان ڪري اهڙين سائيٽس کي سرچ ڪري نٿو سگھجي. انهن تائين صرف ان صورت ۾ پهچي سگھجي ٿو جڏهن اهڙين سائيٽس جي ايڊريس معلوم هجي.انهن ڊارڪ ويبس ذريعي خاص مارڪيٽون به ڪم ڪن ٿيون جن کي “ ڊارڪ مارڪيٽون” چيو ويندو آهي جن ۾ مکيه طور تي غيرقانوني شيون جهڙوڪ هٿيارن ۽ منشيات وغيره جو ڌنڌو ڪيو وڃي ٿو ۽ جتي پئسن جي ڏيتي ليتي ڪرپٽو ڪرنسي جهڙوڪ “ بٽ ڪوئن” ذريعي ڪئي وڃي ٿي. بدقسمتيء سان انهن ويب سائيٽس ذريعي “قتل مارڪيٽون” به ڪم ڪن ٿيون جن ذريعي ويب سائيٽ استعمال ڪندڙ ڪنهن کي قتل ڪرائڻ لاء پئسا ادا ڪندا آهن.
    ڊارڪ ويب سائيٽس جي لڪيل هئڻ ۽ انهيء کي استعمال ڪندڙ جي سڃاڻپ نه ڪري سگھڻ جي ڪري، اها انهن سڀني گروهن لاء محفوظ جاء آهي جيڪي حڪومتن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کان آن لائين لڪيل ۽ اڻ سڃاتل رهڻ چاهين ٿا. اهي ويب سائٽس افواهه ۽ انتشار ڦهلائيندڙ ٽولن پاران صحافين سان رابطو ڪرڻ لاء به استعمال ڪيون وڃن ٿيون پر وڏي پيماني تي هن قسم جون ويبس انساني سمگلرس،دهشتگردن ۽ ٻين سنگين ڏوهارين طرفان پنهن جون سرگرميون ۽ ڏيتيون ليتيون محفوظ ۽ خفيا رکڻ لاء استعمال ڪيون وڃن ٿيون.
    عام ويب ايڊريسن جي ڀيٽ ۾ هنن ويب سائيٽس ۾ “ اونين” ايڊريسون استعمال ٿين ٿيون جيڪي ويب سائيٽ تي موجود مواد کي وڌيڪ مشڪل ۽ محفوظ بنائين ٿيون.انهن ۾ سرچ لاء ڪيترائي خاص قسم جا سرچ انجن ايجاد ٿيل آهن. پر اهو سمجھڻ غلط ٿيندو ته اهڙي ويب استعمال ڪندڙ بلڪل ئي اڻ سڃاتل هوندو آهي.جيڪر ڪو ان ويب سائيٽ تائين پهچي ٿو ته ويب سائيٽ انهيء جي باري ۾ ايتري معلومات رکندي آهي ته ڪير ويب سائيٽ تي“ لاگ ان” ٿيو آهي ڇو ته اهڙي معلومات“ يوزر” طرفان اڪائونٽ کولڻ وقت اڳ ئي شيئر ٿيل هوندي آهي جيئن يوزر جو نالو ۽ ايميل ايڊريس وغيره.جن کي بلڪل ئي اڻ سڃاتل رهڻو هوندو آهي ته انهن کي اڻ سڃاڻپ جون خاص سروسز استعمال ڪرڻيون پونديون آهن.
    انهن ويب سائيٽس جي مفت نه هئڻ ۽ انهن لاء رقم ادا ڪرڻ جي شرط سبب اهي ويب سائيٽس عام ماڻهن جي پهچ کان پري رهيون آهن.انهيء مشڪل کي “ بٽ ڪوئين” آسان ڪري ڇڏيو آهي. “ڪارنيگي ميلن رسرچرس” سان تعلق رکندڙ ماهرن “ ڪائيل سوسڪي” ۽ “نڪولس ڪرسٽين” جي تازي تحقيق موجب ڊارڪ ويبس تي ساليانو 100 آمريڪي ڊالرن جو منشيات جو ڌنڌو ٿئي ٿو. جن مان اٽڪل سموري ڏيتي ليتي “بٽ ڪوئين” ذريعي ٿئي ٿي. “بٽ ڪوئين کي” ڊارڪ ويب تي ٽريس ٿيڻ کان بچاء لاء هڪ خاص ۽ موثر ٽيڪنالاجي ايجاد ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا جن مان هڪڙو “ ٻٽ ڪوئين لانڊري” آهي جيڪو “ بٽ ڪوئين“ جي مٽا سٽا کي موثر ۽ مڪمل نموني خفيا رهڻ جي قابل بنائي ٿو.انهيء ۾ شڪ ڪونهي ته انهن سائيٽس کي قانوني ڌنڌن لاء به استعمال ڪيو وڃي ٿو پر انهن ويبس جي اڪثريت غيرقانوني سرگرمين سان ڳنڍيل آهي.انهن سائيٽس ذريعي نه رڳو غيرقانوني هٿيارن جو ڪاروبار ٿئي ٿو پر اهي جعلي باسپورٽس خريد ڪرڻ،هيڪرز جون خدمتون ڪرايي تي وٺڻ،پرتشدد ۽ جنسي زيادتين جون فلمون سڌو سنئون ڏسڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي گندين سرگرمين لاء استعمال ڪيون وڃن ٿيون. “ڊارڪ ويب” جو هڪ شرمناڪ حصو دنيا جي انهن دولتمند ماڻهن جن جو ذهني توڙي اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو نڪري چڪو آهي يا ايئن چئجي ته مخبوط الحواس قسم جا ماڻهو جيڪي انهن ويبس ذريعي پرتشدد منظرن خاص طور تي ٻارڙن سان جنسي زياديتن ۽ تشدد جا منظر Violent Child Pornography سڌو سنئون ڏسي انهن مان لطف اندوز ٿين ٿا ۽ پئسن جي ٻولي لڳائي مختلف قسم جون غيرانساني ۽ غيراخلاقي حرڪتون ڪرڻ جون فرمائشون به ڪن ٿا.
    توڙي جو“ ڊارڪ ويبس” قانون نافذ ڪندڙ ۽ خفيا ادارن جو ڪم وڌيڪ مشڪل بنائي وڌو آهي تنهن هوندي به انهن کي ڪيترين ئي اهڙين ويب سائيٽس تائين پهچڻ ۽ انهن جي استعمال ڪندڙن ۽ انهن پويان ڪم ڪندڙ گروهن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي.انهن مان سڀ کان مشهور مثال “ روز البرچٽ ” جي گرفتاري آهي جيڪو منشيات جي مارڪيٽن “سلڪ روڊ” جي پويان ڪم ڪري رهيو هو.وڌيڪ تازو مثال انهن ٻن ماڻهن جي گرفتاريء جو آهي جن کي “ايف بي آئي ” ڊارڪ ويب تي ٻارن سان زيادتيء جي هڪ سائيٽ هلائڻ جي ثبوت ۾ گرفتار ڪيو.ايف بي آئي عملدارن جي چوڻ مطابق هاڻي انهن وٽ کوڙ ساريون مهارتون آهن جن ذريعي اهي اڻ سڃاتل ۽ نامعلوم يوزرس ۽ سندن حقيقي نيٽ ايڊريسن تائين پهچي سگھن ٿا.
    (روزاني عوامي آواز 8 فيبروري 2018ع)
     
    عرس پريو ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو