منهنجي طرفان ــ 14 ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي بچائڻ لاءِ چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ وٽ هلي ويو، جيڪڏهن نواز شريف کي ڪابه رعايت ملي ته چيف جسٽس تي آڱريون کڄنديون: نبيل گبول، اڳواڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي ـ

    * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فرياد کڻي آيو پر کيس ڪجھه به نه ڏنم، مونکي گھرايائين پر مان نه ويس: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جسٽس ثاقب نثار ـ

    * مان سنگاپور کان ڪوالالمپور روڊ ذريعي بس ۾ ويس ۽ ڪوالالمپور کان سنگاپور ٽرين ۾ موٽيس پر ٽرين جو سفر ايڏو ته پيارو ۽ وڻندڙ هو جو ساري حياتي مون کان نه وسرندو (محمد خان سيال) ـ

    * ڪافي پيئڻ سان ڪينسر ٿي سگھي ٿي، لاس اينجلس (آمريڪا) جي عدالت اهڙو حڪم ڪافي جي بوتلن جي ڪور تي لکڻ لاءِ ڏنو ـ

    * نوابشاهه ـ قاضي احمد روڊ تي نجي پلاٽ تي بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ ڪارڻ، 5 ٻار ۽ هڪ عورت ٻڏي مري ويا ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو