عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    دنيا جو عظيم سائنسدان پروفيسر اسٽيفن هاڪنگ 76 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

    اسٽيفن هاڪنگ جي زندگي ھمت،حوصلو ۽ سمجهداري جو اعلىٰ مثال آهي. آئنسٽائن کانپوء دنيا جي وڏن سانئسدانن ۾ شمار ٿئي ٿو. بلڪه هن کي ٻيو آئنسٽائن به چوندا آهن. هي ڦوه جواني ۾ نيورو موٽر ڊزيز جو شڪار ٿيو جنهن کانپوء هي جلدي هلڻ ڦرڻ کان معزور ٿي اچي ويل چيئر تي پهتو. 1963ع ۾ بيمار ٿيو پر هن جي گرل فرينڊ هن جي بيماري جو ٻڌي هن کي ڇڏڻ بجاء هن سان شادي جو ارادو ڪيو. ۽ پوء ھنن 1965ع ۾ شادي ڪئي. آهستي آهستي هو دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ هن جو خيال رکڻ وارا به ڪافي ٿي پيا. انهن ۾ هڪ نرس به هئي جنهن سان هن 1995ع ۾ شادي ڪئي ۽ پهرين زال کي طلاق ڏني. هن پهرين گهر واري کي ناراض ڪيو،جنهن هن کي بيماري کانپوء جيئڻ جو حوصلو ڏنو. بهرحال انسان به وڏو ڪامپليس آھي ڪڏھن ڪڏھن ڪنهن جي احسان کي به پاڻ تي وڏو ظلم محسوس ڪندو آهي! اڳتي هلي هن ٻئين گهرواري کي به 2006ع ۾ طلاق ڏني. اسٽيفن مڪمل طور معزور رهيو ايتري تائين جو ڳالهائي به نٿو سگهيو، صرف ڪمپيوٽر جي مدد سان پنهنجا خيال ماڻهن تائين منتقل ڪندو آھي.هن جون پلڪون يا پنبڻيون ڪم ڪنديون هيون ۽ ان ذريعي سگنل موڪليندو هو.
    اسٽيفن هاڪنگ هلي چلي چري پري ۽ ڳالهائي به نه سگهندو رڳو دماغ ئي ڪم ڪندو هوس. تڏهن به دنيا کي متاثر ڪري عظمت جي بلندين کي وڃي لڳو.
    اسٽيفن هاڪنگ آئن اسٽائين کان پوء وڏو سائنسدان هو جنهن مادي جي ننڍي ۾ ننڍي ذري ڪوارڪ کي دريافت ڪيو ان سان گڏ ڪائنات جي اسرارن تان پردو کنيو ۽ دور حاضر ۾ عظيم فلسفي ۽ سائنسدان هو انساني ذهن جي ماهيت پئماني کي سمجهائيندي ڪائنات جي وسعتن ۽ ڦهلاء تي پڻ اپاهج هوندي ايترو شاندار لازوال ڪم ڪيو جيڪو سنڌ جي نوجوانن توڙي عالم انسانيت لاء پيغام آهي خاص طور تي انهن ماڻهن لاء مثال آهي جيڪي ٿلها متارا هوندي به قسمت تي ڀاڙيندا هجن.
    My goal is simple. It is a complete understanding of the universe, why it is as it is and why it exists at all.
    (Stephen Hawking)

    قاسم ڪيهر لکيو آهي:

    هو نه صرف دنيا جو تمام وڏو سائنسدان هيو، بلڪه هو جسماني معذوريءَ هوندي به پنهنجي حوصلي سان پوري اڌ صدي جي ڏيکاريو ۽ دنيا تي ثابت ڪيو ته هوُ هن صديءَ جو ذهين ۽ حسين شخص آهي. اسٽيفن دنيا جي اندر هڪ انتهائي مثالي حوصلي وارو شخص هيو جنهن پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ پنهنجي گھرواريءَ جي بيوفائيءَ ۽ ايڏي وڏي معذوريءَ جي باوجود به حوصلي کي بلند رکڻ جو لازوال مثال قائم ڪيو ۽ پاڻ کي پنهنجي لافاني ۽ بيمثال ڪم جي بنياد تي هڪ وڏو ماڻهو ثابت ڪيو. گڏوگڏ هن انهن حالتن جي باوجود پاڻ کي تمام گھڻو سوشل ۽ خوش اخلاق رکيو، جنهن جي شاهدي هن سان ويجھا رهندڙ حلقا ڏين ٿا.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوچ جي پڄاڻي

    (سچل ڀٽي)

    هر شخص جي جسماني جدائي ته اڻٽر آهي پر جنهن شخص جو جيئڻ پنهنجي طبعي وقت کان اضافي هجي اهي نه صرف ڪمال ڪندا آهن پر هر ڪنهن کي ڏندين آڱريون ڏيڻ جو سبب به بڻجندا آهن. اسٽيفن هاڪنگ به 55 سالن کان موت مار بيماري کي شڪست ڏيندو نيٺ اڄ 76 سالن جي ڄمار ۾ جسماني طور اسان کان هميشہ لاء جدا ٿي ويو. مان هن جي نظرياتي فزڪس جي ميدان ۾ حاصل ڪيل نتيجن کان وڌيڪ سندس موت جي وقت کي اورچائي ٖ همت ۽ حوصلي سان شڪستون ڏيڻ تي حيران آهيان!! جڏهن ميڊيڪل سائنس ان نتيجي تي پهتل هجي ته کيس وڪوڙي ويل بيماري ڏھ سالن کان مٿي جيئڻ نه ڏيندي ۽ هو 5 ڏهاڪن کان مٿي نه رڳو جي وڃي پر تحقيق جي بلند ڪهڪشائن کي به ڇهندو اچي ٖ ذهن جو ڳانڍاپو وڃي آڱرين جي ٽپس تائين رهيو هجي ٖ سچ ته اهو ڪمال صرف هاڪنگ جي کاتي ۾ ئي رهندو. هاڪنگ پنهنجي تحقيق جو ميدان ڪهڪشائن (علم فلڪيات) تائين محدود نه رکيو پر ڌرتي به هن جي تحقيق جو مرڪز رهي. خصوصن ماحولياتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي به هن جو خاصو ڪم رهيو.
    هن جو چوڻ هو ته هيء ڌرتي ايندڙ 2 سؤ سالن ۾ انساني وجود کي ڳڙڪائي ويندي جنهن جا ٻہ سبب هوندا. هڪ گرمي پد ۽ ٻيو آباديء جو دٻاء. هن جو خيال آهي ته ماحولياتي تبديلين سبب گليشيئر گهٽجي ويندا ۽ گرمي پد 460 سينٽي گريڊ تائين پهچندو . مطلب ته ڌرتي هڪ باھ جو گولو بڻجي ويندي. هن جو خيال آهي ته انسان جو وجود پوء به برقرار رهندو ۽ هو اسپيس ۾ ڪنهن ٻي سياري تي وس ڪندو. هاڪنگ جي خيال موجب ڪا ٻي سياري جي مخلوق (ايليئن) مسلسل زمين سان رابطي جي جستجو ۾ آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ اهو ممڪنات ۾ شامل آهي. هن جو چوڻ آهي ته هي ڌرتي 13.7 بلين سالن کان وجود رکي ٿي پر هن جو انت قريب آهي. جو انسانيت لاء سڀ کان وڏو خطرو انسان جي تخليق بڻيل آهي. تنهن ڪري هن ان ڳالهہ تي به زور ڏنو ته حڪومتن کي ٽيڪنالاجي جي انڌاڌند استعمال تي ضابطو آڻڻ گهرجي.
    هاڪنگ پنهنجي خيالن ۾ مابعدالطبعيات سائنس جو قائل نظر اچي ٿو. هو ستارن جي گردش کان وٺي زمين جي حرڪت جي قائدن کي ڪنهن مافوق الفطرت قوت (خدا) سان جوڙي ٿو. بليڪ هولز تي پنهنجي تحقيق ۾ آئين اسٽائين جي ان خيال تي ته بليڪ هولز جي ڳڙڪائي وڃڻ تي ستارن جي اونداهي ٿيڻ پويان خدا جي ڪا راند ناهي ٖ جي جواب ۾ سخت ردعمل ڏيندي چئي ٿو ته خدا ڪهڪشائن سان نه صرف کيڏي ٿو پر هو انهن کي هڪ کان ٻئي هنڌ رکي اسان جي مت به منجهائي ٿو.!! هو جيتوڻيڪ آئين اسٽائين کان پوء وڏو سائنسدان ليکيو وڃي ٿو پر هن کي هر جاء تي رد ڏيندو به اچي ٿو. هو آئين اسٽائين جي قوئنٽم مڪينڪس تي تنقيد ڪندي چئي ٿو ته بليڪ هولز سڪڙجي وڃڻ کان پوء به مڪمل اونداها نٿا ٿين پر ٽانڊاڻي جيان روشن رهندا آهن. سندس اهڙي ٿيوري هاڪنگ ريڊيئيشن سان مشهور آهي. هن آئين اسٽائين جي ٿيوري آف رليٽوٽي کي به رد ڏنو ۽ وقت جي واپسي جو يقين ڏياريو. مطلب ته هن جي سائنسي بساط آئين اسٽائين جي ابتڙ خيالن تي بيٺل نظر اچي ٿي!!.
    مجموئي طرح سندس خيال مذهبي نقطه نظر کي تقويت بخشيندي نظر اچن ٿا. جنهن سبب اڄ ڪلهہ سندس تحقيق مذهبي عالمن جو سگهارو هٿيار بڻيل آهي. جهڙوڪ هن جي تحقيق جو مقصد ئي ڪائنات جي جوڙجڪ ۽ پڄاڻي بابت مذهبي خيالن کي پروان چاڙهڻ هجي!!
    اسٽيفن هاڪنگ وڏو سائنٽسٽ هو ۽ ان کي پڙهڻ جو انداز به سائنسي اپنائڻ گهرجي. سندس جسماني پڄاڻي ته 50 سال اڳ ئي ٿي چڪي هئي پر سندس سوچ اڄ اسان کان موڪلايو آهي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسٽيفن هيڪنگ : عظيم سائنسدان ۽ شخصيت

    مظهر علي ڏوتيو

    جان جان هئي جيئري ورچي تان نه ويٺي. موجوده دور جومشهور، وڏو ۽ اثر رکندڙ سائنسدان ۽ هڪ عظيم انسان پروفيسر اسٽيفن هيڪنگ 8 جنوري 1942ع ۾ آڪسفورڊ انگلينڊ ۾ ٺيڪ 300 سال گيليلو جي مرڻ کان پوءِ پيدا ٿيو. هن جي والدين جو اصلي گهر ته لنڊن جي اترين پاسي هيو پر ٻي عالمي جنگ دوران آڪسفورڊ کي امن جو علائقو سمجهيو ويندو هيو خاص ڪري اهڙن خاندانن لاءِ جن کي ٻار پيدا ٿيندا هئا، تنهنڪري هي خاندان آڪسفورڊ ڏانهن لڏي آيو. هي عظيم انسان 14 مارچ 2018 تي هميشه لاءِ هن دنيا کي ڇڏي ويو. اسٽيفن جو موت هن صدي جو هڪ تمام وڏو نقصان آهي. اسٽيفن ٿيريولوجيڪل فزڪسٽ، ڪاسمولاجسٽ ۽ ڪيمبريج يونيورسٽي جي ڪاسمولوجي جي سينٽر ۾ تحقيقي اداري جو ڊائريڪٽر هيو. اسٽفن هيڪنگ ڪيترائي سائنسي ڪم ۽ نظريا دنيا آڏو پيش ڪيا جن مان هڪ وڏو ڪم بليڪ هول ۽ انهن مان نڪرندڙ ريڊيئيشن تي تحقيقي ڪم آهي. اهو ڪم هيڪنگ ريڊيئيشن جي نالي سان مشهور آهي. ان کانسواءِ هيڪنگ گريويٽيشنل سنگيولرٽي ٿيرم پڻ ڏنو. اسٽيفن کي 13 اعزازي ڊگرين کان سواءِ ڪيترن ئي وڏن انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو.
    اسٽيفن جڏهن اٺن سالن جو هو ته سندس والدين سينٽ البنز ڏانهن لڏي ويا جيڪو لنڊن کان صرف 20 ڪلوميٽر پري هو. اسٽيفن پنهنجي پرائمري ۽ هائر اسڪول تعليم سينٽ البنز مان ئي حاصل ڪئي. 1959ع ۾ 17 سالن جي عمر ۾ اسٽيفن پنهنجي يونيورسٽي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ڪاليج آڪسفورڊ ۾ داخل ٿيو. اسٽيفن جا والدين کيس ميڊيسن جي شعبي ۾ داخل ڪرڻ چاهين پيا پر اسٽيفن جو شوق ميٿيميٽڪس ۾ هيو تنهنڪري هن فزڪس جي شعبي ۾ داخلا ورتي.
    اسٽيفن هيڪنگ ڄائي ڄم کان معذور نه هيو پر 21 سالن جي عمر ۾ هو هڪ اعصابي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن اسٽيفن کي معذور ڪري ڇڏيو. اسٽيفن ان معذوري کان مايوس نه ٿيو بلڪه پنهنجي منزل ٺاهي ان طرف وڌڻ جو مظبوط ارادو ڪيو. جيڪي ماڻهو هڪ مظبوط ارادي سان اڳتي وڌندا آهن اهي پنهنجي منزل تي ضرور پڄندا آهن. اسٽيفن هڪ مظبوط ارادي جو ماڻهو هو جنهن پنهنجي تحقيق ذريعي ڪائنات کي هلائڻ جا بنيادي قانون ۽ قائدا ڏنا. اسٽيفن جا ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن جن مان
    The Large Scale Structure of Spacetime with G F R Ellis
    General Relativity: An Einstein Centenary Survey
    Three hundred years gravitation
    A Brief History of Time
    Holes and Baby Universes and Other Essays
    The Universe in a Nutshell
    The Grand Design
    My Brief History
    اسٽيفن هيڪنگ پنهنجي پهرين شادي جيني سان 1965ع ۾ ڪئي. جيني هن جي دوست جي ڀيڻ ۽ هن جي دوست هئي. اسٽيفن کي پهريون پٽ رابرٽ 1967ع ۾ پيدا ٿيو، ان کانپوءِ هڪ ڌي لوسي 1970ع پيدا ٿي ۽ ٽيون ٻارٽموٿي1979ع ۾ پيدا ٿيو. جيني پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ تمام گهڻي مصروف رهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيفن سان رويا خراب به رکندي هئي. اسٽيفن پنهنجي معذوري ۽ ان جي تڪليف ڪنهن ٻڌائيندو نه هو بلڪ اندر ئي اندر برداشت ڪندو هو. اسٽيفن جي معذوري جيني کي به اسٽيفن کان پري رکيو. 1980ع ۾ جيني جوناٿن سان محبت جي رشتي ۾ ڳنڍجي وئي ۽ اهڙي طرح جيني ۽ اسٽِفن جو ازدواجي رشتي ۾ ڏار پئجي ويو. 80 جي آخري ڏهاڪي ۾ اسٽيفن جيني کي ٻڌايوته هو توهانکي ڇڏي ميسن سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو اهڙي طرح 1995 ۾ اسٽيفن جيني کي طلاق ڏئي ميسن سان شادي ڪئي. ميسن کيس نرس هئي جيڪا اسٽيفن جو گهڻو خيال رکندي هئي.
    اسٽيفن هيڪنگ لادين هو. هو ڪنهن به مذهب ۾ يقين نه رکندو هو. هو خدا جو انڪاري هو. جيتوڻيڪ اسٽيفن بابت اهو مشهور ڪيو ويو هو ته هاڻي هو خدا کي مڃي ٿو پر اسٽيفن ان ڳالھ کي پنهنجي انٽرويوز ۾ رد ڪيو. جيني سان طلاق جو هڪ سبب اهو به هو ته جيني هڪ مذهبي عورت هئي ۽ اسٽيفن مذهبن ۽ خدا جوانڪاري هو.
    دنيا جو هي عظيم سائنسدان ۽ بهادر ماڻهو، جنهن معذوري کي مجبوري نه سمجهيو، جو موت بلاشڪ هڪ وڏو نقصان آهي. سندس جا سائنسي نظريا دنيا لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. اسٽيفن هيڪنگ جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. اسٽيفن هيڪنگ چيو ته هميشه مٿي ستارن ۾ ڏسو نه ڪي پنهنجي پيرن ۾. مٿي ڏسي سوچو ته هي ڪائنات ڪيئن هلي پئي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسٽيفن هاڪنگ: هڪ اعلى دماغ جي موڪلاڻي

    اختر حفيظ

    انقلابي مفڪر ۽ ڏاهي ڪارل مارڪس جي لاڏاڻي تي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندڙ سندس بهترين دوست ۽ هر ڏُک سُک ۾ ڪم ايندڙ اينجلز کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو هو ته "اڄ دنيا جو هڪ اعلى دماغ موڪلائي ويو آهي". اهڙي ريت ڪالهه (14 مارچ 2018) به هن دنيا جو هڪ اعلى دماغ موڪلائي ويو آهي، جنهن کي اسين سڀ اسٽيفن هاڪنگ جي نالي سان سڃاڻون ٿا بلڪه ڪائنات ۾ جيڪي به ستارا آهن، اهي به کيس ضرور سڃاڻندا هوندا. جڏهن به ڪائنات جا ڳجهه پروڙڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته اسٽيفن هاڪنگ جو ذڪر ضرور ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪم ئي ڪجهه اهڙو ڪري ڏيکاريو آهي. کيس عظيم سائنسدان آئنسٽائن جي پايي جو سائنسدان مڃيو ويندو هو. سندس ڪتاب A Brief History of Time جيڪو سندس مشهور ترين ڪتاب آهي. انهي جون ڪروڙين ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن.
    اسٽيفن هاڪنگ 8 جنوري 1942ع ۾ آڪسفورڊ انگلينڊ ۾ ڄائو، پر سندس ڄمڻ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هن ڪم ڪهڙو ڪري ڏيکاريو. هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو 70ع جي ڏهاڪي کان وهيل چيئر تي هو ۽ سندس سمورو جسم اپاهج ٿي چڪو هو پر هن جو ذهن سلامت هو، تنهنڪري هن ڪائنات جي انهن رازن تان پردو کنيو، جيڪي ان کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿين ٿا. هي 1963ع جو زمانو هو، جڏهن هو ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. هڪ ڏينهن اوچتو چاڙهين تان هلندي ڦيريون اچڻ سبب ڪِري پيو. جڏهن سندس بيماريءَ جي جاچ ڪئي وئي ته خبر پئي هو "موٽر نيوران ڊيزيز" جو شڪار ٿي چڪو آهي، اهي دل تي موجود ڪجهه سيل هوندا آهن، جن کي موٽر نيوران چيو ويندو آهي. سندس بيماريءَ کي ڏسندي ڊاڪٽر چيو ته هاڻ فقط ڪجهه سال ئي هو جيئرو رهي سگهندو، ان دوران هن آپگهات ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هو انهي ۾ ناڪام رهيو. سٺو ٿيو هن جي آپگهات ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام ٿي، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته فزڪس ۽ فلڪيات جي جهان ۾ جيڪي ڪاميابيون دنيا کي نصيب ٿيون آهن، اهي شايد نه ملي سگهن ٿا.
    هو جيئن ئي وهيل چيئر ڀيڙو ٿيو ته هن لاءِ هڪ خاص ڪمپيوٽر تيار ڪيو ويو، جيڪو هن جي اک ۽ ڳل جي حرڪت کي نوٽ ڪندي انهن کي لفظن جو روپ ڏيندو هو ۽ اهڙي ريت هو پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. اسٽيفن هاڪنگ جيڪڏهن چاهي ها ته بيماريءَ کي بهانو ٺاهي ڪنڊ جهلي هڪ عام ماڻهو وانگر مري وڃي ها پر هن ائين نه ڪيو ڇاڪاڻ ته کيس ڄاڻ هئي ته سندس دماغ سلامت آهي، تنهنڪري هو ڪنهن به ريت شڪست نٿو کائي سگهي ۽ هن سمورين بيمارين جي هوندي به پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ پنهنجي پي ايڇ ڊي پوري ڪئي.
    هن جي سڀ کان اهم ترين دريافت ڪائنات ۾ موجود بليڪ هولز هئا. بليڪ هولز (ڪارا ٽٻڪا) مان روز سوين سيارا جنم وٺن ٿا. جن مان اهڙيون شعاعون خارج ٿينديون آهن، جيڪي ڪائنات ۾ وڏي تبديلين جو سبب ٿين ٿيون. انهن شعاعن کي "هاڪنگ ريڊيئشن" به چيو وڃي ٿو.
    هو پنهنجي اکين جي ڇپر مان گهڻو ڪم وٺندو هو، انهن جي حرڪتن وسيلي ئي هن "ڪوانٽم گريويٽي" لکيو. سندس ڪتاب A Brief History of Time ته دنيا جو بيسٽ سيلر ڪتاب رهيو آهي. جنهن کي هاڻ هڪ شاهڪار ليکيو وڃي ٿو.
    پر ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته اسان وٽ اسٽيفن هاڪنگ ڇو پيدا نٿو ٿئي. اسان وٽ معذور ماڻهو اسٽيفن هاڪنگ وانگر ماڻهن کي جيئڻ لاءِ اتساهين ڇو نٿا؟ بلڪه جيڪي صحيح سلامت ماڻهو آهن، اهي به پنهنجو پاڻ کي انهن ڪمن ۾ مصروف رکن ٿا، جيڪي دنيا کي تباهي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. ان جو اهم ترين سبب اسان جو سائنس ڏانهن لاڙو نه هجڻ ۽ سائنس کي مذهب جي ٽڪراءُ ۾ آڻي ان کان نفرت ڪرڻ آهي پر اهو اسٽيفن هاڪنگ جو ئي ٿورو آهي، جو اسين اڄ وقت جي مختصر تاريخ پڙهي سگهون ٿا. بليڪ هولز جي باري ۾ اسان کي ٻڌائڻ وارو اهو ئي همراهه هو، نه ته ڇا اسين معجزن تي يقين ڪندڙ، وڻن ۽ ميون تي مقدس نالن کي ڳوليندڙ اهو پتو لڳائي سگهون ٿا ته ڪائنات ۾ ڇا وهي واپري پيو ۽ ڪهڙي ريت هي ڪائنات ڏينهون ڏينهن تبديل ٿي رهي آهي. هن ڪڏهن قسمت تي نه ڀاڙيو، هو ڪنهن مذهب جو مڃيندڙ نه هو ۽ نه ئي هن ڪڏهن پنهنجي معذوري کي ڪا سزا سمجهي پر هن کي خبر هئي ته قدرت هن کي ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ تي ڄڻيو آهي، تنهنڪري هن پنهنجي ڪم کي جاري رکيو. اهڙي ريت هو سموري ڄمار ڪم ڪندو رهيو، ايستائين ڪندو رهيو، جيستائين هن ۾ پساهه هو. اهڙائي ماڻهو هن ڌرتي کي سنواريندا آهن، هن جو سَڱُ رڳو دنيا جي ماڻهن سان نه بلڪه سموري ڪائنات سان هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن هو اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته سموري دنيا اداس آهي، سموري دنيا هن کي ساري رهي آهي ۽ هن جي باري ۾ لکي رهي آهي. فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر هن جي ذڪر سان ڀريا پيا آهن.
    پر اسٽيفن هاڪنگ ان ڪري به 76 سالن جي ڄمار ماڻي سگهيو جو هن جو ماڻهن قدر ڪيو، انهن ماڻهن کي خبر هئي ته هي جيڪو هڏين جي مٺ جهڙو وجود وهيل چيئر تي پيو آهي، انهي جي دماغ ۾ ايتري ته طاقت آهي جو انهي کي استعمال ڪندي گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري اهي سماج جيڪي اهڙن ماڻهن جو قدر ڪندا آهن، انهن جون ڄمارون به وڏيون ٿي وينديون آهن، انهن جا ذهن اعلى خيال پيش ڪرڻ لڳندا آهن. نه ته اسان وٽ جيڪو سائنس ڏانهن رويو آهي، انهي رويي ۾ سائنسدان ته ٺهيو پر سائنس جي وصف به ٻارن کي سمجهائڻ جي قابل نه آهيون.
    هن ڪائنات کي اهڙي ريت آسان لفظن ۾ بيان ڪري ڏيکاريو جو اها هن لاءِ رانديڪو ٿي پئي. هن سدائين انسانذات جي ڀلي لاءِ سوچيو. هو چوندو هو ته "مون کي جيڪڏهن ڪنهن هيرو جي چونڊ ڪرڻي پئي ته آئون سپرمين جي چونڊ ڪندس، ڇاڪاڻ ته هو اهو سڀڪجهه آهي، جيڪو آئون نه آهيان". پر اصل ۾ اسٽيفن هاڪنگ شايد اهو اندازو نه لڳائي سگهيو ته هو هن دنيا جو اهڙو سپرمين هو جيڪو هڪ جاءِ تي ويهي سموري ڪائنات جي ڳجهن تان پردو کڻي رهيو هو. سپرمين کي ته اها طاقت آهي ته هو ڪٿي به وڃي سگهي ٿو ۽ اهو سڀڪجهه ڏسي سگهي ٿو پر هو اهو سڀڪجهه ٻين ماڻهن کي ڏيکاري نٿو سگهي. جڏهن ته اسٽيفن هاڪنگ اسان سڀن کي اهو ڪجهه ڏيکاريو آهي، جنهن جو مشاهدو هن ويٺي ويٺي ڪيو آهي. تنهنڪري اسٽيفن هاڪنگ انهي سپرمين کان به وڌيڪ اعلى آهي.
    A Brief History of Time
    ۾ هو لکي ٿو ته "منهنجي معذوري ڪم کي سست ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري مون کي بنهه گهڻو وقت آهي." جيڪڏهن هو معذور نه ٿئي ها ته هن جي ڪم ۾ اًڃا به تيزي هجي ها. هو اڃا به تڪڙو تڪڙو اسان کي گهڻين شين کان آگاهه ڪري ها. پر ڪٿي ڪٿي ائين به لڳي ٿو ته هن پنهنجي معذوري کي هڪ سٺو عمل به سمجهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن جو سمورو ڌيان انهي ڪم تي رهيو جيڪو هن پنهنجي شاگردي واري زماني کان شروع ڪيو هو. اسٽيفن هاڪنگ جهڙا ماڻهو اسان کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته هي ڪائنات لامحدود آهي پر ڪئين اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي ڄاڻ حاصل ڪري اسين انهي کي سمجهي سگهون ٿا.
    سائنس جا ڪمال ۽ اچرج ۾ وجهندڙ تجربا انهن سمورن سماجن ۾ اسٽيفن هاڪنگ جي ڏسيل واٽ تي هلندي ٿيندا رهندا. سائنس اسان کي نون جهانن تائين پهچائڻ جو ڏس پتو ڏيندي رهندي پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته اسين سائنس کي اهو مانُ ۽ مرتبو ڏيون ۽ اسين اسٽيفن هاڪنگ جهڙن اعلى ذماغ جي سمورين صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪندا رهون. ڪالهوڪو ڏينهن سموري دنيا لاءِ هن جي موت جي خبر کڻي آيو پر هن جيڪو پنهنجي پويان ڇڏيو آهي، اهو سندس ڪيل ڪم آهي، اهو سندس علم آهي، جنهن کي پڙهي اسين گهڻو ڪجهه پرائي سگهون ٿا.
    ٻالڪپڻ کان وٺي ڪئين ڀيرا موت کي شڪست ڏيندڙ سائنس جي دنيا جو ستارو هاڻ اسان کان موڪلائي ويو آهي. هن جيڪي ڪجهه هن دنيا لاءِ ڪيو، اهو سالم دماغ به نه ڪري سگهيا آهن. ستارن سان پيار ڪندڙ اسٽيفن هاڪنگ اڄ پاڻ هڪ تارو ٿي ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو