منهنجي طرفان....16...محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * حڪمران نواز ليگ جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ سنڌ سان پاڻي، بجلي ۽ ٻين مامرن تي لاڳيتو زيادتيون ڪيون آهن پر سوشل ميڊيا تي سنڌ جا هٿ ٺوڪيا خيرخواهه، بلڪل ماٺ ۾ آهن ۽ وفاقي سرڪار خلاف ڪابه به ٻڙڪ ٻاهر نه ٿا ڪڍن ـ
    * قران شريف موجب شهيد زندهه آهن . اهڙي ريت 9 ۽ 10 محرم تي هر سال شهيدن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ موڪل ٿيندي آهي، ڪي شرارتي شهيدن جي موڪلن کي غلط رنگ ڏين ٿا ۽ شهيدن جي بيحرمتي ڪرڻ کان به نه ٿا مڙن ــ
    * “ڪراچي ۽ سنڌ ” لکڻ خلاف مون انگريزي اخبار پاڪستان آبزرور ۾ خط لکيو آهي جيڪو اڄ 3 اپريل 2018 تي شايع ٿيوآهي ـ
    * ننڍڙي هوندي جون ڳالهيون وسارڻ سان وسرن نٿيون، اسان جي ڳوٺ سيد ابراهيم شاهه (ويجھو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ۾ هر سال ميلو لڳندو هو ۽ ميلي ۾ ٻه ڊانسر عورتون حميدا ۽ بلو اينديون هيون، جن کي مان وڻندو هوس سو مونکي کڻي بنگلي جي ڪمري ۾ پاڻ سان گڏسمهارينديون هيون، جڏهن کين ننڊ اچي ويندي هئي ته مان سندن ٻانهن مان نڪري گھر هليو ويندو هوس (محمد خان سيال) ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو