1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ تي هڪ نظر

    فقير محمد سنڌي

    معاشرتي نظام ۾ تھذيب کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي، تھذيب ۾ سھڻيون شيون ٺھنديون آهن، خيالن جي آزادي جي ڪري سٺن تصورن جو خيال جڙندو آهي، انهيءَ خيال جي پاسداري سماجي زندگي گذاريندڙ فرد ئي ڪندا آهن.
    افلاطون، تھذيب کي پنھنجي خيال خاڪي سان پيش ڪيو آهي، ڳوٺ ئي تھذيب و تمدن جي بنيادي اڪائي هوندا آهن، جيڪڏهن ڳوٺ تباهه ٿي وڃن ته تھذيبون به زنده رهي نٿيون سگهن. جنھن تھذيب جي نس نس ۾ شاهه لطيف جھڙا ڏاها موجود هجن، ان قوم وٽ جھڙوڪ علم ۽ عقل جون سڀئي تحريڪون، نظريا ۽ لاڙا اچي دنگ ڪن ٿا، يا ته سندس پيرن مان ڦُٽن ٿا. جيڪڏهن اسان ڪائنات جي تخليق بابت نظرين تي ديد ٿا وجهون ته لطيف اسان کي، هر هنڌ عزم، حوصلي ۽ سچائيءَ سان نظر اچي ٿو.
    هدايت منگيءَ جو ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ جيڪو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي شاهه لطيف متعلق پروگرام تي رچيل آهي. ريڊيو پاڪستان ٻولي، تھذيب ۽ ثقافت جي حوالي کان پنھنجو هڪ الڳ معيار جڙيل آهي جنھن تي هدايت منگي، پوري لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنھن وقتن به وقت لطيف سرڪار کي نئين انداز سان پڙهيو ۽ پيش ڪيو.
    لطيفيات تي هدايت منگيءَ جو برجستو ڪم ٿيل آهي، ڪتاب تي نظر ڪندا هلون ته مرتب عزيز منگي آهي، ڪتاب جي ارپنا هدايت جي استادن جي نالي ٿيل آهي، جنھن ۾ سراج، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ صحافتي توڙي ادبي دنيا جي ڏاهن شمشير الحيدري، انور پيرزادو ۽ فقير محمد لاشاري جي نانءِ ٿيل آهي. سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جي سرواڻ عيسى ميمڻ جون محنتون ۽ ڪاوشون سنڌي ادب لاءِ اهميت جوڳيون آهن. هن ڪتاب ۾ لطيف سرڪار جو مختصر تعارف پڙهندڙن جي ذهن ۾ اڃا وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪندو، نئين نسل کي ”سڀ پسندا پارُ“ مان ڪافي حض حاصل ٿيندو.
    هدايت منگيءَ جو تعارف سندس لائق فرزند،حفيظ هدايت منگي پيش ڪيو آهي. ڪتاب جو مھاڳ انور ڏنگڙائي لکيو آهي، هدايت منگي شاهه لطيف کي تخليقي توڙي تنقيدي اک سان پڻ ڏٺو آهي. ريڊيو پاڪستان جي معيار مطابق شاهه لطيف کي عام خلق تائين پھچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي اٿس.
    سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جون سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ادبي حالتون ڪھڙيون هيون، انهن حالتن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ ڀٽائي جي دور جي سنڌ کي سمجهڻ ۽ خود سندس زندگي ۽ ڪارنامن کي سمجهڻ ممڪن ئي ڪونهي. شاهه ڀٽائيءَ جو پيءُ حبيب شاهه به علم ادب جو ڄاڻو ۽ هزارين ماڻهن جو مرشد هو، پر ڀٽائي پيري مريديءَ کي هٿي ڪونه ڏني، سواءِ هڪ واقعي جي، جڏهن هن جي پيءُ بيماريءَ سبب هڪ مريد مرزا مغل بيگ جي گهر وڃي دعا سڳو ڪري اچي، تنھن تي شاهه لطيف هڪ جوان ڇوڪريءَ جي آڱر جهلي چڱڀلائيءَ جي دعا ڏيندي پيغام محبت ڏنو.
    مطلب ته هدايت منگي، شاهه لطيف جي ننڍپڻ، جوان ٿيڻ کان وٺي وڏي عمر ٿيڻ تائين جو گس ان جي شاعريءَ مان اندازو لڳائي پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ شاهه لطيف جي جوانيءَ جو زمانو، سنڌي هارين جي پھرئين تاريخي اڀار ۽ زرعي اقتصاديات کي اڀارن خلاف ڪيل سندن هٿياربند جنگ جو نتيجو اهو نڪتو جو مغلن جي جاسوسن ۽ ڪلهوڙن جي ايلچين دوکو ڪري شاهه عنايت سان ٺاهه جو منصوبو بڻائي ٺاهه تي پھچي، کيس اوچتو قتل ڪري ڇڏيو، جنھن تان سنڌ ۾ شديد خونريزي ٿي. اها خونريزي شاهه سائينءَ اکئين ڏٺي جنھن تي هن ڪيترائي بيت لکيا، جيڪي پوءِ مريدن سُر ڪيڏاري ۾ شامل ڪيا.
    شاهه لطيف تاريخي پاسي کان سنڌ جي سڀني مسئلن کان واقف هو، جنھن ۾ 1739ع ۾ ايران کان شھنشاهه جي ڪاهه، سنڌ جي سومرن ۽ قومپرستن جون شھادتون، 1718ع ۾ ٺٽي جي مغل گورنر ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن پاران ميرانپور جي شاهه عنايت جو بيدرديءَ سان قتل، 1732ع ۾، کھڙن جي مخدوم عبدالرحمان ۽ سندس 980 عقيدتمندن جو مسجد ۾ قتل و غارت کان ڀٽائي سرڪار واقف هو، شاهه لطيف جو مشاهدو وسيع هو، تنھنڪري مذهبي طور تي مسلڪ جي لحاظ کان انتھائي فراخدل هو، سني ۽ شيعو ته ٺهيو، هن هندو فقيرن ۽ جوڳين تي ڪيترائي سُر لکيا ۽ سندن زندگيءَ جي طور طريقن تي پنھنجا ويچار ڏنا پر انهن جو مشاهدو به ڪيو.
    هندو ۽ مسلمان فقيرن جي سنگت ۾ صوفي خانقاهن جون زيارتون جيئن ته گنجو ٽڪر، هلائن جو پتڻ، ڄام تماچيءَ جو محل، ڪينجهر ڍنڍ، ٺٽو، ڀنڀور، ملير، ڪلاچيءَ جو ڪُن، پٻ جبل، حب ندي، ڀاوانيءَ جي کوهي، وندر نئين، ڦوڙهه ندي، هاڙهو، راجا چندر جا کوهه، هنگلور ندي، اغور ندي ۽ هنگلاج گهمي تاريخي سنڌ جا عشقيه داستان جوڙيا. سنڌ جي اندر سخاوت جي صاحبن جا قصا،جيئن ته لسٻيلي جو سخي ڄام سپڙ، لاکو ڦلاڻي ۽ ڪڇ ڀُڄ جو جادم جکرو هرهڪ پاسي کي ڀٽائي گهوٽ سنجيدگي سان ڏٺو. ڀٽائيءَ جو دور جنگين وارو دور آهي ۽ خود سنڌ اندر مقامي طور به جنگيون ٿيون.
    وري ٻئي پاسي شاهه لطيف جي دور ۾ ڪتابن ۽ رسالن توڙي تاريخ نويسيءَ جو اهم دور هو، جيتوڻيڪ ٻي دنيا توڙي اڳ ڀري هئي پر سنڌ ۾ ڪاتب ۽ پريسون موجود هئا. ڌارين جي يلغارن ۽ باهين جي سبب ان دؤر جون لائبريريون سڙي رک ٿي ويون. ان ڪري سنڌي علم ۽ ادب، فڪر، فلسفي جا انيڪ شاهڪار اسان وٽ موجود ناهن. ڀٽائي سرڪار پنھنجي زندگيءَ جي هر مشاهدي کي قلمبند ڪيو آهي. جيئن ڪاتبن لاءِ چوي ٿو:

    ڪاتب! لکين جيئن، لايو لام الف سين،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.


    يا وري؛

    ڪوڙين ڪتابن ۾ پڙهين، حرف مڙيو ئي هيڪ،
    جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله چئي بس ٿئي.


    اعتماتوف چيو ته موسيقي روحن کي ملائي، انسانن کي هڪ ٻئي جي قريب آڻيندي آهي. ڀٽائي سرڪار تصوف، وحدت الوجود ۽ وحدت الشھود جو پاسو ڏسي چڪو هو، تنھنڪري ته شاهه ڪريم جو رسالو، مولانا رومي جي مثنوي ۽ قرآن پاڪ مان حڪمت ۽ ڏاهپ حاصل ڪري هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي انهيءَ علم ذريعي پنھنجي ويجهو آندو. تڏهن ته ڊاڪٽر سورلي ”ميوزا پرواگانس“ ۾ شاهه لطيف لاءِ هن طرح لکيو آهي، ”شاهه لطيف دنيا جي تيرنھن وڏن شاعرن ۾ وڏي ۾ وڏو شاعر آهي“. پر هدايت منگيءَ وٽ شاهه لطيف لاءِ اڃا وڌيڪ انس آهي. ڀٽائيءَ کي رومانوي، داستان گو يا صوفي شاعرڪوٺي، ماٺڙي ڪري ويهڻ جرم آهي. ڀٽائي ته تاريخ نويس آهي. سيپٽمبر- آڪٽوبر جي مھينن ۾ سَرَ نِسرجي ويندا آهن ۽ سمونڊ ماٺارجي ويندو آهي، تڏهن جي جھاز نه موٽن ته انتظار ڪندڙ وهون، وڻجارن، خلاصين ۽ ٻيڙياتين جون ونيون هھڙي قسم جي جذبات جو ئي اظھار ڪنديون:

    سَرَ نِسريا پاند، اترلڳا، آءُ پرين،
    مون تو ڪارن ڪانڌ، سھسين سُکائون ڪيون.


    ڀٽائي سرڪار جي شاعريءَ ۾، تاريخ پنھنجا ٻئي هٿ ڪشادا ڪري بيٺل آهي، ڀٽائي شاعريءَ جي سٽاءَ ۾ ڪمال جو ڪھاڻيڪار به آهي. ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڀٽائي سرڪار پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان گفتگو ڪئي آهي.

    جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام!

    اهڙي طرح چوراسي چنڊن جي روشني ۽ چٽائي محبوب جي حسن اڳيان منڊجي وڃن ٿيون.

    سھسين سِڄڻ اڀري، چوراسي چنڊن،
    با الله ريءَ پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.


    **

    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منھن ڪريان، ته به سُرڪيا ئي نه ٿئي.


    محبت تيستائين ڪامل نه ٿي بڻجي جيستائين انهيءَ ۾ قرباني شامل نه هجي.

    ڪڏهن پئجي ڪَنُ ٿي، ڪڏهن ٿجي وات،
    ڪڏهن ٿجي ٻڪرو، ڪڏهن ٿجي ڪات.


    صحافتي رٿابنديءَ ۾ هدايت منگي اڄ جي سماج لاءِ انتھائي ڪارائتو ۽ حوصلي مند آهي، حقيقت کي جيڪڏهن جاچي ڏسبو ته هدايت منگي جي هن ڪتاب ۾ تمام گهڻيون حڪمت عمليون موجود آهن، جنھن جي ذريعي اسان لطيف سرڪار کي عملي طور پڙهي صحافت جي ميدان ۾ اوچو ڳاٽ ڪري هلي سگهون ٿا.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو