پنج دوست، ايم 9 موٽروي ۽ ڪراچي (سفرنامو)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ اعجاز علي ابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2018۔

  1. اعجاز علي ابڙو

    اعجاز علي ابڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏21 مارچ 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر انجنيئر، ليکڪ ۽ استاد
    ماڳ:
    قاسم آباد، حيدرآباد سنڌ
    ڇنڇر جي شام ۽ آچر جي رات تقريبن رات جي ڊنر کانپوءِ 10 وڳي ڌاري اوچتو منهنجي فون جي گھنٽي وڄي مون ڪال کنئي ۽ موبائيل ڪن تي رکيو ته اسان جي پياري دوست سجاد سهتي جو آواز ڪن تي پيو: ”ادا اعجاز ڪهڙا حال آهن؟“ مون جهٽ پٽ وراڻيو: ”ادا سڀ خير آهي تواهان دوستن جو دعائون آهن.“ ان کان پوءِ هن ٻي ڏينهن (آچر تاريخ 29 اپريل 2018ع) تي ڪراچي گھمڻ واري پروگرام جو ذڪر ڪيو تنهن تي مون به بنا ڪنهن دير جي حامي ڀري ۽ ساڻن گڏ ڪراچي هلڻ جو راضپو ڏيکاريو. بس پوءِ صبح جو سوير تقريبن 7 وڳي ننڊ مان سجاڳ ٿي، تڙ ڪري، ڪپڙا مٽائي ۽ چانهن بسڪوٽن سان ناشتو ڪري واندو مس ٿيس ته دوست سجاد جو موبائيل تي نياپو آيو: ”ادا اعجاز تواهان گلستاني سجاد وارن مين دروازن تي پهچو اسان بس اچون پيا.“ بس پوءِ دير ڪهڙي مون به ڏنو پيرن تي زور ۽ وڃي اتي پهتس 5 منٽ ڪنهن هوٽل تي انهن جو انتظار ڪرڻ لڳس ته اچانڪ پري کان 4 همراهن تي نظر پئي مون به انهن کي اشارو ڏيندي چيو ادا آئون به پهچي ويو آهيان. انهن پيارن دوستن ۾ ادا عظيم بلوچ، عرفان چانڊيو، سائين بادشاھ اڪرام الله شاھ راشدي ۽ فون وارو دوست سجاد سهتو هئا. اوچتو سجاد سهتي پنهنجي موبائيل فون ڪڍي ۽ هڪ گروپ سيلفي ورتي! تنهن کان پوءِ تقريبن 8 وڄي 30 منٽن تي حيدرآباد مان ڪار جي سواريءَ ذريعي ڪراچيءَ ڏانهن نڪري پياسين. سفر جي دوران کل مزاح، چرچا ۽ ڀوڳ شروع ٿي ويا. ادا عظيم بلوچ جا چرچا، سجاد سهتي جا وڏا ٽهڪ ۽ سائين اڪرام الله شاھ راشديءَ جي نصيحت ڀرين ڳالهين سان ماحول خوشگوار ٿي ويو ۽ کلي کلي کيرا ٿي پياسين. تقريبن اڍائي ڪلاڪن جي سفر جي نيٺ پڃاڻي ٿي ۽ وڃي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ۽ روشنين جي شهر ”ڪراچيءَ“ ۾ پهتاسين، سڀ کان پهرين اتي جي وڏي چڙيا گھر گھمڻ جو موقعو مليو، ابا ڇا ڏسي ڇا ڏسجي!! پکيءَ پکيءَ جي ذات مثلا آسٽريليا جا پکي، هنج پکي آفريقا جا پکي بس واھ واھ...! ان کان سواءِ جانور جانور جي ذات جن ۾ بنگالي ۽ هندستاني شينهن، آفريقا جا بن مانس، ڀولڙا وڏيون وڏيون ڪميون!! ان کان علاواه 2 هاٿي!! اتي تقريبن 1 ڪلاڪ گھمياسين ۽ اچي گرمي به وڌڻ لڳي مٿان مونکي ۽ ادا عظيم بلوچ کي اچي بک ورايو!! ورائي به ڪيئن نه صبح کان بسڪوٽن تي جو هئاسين!! بهرحال تنهن کانپوءِ هڪ ريسٽورينٽ تي وياسين اتي رفريشمينٽ ڪئي سين چانهن وغيره پيتي سين ۽ اڌ ڪلاڪ ويٺاسين، ڳالهين ڳالهين ۾ 1 به ٿيڻ وارو هو پوءِ بس اتان اٿياسين ۽ ”ارينا“ نالي هڪ ڪلب ڏانهن رخ ڪيوسين. 15 منٽن جي سفر کانپوءِ اجهو ”ارينا“ به اچي ويو. ”ارينا ڪلب هڪ انڊر گرائونڊ گھمڻ ڦرڻ واري، راند روند ڪرڻ ۽ مانيءَ وغيره کانئڻ لاءِ سڄي ايئرڪنڊيشن جاءِ آهي.“ ان گرميءَ جي پهر ۾ دوستن طرفان ”ارينا“ وڃڻ هڪ بهترين فيصلو هو. ”ارينا ڪلب“ ۾ قسمين قسمين جو رانديون هيون جن ۾ ڪرڪيٽ راند، ڪمپوٽر راندين ۾ مشهور ايڪس باڪس ۽ ٽي ڊي ورچيوئل ريلٽي وغيره وغيره. اسان بالنگ راند ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ اها کيڏي جنهن ۾ تمام گھڻا لطف اندوز ٿياسين. اسان جي ٻن دوستن اڪرام الله راشديءَ ۽ عرفان چانڊيو ”برف اسڪيٽنگ“ ”جيڪا شروع شروع ۾ تمام ڏکي هوندي آهي“ به کيڏي انهن دوستن ته کلائي کلائي سفر جا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا هاهاها...! ادا عرفان ۽ اڪرام جس لهڻن جن واقعي ان راند کي پهريون ڀيرو ٽرائي ڪيو! ان کانپوءِ وڃي کاڌ پيت ڪئي سين. اتي موج مستي ڪندي اچي سج به لڙيو ۽ شام جا 4 وڄي 30 منٽ ٿيا ۽ پوءِ بنا ڪنهن دير جي ڪراچيءَ جي عظيم سمنڊ ”سي ويو“ ڏانهن نڪري پياسين، دوستو دنياجي ٻن عظيم سمنڊن ”پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ“ کانپوءِ هيءُ ٽيون نمبر وڏو سمنڊ آهي جنهن کي ”هندي سمنڊ“ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ سمنڊ هندستان جي وڏي ۾ وڏي شهر ”ممبئي“ سان به لڳي ٿو. سي ويو تي ڪثير تعداد ۾ ماڻهو لٿل هئا. اسين به وڃي اتي پهتاسين تمام گھڻو انجواءِ ڪيوسين. سجاد سهتي جون مستيون مثلا موبائيل فون تي تصويرون ۽ ويڊيوز ٺاهن، ٽن ڦيٿن واري گاڏي هلائڻ وغيره وغيره!! سمنڊ بادشاھ جون لهرون ۽ مستيون ڏسي زبان تي مالڪ ۽ خالق جو ذڪر اچي ٿي ويو سبحان الله بيشڪ سڄي جهان جو خالق ۽ مالڪ الله تعالي آهي. سي ويو تي گھمندي گھمندي اچي سج به لڪڻ جي ڪئي ۽ شام جا سرمائي سايا بس اجهو تي آيا!! پوءِ بس بنا ڪنهن دير جي واپس پنهنجي اکيرن ڏانهن نڪرڻ جي ڪئي سين. ڪراچيءَ کان نڪرندي نڪرندي شام جا 7 ٿي ويا ۽ نيٺ سفر جي پڄاڻي تي ۽ رات 9 وڄي 30 منٽن تي اچي واپس حيدرآباد پهتاسين. آخر ۾ سڀ دوستن جا وڏا وڙ ۽ ٿورا جن مونکي هن قرب جي سفر جي ڪوٺ ڏئي تمام گھڻو مان ۽ عزت بخشي!!

    ۽ اهڙي نموني هن هڪ يادگار ۽ سهاني سفر جي پڄاڻي تي! ۽ هيءُ سفرنامو وڃي ڪنهن ماضيءَ جي ورقن ۾ دفن ٿيو!! دوستو هر هڪ گزرندڙ لحظو ڪڏهن به واپس نه ايندو...! آخر ۾ اهو ئي چوندس ته ”جتي به هجو سدائين خوش هجو ۽ هميشه کلندا رهو آمين.“

    هيٺ ڪجھ يادگار تصويرون شيئر ڪجن ٿيون جيڪي سجاد سهتي ۽ مون سفر جي دوران ڪڍيون هيون.

    ”محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھايو“ شاھ سائين

    ليکڪ: اعجاز علي ابڙو (حيدرآباد)

    سافٽ ويئر انجنيئر

    aijaz.ali@hotmail.com

    [​IMG]
    [​IMG]
     
    ABDUL SAMAD هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    مَاشاءﷲ. .سٺو سفرنامو !!
     
    اعجاز علي ابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  3. اعجاز علي ابڙو

    اعجاز علي ابڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏21 مارچ 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر انجنيئر، ليکڪ ۽ استاد
    ماڳ:
    قاسم آباد، حيدرآباد سنڌ
    سائين تواهان جا لک ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو