عالمي سياست ۽ طيب اردگان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    عالمي سياست ۽ طيب اردگان

    انور علي ڊومڪي

    عالمي سياست ۽ اُن جي پسمنظر ۾ ويندي جڏهن گھرائيءَ سان سوچجي ٿو ته پوري دنيا اندر تمام ٿورڙا اهڙا حڪمران آهن جيڪي پنھنجي قوم ۽ قوم جي ايندڙ نسل جي بقا جي لاءِ هر وقت سوچ ۽ ويچار ۾ هوندا آهن. اهڙن حڪمرانن جو خيال صرف اِهو هوندو آهي ته ڪجهه به ٿئي، ڇا به ٿئي پر قوم ۽ اُن جو نسل دنيا ۾ سرخرو هجي. جيتوڻيڪ اهڙا حڪمران بلڪل نه هجڻ جي برابر آهن پر سندن اهڙي عمل سان پوري دنيا جي حڪمرانن ۽ اُنهن جي قوم لاءِ هڪ نئون اُتساهه ۽ نئين روشن اُسرندڙ سوچ ثابت ٿيندي آهي. عالمي سياست ۾ هن وقت جيڪا شخصيت نمايا نظر اچي ٿي اُها ڪنھن جي تعارف جي محتاج نه رهي آهي. پر پوءِ به اُن جو ذڪر پڙهندڙ لاءِ لازمي سمجهون ٿا.
    ترڪيءَ جو صدر طيب اردگان اُها شخصيت اهي جيڪا پنھنجي قوم بالخصوص امت مسلمه سميت پوري دنيا لاءِ هڪ اعلى ڳڻ جو مثال آهي. طيب اردگان کي جيڪڏهن هن وقت پاڪستان جي بھادر پٽ ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڀيٽَ ڏيان ته ڪابه دقعت نه ٿيندي ڇو جو شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ صدر طيب اردگان جي سوچ ۾ ڪوبه فرق نه آهي. طيب اردگان هن وقت ذوالفقار علي ڀٽي جيان عوامي ليڊر مڃرائڻ ۾ پنھنجي ملڪ ترڪيءَ ۾ ڪامياب ويو آهي. جيتوڻيڪ طيب اردگان ترڪيءَ ۾ ڪافي عرصي کان اقتدار تي ويٺل آهي پر اقتدار کي هو گلن جي سيج نٿو سمجهي، ڪجهه عرصو اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن اوچتو ئي اوچتو کيس فوجي بغاوت کي منھن ڏيڻو پئجي ويو هو، جنھن وقت فوج هن خلاف بغاوت شروع ڪئي ته هِن اُن وقت پنھنجي قوم کي سڏڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته کيس ترڪ قوم ڪيڏي بھادريءَ سان سندس سڏَ کي لبيڪ چيو ۽ راتون رات پوري ترڪ قوم روڊن ۽ رستن تي نڪري پئي جنھن نام نھاد فوجي جرنيلن جي ٽئنڪن ۽ توبن جي هيٺان سمهي سندن ناپاڪ ارادن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
    صدر طيب اردگان پنھنجي قوم لاءِ نوان قانون پاس ڪرايا آهن جنھن ۾ هن وڌ کان وڌ عوامي راءِ جو خيال پڻ رکيو آهي، جنھن م خاص طور اسلامي تعليم، اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ اسلامي تعليم لازمي قرار ڏني وئي آهي. طيب اردگان جو چوڻ آهي ته اسان جنھن معاشري ۾ پليا وڌيا آهيون اُهو معاشرو اسلامي آهي. مسلمان هوندي جيڪڏهن اسان اسلامي روايات کان پاسيرا رهياسين ته پوءِ اسان مسلمان سڏائڻ جي لائق نه آهيون. ترڪ معاشري ۾ ننڍپڻ جي شادي کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جنھن کي طيب اردگان وڏي مھارت سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ننڍپڻ جون شاديون سماجي برائين آڏو ڍال وارو ڪم ڪن ٿيون. هُن چوڻ موجب، 17 کان 18 سالن جي عمر واريون شاديون ڪامياب ۽ مثبت ثابت ٿينديون آهن. ترڪ معاشري ۾ تمام وڏي عمر ۾ شاديون ڪيون وينديون آهن، جنھن جو نتيجو گهڻو ڪارگر نه رهيو آهي. ترڪ صدر اِهو به چيو ته جيڪي جوڙا ننڍي عمر ۾ شادي ڪن ٿا ۽ 3 کان 4 ٻار پيدا ڪن ٿا ته انهن جي ترڪ حڪومت مالي مدد پڻ ڪندي. انهيءَ کان علاوه هو ملڪ جي اندر عوامي ڀلائيءَ لاءِ نوان سڌارا پڻ متعارف ڪرائي رهيو آهي جن ۾ هن جي ڪابه ذاتي راءِ نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته هي ملڪ ۽ هن ملڪ جي حڪومت عوام جي امانت آهي جنھن ۾ خيانت ڪرڻ منھنجي ايجنڊا ۾ شامل نه آهي. ترڪ معاشري جي اندر هڪ اهڙي سگهه به موجود آهي، جنھن جي سوچ ڪجهه مختلف آهي،جن جو چوڻ ڪجهه هن ريت آهي ته، هن ملڪ اندر جيڪو قانون اڳ موجود آهي، ان کي ساڳي صورت ۾ رکيو وڃي. اهڙي سوچ وارن کي سيڪيولر سوچ چيو وڃي ٿو،جنھن جي معنى آهي آزاد خيال وارو، جن کي اسلامي ريتن رسمن سميت باقي مذاهب جي عقيدن کان هو نفرت ڪندا آهن. جڏهن ته مسلمان اسلامي روايتن جو پاسدار آهي ۽ اسلام کي پنھنجي نجات سمجهي ٿو ۽ سيڪيولر سوچ وارو انسان حلال حرام ۾ فرق نه رکندو آهي. سيڪيولر نظريي جي گهڻائي وڏي سوچ ۾ آهي ته ترڪيءَ جي اندر اسان جي راءِ جوبه خيال رکيو وڃي. پر افسوس هاڻي اُنهن جي اهڙي قدم جي ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي.
    فوجي بغاوت کانپوءِ ترڪي جي اندر اسلامي سوچ پنھنجي مڪمل طاقت سان نمودار ٿي رهي آهي، جنھن جو مثال خود ترڪ صدر جا اسلامي مرڪزن جا دورا پڻ شامل آهن. ترڪ صدر جتي به پروگرامن ۾ وڃي ٿو ته سڀ کان پھريان هو قرآن ۽ حديثن کي فوڪس ڪري ٿو. ترڪ صدر جو اُهو به چوڻ آهي ته جتي به ظلم ٿيندي نظر آيو، چاهي اُهو مسلمان مٿان هجي يا غير مسلم مٿان، ترڪ حڪومت انساني ناتي اُن جي اخلاقي طريقي سان ڀرپور مدد ڪندي. چاهي اُها جاني هجي يا مالي، جنھن جو مثال برمان ۾ ترڪي فوج جي لشڪر ڪشي آهي،جن برمان ۾ رونگهيا مسلمانن تي حملو ڪندڙ برمي فوج ۽ برمي ٻُڌمَتِ کي نيست و نابود ڪرڻ آهي. اهڙو بھادريءَ وارو ڪم صرف ترڪي ۽ ايران ڪيو، باقي مسلمان ملڪ خاموش تماشائيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. اِهو ته هيو اُن بھادر انسان جو ذڪر جنھن ترڪيءَ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي آهي.
    هاڻ اسان ذڪر ڪنداسين پنھنجي ملڪي حڪمرانن جو جن سواءِ تباهي ۽ برباديءَ جي ملڪ کي ڪجهه به نه ڏنو آهي، مُني صدي کان عوام معاشي ۽ توانائيءَ جي بحران کي مُنھن ڏئي رهيو آهي،پر اڄ ڏينھن تائين عوام جي تقدير نه بدلجي سگهي آهي، حڪمرانن 70 سالن کان وٺي عوام جي مسئلن تي نه سوچيو آهي. ها، اگر سوچيو آهي ته اُهو هڪٻئي جي ڄُنڊا پَٽَ تي سوچيو آهي، جن کي نه اسلام سان محبت آهي، نه عوام سان، اگر محبت اٿن ته صرف اثاثا ٺاهڻ سان محبت اٿن. عوام بيروزگاري ۽ بک جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي پر هنن جي مٿي تي جونءَ به نـَٿي چُري. ملڪ جي اندر لاقانونيت ايتري ته وڌي وئي آهي جو غريب پنھنجي دانھن به ڪنھن کي ڪونه ٿو ڏئي سگهي. سمورو قانون صرف غريب تي استعمال ڪيو وڃي ٿو پر امير کي رهنڊَ به به نٿي اچي. هتي ٻڪري چورَ کي ته هاف فِرائي ۽ ڦُل فِرائي ڪيو وڃي ٿو پر اربين روپين جي چورَ کي گُلن جا هارَ ۽ سونن تاجن سان گڏوگڏ پوليس پروٽوڪول ۾ منزل مقصود تي پھچايو وڃي ٿو.
    جنھن ملڪ ۾ قانون جي طاقت صرف غريب لاءِ هجي ۽ اربن روپين جي لٽيري کي ڇوٽ هجي پوءِ ان ملڪ کي طيب اردگان جھڙن بھادر ۽ نيڪ صالح حڪمرانن جي ضرورت آهي، نه ڪي ٻين لُٽيرن حڪمرانن جي!!!

    **
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو