ناميارو شاعر ۽ موسيقي جو ڄاڻو سوز هالائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين
    اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين

    ناميارو شاعر ۽ موسيقي جو ڄاڻو
    سوز هالائي
    به لاڏاڻو ڪري ويو.

    انا لله و انا اليه راجعون ....

    سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ اديب سوز هالائي اڄ صبح نائين وڳي 81 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.
    سوز هالائيءَ جو جنم 05 ڊسمبر 1937 ۾ پراڻي هالا ۾ ٿيو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پنج ڪتاب لکيا جن ۾ رنگ رتا پچرا، مشهور راڳي استاد محمد جمن جي حوالي سان ڪتاب ڪاروان وس ڪيام، سندس آتم ڪٿا ڪوي جي ڪٿا ۽ سندس تازو ڇپيل ڪتاب ساز ۽ آواز شامل آهن. ان کانسواءِ سندس شاعري ريڊيو پاڪستان تان سنڌ جي مشهور راڳين جهڙوڪ استاد فيروز علي خان، فوزيا سومرو ۽ ٻين ڳائي هئي.
    سوز هالائي هالا پراڻا جي هڪ غريب گھراڻي ۾ 5 ڊسمبر 1937ع تي پيدا ٿيو. ان جو خاندان مالي طور قلاش ضرور هو، مگر علمي ۽ تهذيبي طرح بيحد خوشحال هو. سوز صاحب جي والده ماجده کي ڀٽائيءَ جو پورو رسالو ياد هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ فن موسيقيءَ جو ماهر هو.
    اهڙي تهذيبي ماحول ۾ جناب سوز اک کولي ۽ کيس ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ موسيقي جو فن وراثت ۾ مليو. نتيجي ۾ پاڻ شاعر ٿي ويو. سندس موسيقي شناسيءَ جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ انهن چند شخصن ۾ شمارجي ٿو جن کي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي مڙني باريڪين، سر ۽ تال تي دسترس حاصل آهي. سندس پنهنجي شاعري سر ۽ ردم جو انوکو امتزاج آهي، تنهن ڪري ان کي آسانيءَ سان ڳائي سگھجي ٿو.
    سوز پنهنجي خاندان جو پهريون شخص آهي، جنهن پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. پاڻ سنڌي فائينل امتيازي نموني پاس ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ جي سگھه نه هئي، سو نوڪري لاءِ هٿ پير هنيائين. مگر ناڪام رهيو. سو پيٽ گذر لاءِ هن مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. بهرحال هن پڙهائيءَ جو ڪم جاري رکيو. پراڻن هم ڪلاسين جي مدد سان هن انگريزي سکي، ۽ ائين خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ امتحان ڏيندو رهيو. ۽ آخر ۾ ايم اي سنڌي ۾ پاس ڪيائين. ان دوران کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويئي. جتان پاڻ چند سال اڳ ريٽائر ڪيو اٿائين. ۽ هن وقت وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. ائين چئجي ته سوز هڪ وڏو جاکوڙي شخص آهي.
    پاڻ پهريون شعر ان وقت لکيائون، جڏهن سندن عمر ٻارهن سال هئي. باقاعده شاعري ويهين صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي وچ ۾ شروع ڪيائين. ائين هڪ وڏي عرصي کان هو شعرن جي گلن سان فضا کي معطر ڪري رهيو آهي. ا98ا ع ڌاري سندس پهريون شعري ڳٽڪو ”رنگ رتا پيچرا“ شايع ٿيو. ٻيو مجموعو ”درشن ڌارو ڌار“ اٿس. ڪجھ سال اڳ سندس نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ڇپيو هو. ان ڪتاب ۾ سوز صاحب استاد محمد جمن جي شخصيت، فن، همعصرن ۽ دؤر تي لکيو آهي. يقينن اهو ڪتاب موسيقيءَ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ اهم دستاويز آهي. ان کان علاوه هو مختلف گائڪن، سازندن وغيره تي سوانحي خاڪا به لکي انهن کي تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڪري ڪتاب ” ساز ۽ آواز“ ڇپايو اٿس. سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪوي جي ڪٿا“ به آيل آهي.
    سوز صاحب نه صرف سنڌي ۾ پر اردو ۾ به ڪافي لکيو آهي، ڪافي غزل ۽ گيت اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ جو دروازو هميشه کليو رکيو آهي. هاڻي هن جي اڱڻ تي ٻه گلاب جا گل ٽڙيل آهي، جيڪي ڪوثر ۽ جاويد جي روپ ۾ خوشبو ڦهلائي رهيا آهن.
    پاڻ اڄ صبح جو هن فاني دنيا کي ڇڏي ويا.

    حبيب سنائي جي ٿورن سان.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    سوز هالائي

    بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين
    اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين

    ڏکڻ جي هير ٿڌڙي ۾ ملي وڇڙي وياهاسين
    اتر جي اوت ۾ پيارا پرين پڪ ڄاڻ ملنداسين

    الاجي ڇو نه ٿيون دل کي وڻن چانڊوڪيون راتيون
    اسين تارن جي ڇڻيل ڇاٽ ۾ تو ساڻ ملنداسين

    لڪائي لڙڪ اينداسين سجائي مرڪ وينداسين
    ڏئي نيڻن کي نئين سر نينهن جي نرواڻ ملنداسين

    ڪهين نا آشنا وانگر ڀلائي تو ڇڏيو جيڪر
    ته پوءِ مٺڙا محبت جا ڏئي اهڃاڻ ملنداسين

    حياتيءَ جي وفا ڪئي ”سوز“ پوريون حسرتون ٿينديون
    جي ملنداسين ته محبت کي ملهائي پاڻ ملنداسين

    ڪتاب ”رنگ رتا پيچرا“ مان ورتل
     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ناليوارو شاعر سوز هالائي به رسي ويو [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    بهارن ۾ نه ملياسين ،خزان ۾ هاڻ ملنداسين

    اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين .

    سنڌ جنت نماءَ ڌرتي جو اهو ٽڪرو صدين کان آباد آهي جنهن جي هر ڳوٺ، شهر ،وستي واهڻ جهر جهنگ ڪنهن نه ڪنهن ادبي صفت واري شخيصت سان سرشار نظر ايندو سنڌ جي هاڻوڪي مٽياري ضلعي جي پراڻي شهر جي هالا کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر ڪيترن ئي ناليوارن سياستدانن ، شاعرن ، سگهڙ، علمي ،ادبي ، ثقافتي ،سماجي شخصيتن کي هر دور ۾ جنم پئي ڏنو آهي جنهن پنهنجي فهم فضيلت ،همن ڪارن ۽ ڪردار سان پنهنجي شهر جو نالو ادبي دنيا ۾ نمايا طور ظاهر ڪيو آهي اهڙين شخصيتن منجهان هالا پراڻي جي نيڪ مرد محمود ڀنڀرو کي 5ڊسمبر سردي جي موسم سال 1937ع آچر ڏينهن سوز هالائي نالي ٻار جنم ورتو جنهن جي ڇٽي جو نالو (الهڏنو ڀنڀرو ) رکيو ويو پاڻ اڳتي هلي سڄي سنڌ جي ادبي لڏي ۾ وري (سوز هالائي ) سان سڃاتو ويندو هو ۽ انهي نالي سان مشهوري ماڻيائين پاڻ نصابي تعليم پرائڻ جي لائق بڻيو ته سندس والد محمود ڀنڀرو صاحب گهري دلچسپي وٺندي پنهنجي جگر جي ٽڪري پياري پٽ الهڏنو ڀنڀرو کي هالا پراڻا جي مدرسي محمديه اسلاميه ۾ پڙهائڻ واسطي ويهاريو جتان هن جي ننيگر نهايت شوق سان شروعاتي تعليم پرائي ، تنهن بعد هن سنڌي فائينل جي امتحان پاس ڪرڻ جي همٿ نه هاري پاڻ سال 1950ع ڌاري گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا پراڻن مان سنڌي فائينل جو امتحان به پاس ڪيائين تنهن بعد اديب سنڌي ، اديب عالم جا امتحان 1965ع ڌاري اورينٽل ڪاليج هالا منجهان مئٽرڪ جو امتحان به بهترين نمبرن ۾ پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم جي شوق کي پورو ڪندي گريجوئيٽ سال 1972ع ۽ پوسٽ گريجوئيٽ يعني (ايم _ اي سنڌي ادب ) ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سال 1974ع ۾ پاس ڪري ڊگري حاصل ڪيائين انهن سڀني تعليمي ڊگرين حاصل ڪرڻ بعد قانون جي ڊگري (سند ) حاصل ڪرڻ جي شوق ٿيس پوءِ حيدرآباد جي (لا ڪاليج ) منجهان سال 1975ع ڌاري ايل _ايل _بي جي سند به حاصل ڪيائين تنهن بعد پيٽ گذر جي لاءِ سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳي ويو ٿورڙي عرصي ۾ رونيو کاتي سان سلهاڙجي وڃي (تپيداري ) واري نوڪري اختيار ڪري گورنمينٽ ملاز بڻيو،تنهن بعد رونيو کاتي ۾ ڪلارڪي پاري پوسٽ تي ڪم ڪندي نظر آيو ان کان علاوه جيلر ۽ آخرڪار ترقي ماڻيدي اسسٽنٽ مختيارڪاري واري اهم ذميواري تان سرڪاري عمر پوري ٿيڻ تي رٽارڊ ٿيو الهڏنو العروف سوز هالائي سال 1963ع ڌاري پنهنجي من جو آواز شاعري واري صورت ۾ عام لوڪ تائين پهچائڻ ۾ ظاهر ٿيو شاعري جي وزن بهر ۽ ٻين گرن کان سندس (استاد غلام الرسول ابڙو ۽ غلام علي هالائي ) کان رهنمائي حاصل ڪندي ڪندي وڏي منزل ماڻيائين سوز هالائي شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ غزل ، وائي ، گيت ، ڪافي ، ۽ ٻين رنگن کي پنهنجي من جي آواز سان سينگاريندي سينگاريندي سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪندي نظر آيو پاڻ پنهنجي زباني عام خلق کي شاعري واري زبان ۾ ٻڌائي ٿو ته

    ايذائن جي انسانن کي آڳ لڳي تن ايوانن کي ،

    واٽ وڃي ٿي ويرانن ڏي ڪير ٻڌائي بيگانن کي ،

    هت سڀئي زخميزخمي ڪيئن سجائن گدانن کي ،

    ماڻهو اهي ئي مهان ٿين ٿا روڪن ٿا جي طوفانن کي .

    سوزهالائي هميشه پنهنجي من جو آوازهميشه سوز سان ڪڍي وڏو نالو نروار ڪرايائين سندس کي عوامي نمائنده شاعر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي سندس شاعري جي ڪيترائي ڪلام ريديو پاڪستان تان نشر ٿيندي عوامي داد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن سنڌ جي هر گلوڪار ،فنڪار سندس شاعري کي ڳائي پنهنجو نالو مشهور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن سندس اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان شاعري وارا ڪلام نشر ٿيندا رهن ٿا سندس شاعري جو دائرو رڳو ريڊيو پاڪستان تائين محدو ناهي مڱر سندس شاعر کي ٽيليويزن پاڪستان وقت به وقت ٽيلي ڪاسٽ ڪندي رهي آهي سوز هالائي جي شاعري واري لکت کي سنڌي ماڻهن تائين پچائڻ ۾ سنڌي زبان جو ڪو اهڙو رسالو ،ميگزين ، اخبار ناهي رهي جنهن سندس جي شاعري کي پنهنجي سونهن ۽ زينت نه بڻايو هجي ۽ نه ڇپيو هجي پاڻ سنڌي ادب جي جهول ۾ هن ناليواري شاعر ٻه شاعري جا مجموعا سنڌي ادب جي سونهن لاءِ عام خلق تائين پهچايا آهن جن ۾ هڪ (رنگ رتا پيچرا سال 1979ع )۽ ٻيو (درسن ڌارو ڌار سال 1992ع )ڇجي شايع ٿي چڪا آهن پاڻ سوز هالائي مرحوم صاحب نه رڳو سنڌي ادب ۾ شاعر جي حيثيت سان مشهور آهن مڱر سندس جو ادبي پورهيو ڪهاڻين سان به جهجي انداز ۾ موجود آهي سوز هالائي صاحب جو گهڻيون ئي (گيتن ڀريون ڪهاڻيون ) ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿينديون رهيو آهن سوز هالائي صاحب نثر جو ڪتاب به ترتيب ڏيڻ جو شوق پورو ڪري سنڌي ادب ۾ وڌارو پڻ ڪيو آهي پاڻ ادبي لڏي سان جڏهن کان وٺي سلهاڙيل رهيو انهن ڏينهن کان وٺي مرڻ گهڙي تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو سندس ادبي ڪچهريون وسارڻ جڳون ناهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت کان سواءِ بزم طالب المولي جو ميمبر ۽ سگا جو هالا پراڻا جو جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي به ادبي سماجي ثقافتي ڪم ڪندي نظر آيو سنڌ جو هي سٻاجهڙو ناليوارو شاعر 20 فيبروري 2018ع تي سمورن ادبي لڏي جي ساٿين ۽ سمورن شاعرن ۽ گهر ڀاٿين کان 80 سال 2 مهينا 15 ڏينهن زندگي جا سک ڏک ڏسي شاعري جي سڀني رنگن وارن صنفن جا باب بند ڪري اوچتو رسي هميشه لاءِ وڃي مالڪ حقيقي سان ملاقات ڪيائين سندس جون ادبي ۽ شاعري جو لازوال سٽون عوامي داد حاصل ڪنديون رهنديون پاڻ ادبي جهول خالي ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيو آهي سندس مرتي تي سنڌ جا مڙئي شاعر ۽ گهر وارا سوڳوار آهن منهنجي هن ناليواري اديب جي جاويد سوز کي صبر جي تلقين سان گڏ سڄي ڪٽنب سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان سوز هالائي پنهنجي زباني فرمائيندي چوي ٿو ته

    بهارن ۾ نه ملياسين ، خزان ۾ هاڻ ملنداسين

    اکين ۾ اشڪباري جي کڻي آلاڻ ملنداسين

    ڏکن جي هير ٿڌڙي ۾ ملي وڇڙي ويا هاسين

    اترجي اوت ۾ پيارا پرين پڪ ڄاڻ ملنداسين

    حياتي جي وفا ڪئي سوز پوريون حسرتون ٿينديون

    جي ملنداسين ته محبت کي ملهائي پاڻ ملنداسين . _______________________ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس نيئر مختيار ڪار آفيس وارهه، ضلعو قمبرشهدادڪوٽ.فون نمبر03337560616[​IMG]

هن صفحي کي مشهور ڪريو