شاعريء جي زبان ؛ لھر ٿي جاڳي ڪري ٻي لھر ۾، ( حسن درس)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    [​IMG]

    حسن درس
    لھر ٿي جاڳي ڪري ٻي لھر ۾،
    ڇو سمندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    رات جي ڏيئي ۾ جاڳن ٿا جنم،
    گھنڊ مندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    زندگي، ڪيڏي ذلالت، شڪستون،
    تون سڪندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    ٻھر ڪيڏو اڄ مسافر مينھن آ،
    منھنجي اندر، ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    جاڳ جي ٻيڙي ته پرزا ٿي چُڪي،
    شاھ بندر ڇو ڀلا سمھين نٿو؟

    گھر ته ڀاتين سان سُتو آ ڀاڪرين،
    کڙڪندڙ در، ڇو ڀلا سمھين نٿو؟
     
    دائود ميربحر، saranghabib ۽ منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو