1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

سُڻي ساڻيه ڳالهڙي

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ داڪٽر محمد متارو هنگورجو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2018۔

  1. داڪٽر محمد متارو هنگورجو

    داڪٽر محمد متارو هنگورجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2014
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    طبيب
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    سُڻي ساڻيھ ڳالهڙي (ڪتاب تي مقالو)

    ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ، اسٽنٽ پروفيسر، ملڪ سعود بن عبدالعزيز يونيورسٽي آف هيلٿ سائينسز، رياض ، سعودي عريبيه


    (22 ڊسمبر 2017 تي رياض سعودي عريبيه ۾ انڊس سوشل ۽ ڪلچرل فورم جي طرفان منعقد ڪيل سنڌي ڪلچرل ڊي ۽ پروفيسر محمد هنڱورجي جي نئين ۽ مجموعي طور پنجين ڪتاب، جي مهورتي تقريب جي موقعي تي پڙهيل مقالو)


    سڀ کان پهرين آئون انڊس ڪلچرل فورم جي دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن مون کي انهي لائق سمجھيو، جڏهن ته آئون نه اديب، ليکڪ ۽ نه ئي شاعر آهيان. بهرحال ساٿ نباهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. رشيد عادل سرڪي صاحب جو حڪم مليو ته سائين محمد هنڱورجو جي ڪتاب سڻي ساڻيھ ڳالهڙي (شعري مجموعو) تي لکڻو ۽ ڳالهائڻو آهي. جيڪو پنهنجي لاءِ باعث عزت ۽ افتخار سمجھيم. ٻه ٽي ڏينهن پهريان سائين جن جي ڪاوش ”سُڻي ساڻيھ ڳالهڙي“ ڪتاب موصول ٿيو.

    سائين محمد صاحب جن جي دل ۽ دماغ جو هي مثبت پورهيو يقينن سالن جي محنت جو ڦل آهي. انهي ايڏي محنت کي آئون ٻه چار ڪلاڪ يا هڪ اڌ ڏينهن پڙهي دعوى سان چوان ٿو ته فاضل شاعر سان انصاف ڪري ته نه سگھندس. انهي لاءِ آئون سائين جن کان اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان. سائين هنڱورجو صاحب سان گذريل سال ، سالياني هن ساڳي فنڪشن ۾ پهريون ڀيرو ملاقات ٿي هئي. جنهن ۾ سائين جن عنايت فرمائي مون کي سندن ٻه ڪتاب تحفي طور ڏنا هئا. جن مان هڪ لطيف سائين جي شاعري تي تحقيقي ڪتاب ڏورينديون ڏسن آهي. اڄ جيڪر انهي ڪتاب تي ڳالهايان ها ته ڪجھ بهتر ڀيٽا ڏيئي سگھان ها. پر بدقسمتي سان اُهو ڪتاب آئون گذريل موڪلن ۾ پاڪستان ۾ ڇڏي آيس. جيتريقدر مون کي ياد آهي سائين محمد پنهنجي اُن تحقيقي ڪم ۾ لطيف سائين جا اُهي شعر کنيا آهن، جن جي معنى ۽ مفهوم تي کين اڳين اڪثر مُحققن سان اختلاف آهي. آئون سائين جن جي سچائي، ايمانداري ۽ جُرئت کي داد ڏيندس ڇو ته وڏن عالمن، پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن جي ڪيل ڪم تي اختلاف ڪرڻ عام ماڻهو جي وس ۾ نه آهي. ايمانداري ۽ سچائي اُن ڪري چوندس ته پاڻ گھڻو ڪري لطيف سائين جي اُنهن بيتن کي زير بحث آندو اٿن جيڪي ٿر جي پسمنظر ۽ ٿري / لاڙي لهجي ۾ چيل آهن. يا اُهي بيت ڪنهن نه ڪنهن طرح ٿر يا ڪڇ سان لاڳاپيل آهن. جيئن ته سائين محمد صاحب ٿر ۾

    ڄاوا، نپنا، پڙهيا ۽ پرجھيا آهن. کين سنڌي ٻولي ادب ۽ خاص طور تي ٿري /لاڙي لهجي تي مهارت حاصل آهي. تنهن ڪري لطيف جي بيتن تي سندن انهي ڪم جي وڏي اهميت آهي.

    موجوده وقت ۾ مئڊم ج.ع منگھاڻي صاحبه پڻ شاھ لطيف جي ڪلام تي پنهنجي ليکي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس اهڙا ٻه ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي لطيف چيئر پاران ڇپرايل آهن. مئڊم منگھاڻي صاحبه جو تعلق جيئن ته ڪاڇي ۽ ڪراچيءَ سان آهي، پر محترمه لطيف جي انهن بيتن ۽ لفظن جون به پنهنجي تر ڪاڇي جي لهجي ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجي مرضي مطابق معنائون لکيون آهن. اهڙن بيتن جي چونڊ ڪري سائين محمد جن واضع مثالن ۽ تشريحن سان تصحيح ڪئي آهي. جنهن کي سنڌ ۾ اڪثر سڄاڻ ماڻهن ساراهيو آهي. سچ پچ ته سائين جن جو هي پورهيو ادبي دنيا ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.

    هاڻي آئون سائين محمد صاحب جن جي هن نئين ڪتاب ”سُڻي ساڻيھ ڳالهڙي“ بابت ڪجھ ويچار ونڊيندس.

    سچ پڇو ته هن ڪتاب پڙهڻ سان سراسري طور تي ئي سهي، پر منهنجي نظر ۾ سائين جي شخصيت تبديل ٿي ويئي. سائين محمد صاحب جن جيترا سادا يا خاموش طبع نظر اچن ٿا، اصل ۾ اهڙا آهن ڪونه، حقيقت اها آهي ته پاڻ دل، دماغ، علم، عقل ۽ فهم، خيال توڙي ٻولي جي مهارت سان مالا مال آهن. جن جو ثبوت سندن شاهڪار ادبي، علمي ڪاوشون آهن. هي ڪتاب پڙهي آئون وڏي واڪي چئي سگھان ٿو ته سائين جن موسمي شاعر نه! پر هن فن مولا شاعر آهن. ڇو ته شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع ازمائي ڪئي اٿن جھڙوڪ، غزل، وائي، ڪافي، بيت، نظم، چئوسٽا ۽ ٽيڙو وغيره. هر صنف سان خوب نباهيو اٿن. مون کي سندن لکيل غزل ۽ ٽيڙو وڌيڪ وزندار لڳا. آئون شاعري پڙهندڙ ضرور آهيان پر شاعري جي ٽيڪنيڪ، رديف ، ڪافيو، بحر، وزن ۽ ماترائن وغيره جو گھڻو ماهر ڪو نه آهيان ان ڪري انهن تي ٽيڪا ٽپڻي نه ڪندس. هڪ شاعر جي خيال جي وسعت ۽ همه گيريت ٻيو لفظن جي چونڊ ۽ جڙا۽ُ! شاعري چئبو ئي اُن کي آهي. لطيف جذبن جو اظهار ۽ ٻولي جو پُراثر استعال ۽ انداز ! ٻنهي معيارن تي سائين، ٿر جي ڀٽن جي چوٽين تي چمڪندڙ چنڊ وانگر نظر اچي ٿو.

    هتي الهامي شاعري وارو لفظ استعمال ڪرڻ ڳرو ٿيندو مگر ايترو ضرور چوندس ته هيڪڙا شاعر پين پنو کڻي ويهي محفلن ۽ مجلسن جي مناسبت سان شاعري ٺاهيندا ۽ لکندا آهن. رديف، ڪافيي، کي ٺيڪ ڪندا آهن ته بحر وزن بگڙي ويندو آهي ۽ ٻيا اهي شاعر آهن جن تي شاعري ساوڻي جي ڪڪرن جيان ايندي آهي ۽ پوءِ جيسين اُهي ڪڪر وسندا نه آهن تيسين بس ناهن ڪندا. سائين جن جي شاعري پڙهي گمان غالب آهي ته هنڱورجي صاحب جن تي شاعري جي ديوي مهربان آهي. سائين محمد پنهنجي ڪتاب جي ارپنا پنهنجي نيڪ فرزند ارجمند ڊاڪٽر متاري جي نالي ڪئي آهي. پر متاري، متارو هجڻ واري اُها ڳالھ نه مڃي ۽ سنهڙو ئي سنهڙو رهيو. اُن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ بلڪه حقيقت آهي ۽ دعا به ته ڊاڪٽر متاري جھڙو نيڪ، صالح ۽ سلڇڻو اولاد شال! هر مائٽ کي نصيب ٿئي. سائين محمد ”پنهنجي پاران “ ۾ لکيو آهي ته ” منهنجي شاعري نقار خاني ۾ طوطي جو آواز هوندي“ . سائين جن اها ڳالھ ڪهڙي به معنى ۽ مطب تحت لکي هجي پر آئون انڪار ڪندس ۽ چوندس ته اها پنهنجو پاڻ سان زيادتي آهي ڇو ته سندن شاعريءَ ۾ ماضي، حال. مستقبل جا وڏا وستار ۽ والهانه ويچار آهن. سائين جن، حُسن، جمال، عشق، محبت، عهد، وفا، همت، جدوجھد، علم جي حاصلات، طبقاتي اڻبرابري، سماجي ۽ سياسي مسئلن کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي. آئون پروفيسر قادر مگسي( پرنسپال سجاول ڪاليج)، سان متفق آهيان ته سائين جن جي شاعري اسان جي لاڙ جي انداز واري آهي. ڪٿي ڪٿي استاد بخاريءَ جھڙا سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چيا اٿن. جيئن ؛


    عجب آهين، اَڃان تائين

    سـڄڻ سائين، اَڃان تائين

    وقت گذري ويو هيڏو!

    نرم ناهين، اَڃان تائين

    ڪٿي محبت رهي ”محمد“

    چريوچائين ، اڃان تائين


    پنهنجي يار سان فاضل شاعر غير مشروط چاهت جو اظهار هن طرح ٿو ڪري؛


    ڪل مڃيان ٿو مون ڏي آهن

    مَڻ ميارن ساڻ هلي آءُ

    مُند مَڌر هن ميهونڳيءَ ۾

    ڪينڪي سينو تاڻ، هلي آءُ


    هن غزل جي هن بند مان سندن سائنسي ڄاڻ جو پتو پئي ٿو


    مدهوش مدارن ۾ الجھان ۽ اُڏامان پيو

    مولاءِ کٽولو هي اڄ يار ! اپالو آ


    ڪڏهن ڪڏهن محقق / تاريخدان شعرن مان تاريخي درست حقيقتون ۽ حالتون حاصل ۽ ثابت ڪندا آهن. هنڱورجي صاحب جو ٿر ۾ لڌل ڪوئلي واري صورتحال تي چيل هي شعر تاريخي دستاويز آهي، سڄو غزل مزاحمتي نوعيت جو آهي.


    اچي ڪيئي لشڪر چڙهيا ڪوئلي تي

    مداري مڪاري مڙيا ڪوئلي تي

    ڪڏهن ڪونه آيا ڏکن ڏوجھرن ۾

    اچي اوچتو اڄ لڙيا ڪوئلي تي


    شاعر عُمر جي اثرات کي ڪجھ هن طرح ٿو بيان ڪري


    نت نشيلا نيڻ نرمل، حسن هاڪارو سندءِ

    خوب کان هو خوب تر محفوظ آ مون وٽ اڃان

    تو رکي سانڍي نه پنهنجي سونهن صورت ۽ سڄڻ!

    محبوب سا مورت مگر، محفوظ آ مون وٽ اڃان


    بلاشڪ هي به هڪ حقيقت نگاري آهي؛


    کرن ڏاڍا کار کاڌا ، هيج ته به هلندو رهيو

    وِرھ ويرين جي وچان وهسندو وڌندو رهيو


    ملاقاتن جو سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ڪمال جو اظهار؛


    پرک نه پيئي رات پُنيءَ جي

    پيار ڪئي پرڀات هئي

    دل ۾ دائم قائم رهندي

    ڀاڪر ۾ جا بات هئي

    يا وري مختصر بحر وارو هي غزل


    آءُ هيڪر هلي

    نينهن نرمل ڏسي

    کر کامن ڀلي

    پيار پنهنجو پسي


    شاعر جو انقلابي سياست سان به تعلق معلوم ٿئي ٿو جنهن لاءِ ڪجھ هن طرح بيان ڪري ٿو


    ڪري ڪامريڊي ويا ڀوتار بنجي

    جھمريون جمالا، اڃان پڻ اهي ئي

    چيوسين ته ايڪو اصل آجپو آ

    جدا جيئن جيالا اڃان پڻ اهي ئي


    اڄ ڪلھ اسان جي بنيادي مذهبي تعليم ۽ معلمن واري صورتحال کي هنڱورجو صاحب هيئن ڏسي ٿو، سچ پچ ته حقيقت بيان ڪري ٿو، چئوسٽو؛


    مدرسا معلم هلائي پيو

    وڏي نانءُ نالو سڏائي پيو

    سَر عام سَنَدون ڪڍي ڪوڙيون

    کٿابن ۾ ويهي کپائي پيو


    ڪارونجھر / پارڪر جي ڪولهين سان محافظن جون مهربانيون، هن طرح قلم بند ڪيون اٿس؛


    مندر ۽ مساڻ

    رينجر روپلي جا

    والاريا وٿاڻ


    کيڙوايا خاص

    ڪولهي ڪارونجھر جا

    نماڻا نراس


    حسن، محبت، پرديسي پکين ۽ سجاڳيءَ جي سڏ وارا چند بيت؛




    ڦٽي دل ڦاڪون ڪري هڻي اک اَڻي

    وريو پُڻ واري پيو خماريون کڻي

    ڇا ويئه ڳالھ وڻي، راهن ۾ رت ڇاڻ جي


    اچن اتر پار کان پھ ڪري پرواز

    تلورون تڙن تي انوکي انداز

    همه گڏ همراز، پائر جي پٽن تي


    پائر جي پٽن ۾ تلورون تمام

    پرديسيان پيهي ڪن سنڌڙيءَ کي سلام

    حُسن هاديءَ ڏنو تن کي ازل ڱان انعام

    عجب اکيون اُن جون گلابي گلفام

    مارڻ واري مام، پوءِ به مارين من ۾


    اُٿو اُٿو ساٿيو! ويهڻ ناھ وڙاءِ

    وڌي حق وٺڻ ۾ ڪسر ڇڏيو مَ ڪاءِ

    واويلا ۽ واءِ، ڪبا ويهي ڪيترو


    هن قسم جا سڀني صنفن ۾ مڪمل ۽ معقول شعر ڪي سعيو ڪري ويهي ڪونه ٺاهبا آهن. منهنجي نظر ۾ شاعر تي شاعريءَ جي آمد /نزول ٿيل آهي. مون ٿورو پڙهڻ مان گھڻو محسوس ڪيو آهي. مون کي اُميد آهي ته سائين محمد هنڱورجي صاحب جن جو هي پيار ڀريو پورهيو ادبي دنيا ۾ وڏو مان ۽ مرتبو ماڻيندو، پڻ کين گذارش ڪندس ته پنهنجي هيءَ مانائتي محنت جاري رکن. جيئين پڙهندڙ اُن مان پرائيندا ۽ محظوظ ٿيندا رهن. آخر ۾ لطيف


    سُڻي ساڻيھ ڳالھڙي، لهي ويا لوھ

    اندر جا اندوھ، لٿا ڏک سک ٿيا


    ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ

    اسٽنٽ پروفيسر، ملڪ سعود بن عبدالعزيز يونيورسٽي آف هيلٿ سائينسز

    رياض سعودي عريبيه

    Ismail.memon@gmail.com

    +966565513972
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو