منهنجي طرفان.....21 ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * آمريڪا ۾ ٿاڦيل پاڪستاني سفيرعلي جهانگيرصديقيءَ کان نيب 40 ارب رپين جي فراڊ جي سلسلي ۾ سوال پڇيا ـ ياد رهي ته علي جهانگير صديقي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جو ميڊيا موجب، بزنيس پارٽنرآهي ـ کيس سفير هئڻ جو ڪوبه تجربو ڪونهي پر شاهد خاقان عباسي ڪنهن مصلحت خاطر آمريڪا جھڙي اهم ملڪ ۾ سفير جھڙي اهم عهدي تي کيس ٿاڦيو آهي جنهن تي سڀني اعتراض ڪيا ته سفارتي تجربي نه هئڻ واري کي آمريڪا جھڙي اهم ملڪ ۾ ڇو ٿو رکيو وڃي، جيڪڏهن کيس هروڀرو رکڻو آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رکيو وڃي؟ منهنجي اهڙي اعتراض تي ڪجھه سنڌي قومپرست پڻ مڇرجي پيا ته علي جهانگير سنڌي آهي، ڀلي کيس تجربو نه هجي، پر کيس آمريڪا جو سفير مقرر ڪيو وڃي.منهنجو چوڻ هو ته سفارتي تجربي نه هئڻ ڪارڻ هو سگھوئي ناڪام ثابت ٿيندو. بهرحال، نيب طرفان 40 ارب رپين جي فراد کيس ننگو ڪري ڇڏيو آهي ـ
    * سنڌ سرڪار، ملير نديءَ جي ڪناري تي هاءِ وي اڏڻ جو فيصلو ڪيو، ڪراچي کان ٺٽي ۽ حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين روڊ ٺهندا ـ
    * نصرت سحر عباسي (ميمبر سنڌ اسيمبلي)، ميڊيا تي پاڻ کي ڏيکارڻ لاءِ شور مچائيندي آهي، ميڊيا هڪ ڏينهن بند ٿي وڃي ته هو به ماٺ ٿي ويندي: شهلا رضا، ڊپٽي اسپيڪر، سنڌ اسيمبلي ـ
    * ڪراچيءَ ۾ نيون پيپلزايئرڪنڊيشن بسون ٽاور کان دائود چورنگي صبح جو7 کان رات جو 10 بجي تائين هلڻ شروع ٿي ويون، بسن ۾ 80 سيٽون آهن ۽ ٽڪيٽون 30 ۽ 40 رپيا آهن ـ
    * عمران خان (پي ٽي آءِ سربراهه) هارس ٽريڊنگ جي سلسلي ۾ پنهنجن 20 ايم پي ايز کي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ـ
    * نامياري بلوچ صحافي احمر مستي خان چواڻي: ”را“ (ڀارتي جاسوس ايجنسي) انتها پسندن جي مددگار آهي ۽ آمريڪا ۾ ”فري بلوچستان” مهم ڀارتي سفارتخاني ذريعي هلي ٿي ـ
    * عراق جي شهر تڪريت ۾ اڳوڻي صدر صدام حسين جي مزار تي بمباري، سندس لاش غائب ٿي ويو ـ
    * قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪاميٽيءَ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جي منظوري ڏني ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو