هلڪي غذا شفا ئِي شفا

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اڪثر ماڻھو روزو کولڻ وقت ھڪ وڏي غلطي اِھا بہ ڪندا آھن تہ اُھي پيٽ کي ڊسٽ بِن سمجهي سڀ ڪُجهہ دٻيندا ويندا آھن. ايئن ڪرڻ سان اُھي صحي نموني کاڌو نہ کائي سگهندا آھن ۽ بدھضمي جي شڪايت ڪندا آھن.
    ان ڏَس ۾ انھن لاءِ بھتر اِھو آھي تہ صرف پنچ کان ست ڪَتَل جون ڳڙيون (کجور) کائي روزو کولين، پاڻيءَ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ چار پنج گلاس شربت جا پي ڇڏين ۽ گڏوگڏ ھڪ يا ٻہ پليٽون فروٽ چاٽ، ڏھي پڙا، چڻن جي چاٽ وغيرہ کائن. سموسا ۽ پڪوڙا بہ حسبِ توفيق کائن پر ماني نہ کائن. ھڪ ڪلاڪ ڇڏي پوءِ ٻہ پليٽون پلاءُ يا برياني کائن، ماني تراويحن کانپوءِ کائن. کاڌي ۾ ڀاڄيءَ جون ٻہ پليٽون ۽ ٽي چار چپاتيون کائن پر مٺو ان سان گڏ نہ کائن. تقريبن ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ مٺو کائِي ڪُجهہ دير پنڌ ڪَن جنھن جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ٻہ ٽي گلاس ملڪ شيڪ پيئن. سحري ڪرڻ کان پھرين مٺي لَسِي جو ھڪ جڳ پيئن تہ بھتر آھي نہ تہ ڏھيءَ جو ھڪ وڏو پيالو کنڊ ملائي کائن. سحري تمام ھلڪي ڦُلڪي ڪَن، جنھن ۾ ٻہ آنا چار سلائس يا ٻہ پراٺا کائي چانھن پيئن ۽ اذان کان پھرين چار گلاس پاڻيءَ جا پِي روزي جي نيت ڪن. انشاءَ اللہ ائين ڪرڻ سان طبعيت ۾ بار محسوس نہ ٿيندن.. ياد رکن تہ ھلڪي غذا، شفا ئي شفا.


    [​IMG]
     
    ڪليم الله ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسانجي بہ ساڳي ئي حالت آھي پيارا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو