جناح اسپتال مان مريض لاءِ رت حاصل ڪرڻ جو طريقو

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    جناح اسپتال مان مريض لاءِ رت حاصل ڪرڻ جو طريقو:

    توھان کي اسپتال جو خط ۽ رت جو سيمپل کڻي بلڊ بينڪ جي دري وٽ جمع ڪرائڻو پوندو ۽ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ توھان کي مريض جي رت جو گروپ ٻڌائي ڪيش ڪائونٽر تي جيڪو اتي ويجھو آهي 1500 رپيا جمع ڪرائڻا پونداـ اھا رسيد توھان کي واپس ساڳي دري تي ڏيڻي پوندي ـ
    ھاڻي توھان کي جيتريون رت جون بوتلون کپن ايتريون توھان کي متبادل ڏيڻيون پونديون ـ نہ تہ توھان جو اصلي شناختي ڪارڊ ضمانت طور رکندا، جيڪو رت جو عيوضو ڪنھن ٻي ڏينهن وٺي واپس ڪنداـ

    رت ڏيندڙ لاءِ ڪجهه شرط:

    1ـ عمر 50 سالـ کان گھٽ ھجي.
    2ـ بلڊ پريشر، شگر يا ڪاري سائي (هيپاٽائيٽس) يا ڪنھن موزي مرض ۾ مبتلا نه رھيو ھجي.
    3ـ رت ڏيندڙ جو شناختي ڪارڊ جو نمبر ورتو ويندو آھي.

    جڏهن ھو توھان کي رت ڏيندا تہ ھڪ ڪاغذ بہ ڏيندا جيڪو ڊاڪٽر کان صحيح ڪرائي واپس ڏيڻو آھي.
    رت رات 12 تائين ڏئي ۽ وٺي سگهجي ٿو. جڏھن تہ شناختي ڪارڊ صبح 9 کان ٻنپھرن جو 1 بجي تائين واپس وٺي سگهجي ٿوـ
    رش جي صورت ۾ وقت وڌيڪ لڳي سگهي ٿوـ

    ھي معلومات رھنمائي خاطر لکي اٿم ـ

    قربان زرداري
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو