سليم منڊيوالا واپاري کان ڊپٽي چيئرمين سينيٽ تائين

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مظهر علي ڏوتيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2018۔

  1. مظهر علي ڏوتيو

    مظهر علي ڏوتيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
    سليم منڊيوالا 23 جنوري 1959ع تي ڪراچي جي هڪ واپاري خاندان ۾ پيدا ٿيو، جيڪو مختلف قسم جا واپار ڪندو هو. واپاري خاندان ۾ پيدا ٿيڻ جي ڪري سليم پاڻ به واپاري سرگرمين ۾ تمام گهڻو چست رهيو ۽ تمام گهڻي مال ۽ ملڪيت ٺاهيئين. منڊيوالا 1981ع ۾ فورٽ ورٿ اسڪول آف ايويئشن ٽيڪساس مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي تنهنڪري هي هڪ ڪمرشل پائيلٽ جو تجربو پڻ رکي ٿو.
    سياست ۾ اچڻ کان اڳ، هي واپاري تنظيمن ۾ چست رهيو ۽ اهڙي طرح هي لسٻيله چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽري جو صدر پڻ رهيو. سياست جي شروعات 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کان ڪئي پر ان جي باقائده ميمبرشپ ٿورو وقت اڳ ڪئي جڏهن کيس پارٽي مينيفيسٽو ڪميٽي 2018ع جو هيڊ مقرر ڪيو ويو.
    آصف زرداري جي صدر ٿيڻ کان پوءِ سليم منڊيولا کي بورڊ آف انويسٽمينت جو چيئرمين بڻايو ويو. زرداري خاندان سان منڊيوالا خاندان جا پراڻا تعلقات آهن خاص ڪري واپاري جي حوالي سان ته سٺا تعلقات رهيا آهن. ڊاڪٽر عاصم حسين جي استيعفا ڏيڻ کان پوءِ 2012ع سليم منڊيوالا پيپلزپارٽي طرفان سينيٽ جي چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو اهڙي طرح پيپلزپارٽي حڪومت طرف ناڻي جو وفاقي وزير پڻ بڻايو ويو. مارچ 2015ع ۾ سينيٽ جي جنرل سيٽ تي سليم منڊيوالا کي سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي طرفان چونڊايو ويو. هن دفعي هي ڇهن سالن لاءِ ميمبر سينيٽ ٿي آيو. سينيٽر ٿيڻ کان پوءِ منڊيوالا کي سينيٽ جي ناڻي لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
    2018ع جي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پيپلز پارٽي سينيئر رهنما رضا رباني، جنهنجو سياست ۾ 50 سالن جو تجربوآهي، سميت ڪيترن ئي سينئر اڳواڻن کي پوئتي ڌڪي ڪري، سليم منڊيوالا کي سينيٽ چيئرمين جي اميدوار طور اڳيان آندو ويو پر منڊيوالا جي قسمت سندس ساٿ نه ڏنو ۽ عمران خان هڪ آزاد اميدوار جي حمايت ڪئي. پيپلزپارٽي وٽ موقعو ته هو هو رضا رباني کي هڪ دفعو ٻيهر چيئرمين سينيٽ آڻي پر ايئن نه ٿي سگهيو.
    سليم منڊيوالا چيئرمين سينيٽ ته نه بڻجي سگهيو پر ڊپٽي چيئرمين ضرور بڻجي ويو. هن پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان 12 مارچ 2018ع تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ وڙهي ۽ 103 ووٽن مان 54 ووٽ کڻي ڊپٽي چيئرمين جي سيٽ کٽي ورتي جڏهن ته مقابلي ۾ پختونخواه عوامي ملي پارٽ جي عثمان ڪاڪڙ 44 ووٽ کنيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو