گهوٽڪي جو گهوٽ سخي سردار محمدڻ فقير گهوٽو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Arif Mohyal طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2018۔

  1. Arif Mohyal

    Arif Mohyal
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 فيبروري 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    چيف سردار محمود خان گهوٽو
    المعروف
    سخي سردار محمدڻ فقير گهوٽو صوفي القادري سروري قلندر
    Chief Sardar Mehmood Khan Ghoto Alias
    Sardar Mohamadan Faqeer Ghoto
    سنڌ ڀلاري ڀونء پنهنجي ڪُک مان اهڙين هستين کي جنم ڏنو آھي ، جن پنهنجي ڪردار ۽ اشعار ذريعي هتان جي ماڻهن کي محبت ، انسانيت ۽ امن جو پيغام ڏنو آھي، انهن مان اسانجو هادي رهبر گهوٽڪيء جو گهوٽ ، سنڌڙي جو سينگار شھنشاه سخي سردار محمدڻ سائين جن پڻ ھڪ آھن ۔
    پاڻ سائين جن تعلقي گهوٽڪي جي مشھور ۽ ست صديون پراڻي تاريخي ڳوٺ حُسين ٻيلي ۾ گهوٽا قبيلي جي سرداري خاندان ۾ سردار ستار بخش خان گهوٽو جي گهر 1912ع ۾ تولد ٿيا ۔
    ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائون ، قرآن شريف ۽ عربي فارسي جو علم شڪارپور جي قبا جامي جي مدرسي مان پرايائون ۔ پاڻ اڃان ٻار هئا تہ سندن والد سڳورو وصال ڪري ويو ، انڪري ننڍي عمر ۾ کين سرداري جي پڳ پڌائي وئي ۔پاڻ پنهنجي والد صاحب جا اڪيلا فرزند هئا ۔

    سنڌ جو مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت صوفي محمد فقير گهوٽو سندن سهرو ۽ سڳو ماسات هو۔ انهن جي صحبت سان پاڻ خانيء وارا خيال ختم ڪري فقيري ۽ رندي راه جا راهي ٿيا ۔
    ۽ سنڌ جي صوفي القادري قلندري سلسلي سان سلهاڙجي شھنشاه سيد قلندر علي شاه وڳڻائي جي بلند مقام طالب فقير شھنشاه پيرل فقير عباسي جا دست بيعت طالب ٿي قلندري جي مقام تي وڃي پهتا ۔

    پاڻ سائين جن قرآن پاڪ جو هر روز ختم پورو ڪندا هئا ۔ پاڻ فرمايائون تہ اسان پنهجي زندگي ۾ قرآن پاڪ جا يارهن هزار کان مٿي ختم پڙھيا آھن ۔
    سائين جن تمام گهڻا مهمان نواز ، قربدار ۽ ٻاجهاري طبيعت جا مالڪ هئا ۔ سخاوت ۾ تہ حاتم بہ سندن مٽ نہ ٿيندو ، الله جي راه ۾ هزاري ايڪڙ زمين ۽ ملڪيتن جو مڏيون غريبن ، مسڪينن ۽ بيواهن ۾ ورهائي ڇڏيائون ۔ سوالي سندن در تان ڪڏهن بہ خالي نہ ويو ۔ايتري تائين جو لڱن جو لباس بہ لاهي انهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا ۔

    لباس ۾ سلوار قميص ۽ ان جي مٿان گلابي الفي پائيندا هئا ۔ سر مبارڪ تي اڪثر گيڙو ويس ٻڌندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن اڇي ، بوسڪي ۽ ڪاري دستار مبارڪ پائيندا هئا ۔

    شروع جواني۾ سياست ۾ حصو ورتائون پر بعد ۾ ڇڏي ڏنائون ۔ ڪيترن ئي وڏن سياستدانن ۽ سردارن سان تعلق هُين جن ۾ پير پاڳارو ، ذوالفقار علي ڀٽو ، جي ايم سيد ، سردار غلام محمد خان مهر ، سردار دادن خان ۽ نور محمد خان لُنڊ ، سردار سُندر خان سندراڻي ، سردار علي مردان خان چاچڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي سردارن سان سندن گهرو تعلق رهيو ۔

    پاڻ سڳورا هنڌ ۽ سنڌ جو سڀئي درگاهون گهميا ۔ ۽ ڪيترائي وڏا وڏا اهل الله ، صوفي ۽ شاعر سندن همعصر رهيا جن سان سندن اڪثر ملاقاتون ۽ روح رهاڻيون جاري هونديون هيون ، جن ۾ انور شاه بخاري ، غمدل فقير دايو ، داتا ولايت شاه جيلاني ، وريل فقير ابڙو ثاني ، اظھر شاه گيلاني ، مبارڪ شاه جيلاني لوء صاحبان وارو ، نماڻو فقير گهوٽو ،محمد فقير کٽياڻ ، دوست علي فقير کٽياڻ ، جانڻ فقير چن ، سائين محمد فقير گهوٽو ، حضورڻ سائين ،اعجاز شاه راشدي ،سائين نور شاه امام ڀُنگ وارو، محب فقير ٽالپر ۽ ٻيا ڪيترائي درويش شامل آھن ۔

    پاڻ سڳورن کان ڪيترن ئي فيض جي اڃارن فيض ورتو ۽ سندن رنگ ۾ رنگجي ريٽا ٿيا ۔ سندن شاعري سنڌي، هندي ، سرائڪي،اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ قلمي صورت ۾ آھي ۔ شاعري ۾ حسن ، عشق ، سولي ، هجر ، فيراق ، وصال ، سڪ ، سوز ۽ ھم اوست جو رنگ نمايان نظر ايندو ۔ سندن پيغام پيار محبت ، انسانيت ، هيڪڙائي ۽ وحدانيت آھي ، سندن هڪ ڪافي جون ڪجھ سٽون ڏجن ٿيون جن ۾ انسانيت جي اعليٰ هجڻ جي ڳالھ آھي :

    انسان سبحان اعظم شان ،
    چوني بيچوني انسان اعليٰ ۔
    ڪٿي ادريس الياس آثار ٿيا،
    ڪٿي يعقوب يوسف دلدار ٿيا،
    ڪٿي اسماعيل اسحاق ذبح دار ٿيا،
    خوني صيهوني انسان اعليٰ ۔

    عاشقن ٿيڻ جي باري ۾ فرمائن ٿا :

    جي ڀانئين عاشق ٿيان تہ پرواني جيان پچ ،
    دونهون دُکائي درد مئون برھين ٻار مچ ،
    محمدڻ پوء اچ ، منصوري ميدان ۾ ۔

    دل جي حقيقت بيان ڪندي فرمائن ٿا :

    دل جو ڪتاب ڪافي عاشق جي آ ڏسڻ لئہ ،
    مظھر سڄو سمايل آ پاڻ کي پسڻ لئہ ،

    اهڙي طرح پاڻ ڪڏهن جذب ۽ جلال جي ڪيفيت ۾ اچي منصوري جي موج ۾ اناالحق ۽ من خدايم جا هوڪا هلائيندا هئا ۔ جيئن هڪ ڪلام جي ٿلھ ۾ فرمايو اٿئون ۔

    اصل آهيان اُھوئي الله ،
    برقعو پائي ڀيد ڀُلايم ۔

    سندن پيغام ۽ شاعري کي عام ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي جيڪا جلد کان جلد انشاالله پڌري ٿيندي ۔

    پاڻ سڳورن 13 فيبروري 1997ع جو اسر جي وقت هن فاني جهان مان وصال ڪري بقائي ماڻيائون ۔ پاڻ ۽ محمد فقير گهوٽو جن هڪئي روضي پاڪ ۾ آرامي آھن ۔ سندن عرس مبارڪ 21 ، 22 ، 23رجب تي درگاه حسين ٻيلي شريف تي خاص عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آھي ۔ سندن فرزند ارجمند فقير شھنشاه سردار ارشاد علي خان گهوٽو پڻ ساڳي راه تي گامزن آھن ۽ ھر جمعي جي رات مغرب کان درگاه پاڪ تي وڏي عقيدت سان محفل مچائيندا آھن ۔ جن ۾ اوري پري کان عقيدتمند اچي روحاني راحت حاصل ڪندا آھن ۔

    حق موجود
     
    آخري ترميم: ‏8 مارچ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو