منهنجي طرفان ـ ـ 23 ــ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * نصرت سحر عباسيءَ جي وڊيو ڏسڻ کانپوءِ منهنجو تبصرو:
    ڪنهن دوست منهنجي گذارش تي، وڊيو شيئر ڪئي آهي، سندس قرب ـ نصرت سحر عباسيءَ (پاڪستان مسلم ليگ قاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبر) کان، ٽي وي اينڪر شوڪت زرداريءَ کيس مليل ايم پي اي فنڊ جي استعمال بابت سوال ڪيو جنهن ۾ ڪو به حرج ڪونه هو ۽کيس ان جو ڳنڀيرتا سان جواب ڏيڻ کپندو هو ـ بهرحال، گھڻي مٿاڪُٽ کانپوءِ، اهو چيائين ته کيس فنڊ نه مليا آهن ـ منهنجي خيال ۾ ساڳي ڳالهه کيس سڪون سان، پڇڻ شرط اڳ ئي بيان ڪرڻ کپندي هئي ۽ معاملي کي اجائي ڊيگھه نه ڏيڻ کپندي هئي ـ مون سندس مڪمل انٽرويو ته ناهي ڏٺو پر جو ڪجھه وڊيو ۾ ڏٺو اٿم تنهن بابت منهنجي اڳ ۾ ڪيل ڇنڊڇاڻ هاڻ به درست ثابت ٿي آهي ته نصرت سحر عباسيءَ ۾ بردباريءَ جي بنهه کوٽ آهي ـ
    ڪجھه وقت اڳ، مون کانئس (نصرت عباسي) کان سوال پڇيو هو ته سندس پارٽيءَ سان وابستا اهم وفاي وزير (پير صدرالدين راشدي) ، پرڏيهه ۾ نوڪرين لاءِ سرڪاري طور ويندڙن ۾ سنڌين جي مناسب ڪوٽا جي خاطري ڇو ڪونه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌي بنهه ٿورا ڏيساور موڪليا ويا آهن جڏهن ته اوورسيز کاتو، اوورسيز منسٽريءَ هيٺ آهي. پر سندس پارٽيءَ (مسلم ليگ ـ ق) جي اهم ليڊر جيڪو وفاقي اوورسيز وزير به آهي تنهن ڏاڍو اچرج وارو جواب ڏنوته اهو وفاقي وزير جو ڪم ناهي ته پنهنجي کاتي ۾ مداخلت ڪري ـ
    ٻئي طرف، اوورسيز کاتي، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي هڪ دوست مون کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار، کاتي ۾ اچي پنهنجا 200 کن ڪارڪن ڏيساور لاءِ ڀرتي ڪرايا. بهرحال، واسطيدار وفاقي وزير جيڪو فنڪشنل ليگ جو اهم ليڊر آهي تنهنجو فرمان آهي: وزير پنهنجي کاتي ۾ مداخلت ڪونه ٿو ڪري سگھي ـ ...هاڻ سائين، ڏيو منهن؟ ـ

    * ملير اٿارٽيءَ رمضان ڳوٺ ۾ 100 گھر ڊاهي ڇڏيا، ڪم ۾ رڪاوٽ وجھڻ تي پوليس فائرنگ ڪئي، 20 ڦٽيا، پوليس 10 ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي ـ

    * خيبرپختونخوا ۾ ٽن ورهين دوران 56 کدڙا فقير قتل ڪيا ويا ـ

    * پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشيءَ کي ڪراچيءَ جي ڳڻتي. چي: پ پ پ دور ۾ ڪراچيءَ کي پاڻي مليو ڪونه ۽ نه ئي بجلي ـ هاڻ ڪير کائس پڇي ته سنڌ کي پاڻي جي ملندڙ گھٽ رسد توڙي بجلي ٻنهي جي ذميدار ته حڪمران نواز ليگ آهي جو اهي کاتا ان وٽ آهن پر شايد قريشي صاحب کي اها خبر ڪانهي ـ

    * آفريڪي ملڪ يوگنڊا دنيا جو پهريون ملڪ آهي جتي سوشل ميڊيا جي ڪتب آڻڻ تي جولاءِ 2018 کان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ـ

    * ليکڪ ۽ اينڪر پرسن انور مقصود جي سنڌين کان، شاهه لطيف جو رسالو هٿ ۾ کڻي معافي وٺڻَ تي ڪن سنڌين ڏچو پيدا ڪيو آهي پر شايد اهڙن ماڻهن کي خبر ناهي ته تحريڪن ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي معافي ڏئي وڌ کان وڌ ماڻهو ساڻ کڻبا آهن ـ

    * شهباز شريف جي ايم ڪيو ايم (بهادرآباد) جي اڳواڻن سان ملاقات، ايم ڪيو ايم ۽ ايَ اين پي سان گڏ هلڻ جو پختو ارادو ظاهر ڪيائين ـ لڳي ٿو اي اين پي جو نالو سکڻو خاناپريءَ لاءِ ورتو اٿس، اصل ”پيار“ ته ايم ڪيو ايم سان اٿس ـ

    پ پ پ ڪوڙا نعرا، سنڌ کي بُک ۽ بدحالي ڏني، سنڌ ۾ آئيندي حڪومت “جي ڊي اي“ جي ٺهندي: اياز لطيف پليجو*

    پنجاب ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جسٽس ثاقب نثار ـ*

    *موقعو مليو ته ڪراچيءَ کي نيويارڪ بڻائينداسون: شهباز شريف (خبر)..اڳ ۾ ايڏن سالن ۾ حڪمران نواز ليگ وارن ڪراچيءَ سميت ساري سنڌ لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن جو هاڻ ماريندا؟ (تبصرو) ـ

    * سال 1948 ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان زوري ڇنڻ بابت ڪالمسٽ دستگير ڀٽيءَ سنڌ ايڪسپريس ۾ لکيو آهي: سنڌ جي اڳواڻن ۽ وزيرن سنڌ دشمن فيصلن جي ذري به مزاحمت نه ڪئي ۽ منهن مونن ۾ وجھي تڪيندا رهيا ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو