انسانيت ڪهڙي بلا جو نالو آهي ؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    حضرت انسان جڏهن پنهنجي دل ۾ رحم، محبت ۽ احساس جهڙا نفيس جذبا پاليندو آهي تہ ان مهل کيس انسانيت جو پارکو توڙي انسانيت پسند جهڙا لقب ڏنا وڃن ٿا، سندس واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، هر فرد کيس عزت واري نگاه سان ڏسڻ لڳندو آهي، هر ڪو ساڻس ملڻ لاءِ آتو ٿيندو آهي، آءُ هتي ڪنهن مخصوص شخص جي ڳالھ نہ پيو ڪريان، آءُ تہ هتي صرف انسانيت جا گڻ رکندڙ فرد جي ڳالھ پيو ڪريان ۽ انسانيت پسند ڪير بہ ٿي سگهي ٿو

    انسانيت جي عنوان تي سوچيندي ئي اهو گهمان اڪثر فردن جي ذهن تي اڀري ايندو آهي تہ انساني ڀلائي، فلاح توڙي بهبود لاءِ پاڻ پتوڙڻ کي انسانيت چئبو آهي، مڃون ٿا ڪنهن قدر انساني ڀلائي جي صنفن کي اڀارڻ جو نالو انسانيت آهي پر ان کان علاوه اسين ڪنهن بہ قيمت تي لفظ انسانيت کي محدود ڪرڻ جو حق نہ ٿا رکو

    انسانيت جي دائري ۾ تہ هر اهو مثبت پهلو شامل آهي جنهن پهلو ذريعي هن ڪائنات ۾ موجود هر جائدار جي ڀلائي جو سوچيو وڃي، هر پکي پکڻ، وڻ ٽڻ توڙي جيت جڙي جو خيال رکيو وڃي، هر ان جاندار جو ايترو خيال رکيو وڃي جيترو انسان ذات جي ڀلائي خاطر سندس خيال رکيو ويندو آهي

    اسان وٽ تہ انساني حقوق ئي ڪنهن حد تائين دٻيل ۽ گم شده نظر اچن ٿا پر ان جي باوجود بہ ڪي عبدالستار ايدهي جهڙا انمول شخص پيدا ٿين ٿا جيڪي انساني ڀلائي خاطر پنهنجي سموري زندگي وقف ڪريو ڇڏين ٿا

    هر روز روڊ رستن تي ڪيترائي جاندار چيڦاٽجيل، دربدر ۽ لاورث پيل نظر اچن ٿا، اسان جا يار ڊائيور حضرات کين اجل جو شڪار ڪندي وڏي سڪون ۽ اطمنان سان ڊرائيوري ڪندي نظر اچن ٿا، ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن جاندار کي ڪنهن وڏي توڙي ننڍي گاڏي جي هيٺيان ايندي ڏسندو آهيان، اسان وٽ تہ ڊرائيورن کي اهو بہ نہ ٿو سيکاريو وڃي تہ اُهي ٻين جاندارن کي بہ هن ڪائنات جو مخلوق سمجهندي سندن خيال ڪن ۽ ڊرائيوري ڪندي کن پل جو خيال ڪن، پر ائين ڪٿي آهي

    گاڏين جي هيٺيان ايندڙ جاندارن کي ٽڪي برابر بہ نہ سمجهندي کين بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، ڀلا ان چيڦاجڻ کي قتل نہ چئجي تہ ٻيو ڇا چئجي، اگر ڊرائيور حضرات کن پل دماغ کان ڪم وٺن، گاڏي جي بريڪ کي دٻائن تہ شايد ڪو معصوم ۽ بي خبر جانور سندن گاڏين جي هيٺيان اچڻ کان بچي پوي ۽ سندس زندگي جون رونڪون هميشه لاءِ بحال رهن

    اسان توهان مان هر هڪ دوست کي اڄ اهو عزم ڪرڻو آهي تہ اسين ڊرائيونگ ڪندي پنهنجي پنجن حواسن کان ڪم وٺندي هر هڪ جاندار جي بقا جو خيال ڪنداسين، اسان پنهنجي بي ڌياني ۾ ڪنهن بہ جاندار کي اجل جو شڪار ٿيڻ ڪونہ ڏينداسين، اسان جو اهو مثبت قدم بہ يقينن انسانيت جو هڪ اهم جز آهي

    يوسف جميل لغاري
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو