ڪفن لاءِ پريشان سنڌ جي غريب عوام

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حاڪم علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2018۔

  1. حاڪم علي چانڊيو

    حاڪم علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سنڌ ۾ لڳاتار ڏھ سال پ پ جي حڪومت رھي آھي ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رھڻ باوجود بہ پ پ حڪومت سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهي آھي ھند سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ پ پ جا ستايل ماروئڙا ڪنھن مفلص متبادل جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن سنڌ جا حڪمران ڏھن سالن ۾ سنڌ جي ڪنھن بہ اداري کي سڌاري نہ سگهيا رھندو اڳيون نور ئي چٽ ڪري ڇڏيئون سنڌ ۾ جڏهن ٻوڏ آئي تہ ان وقت پ پ جي حڪومت پوري ملڪ ۾ ھئي ۽ پ پ سرڪار وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون تہ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺھرائي ڏنا ويندا ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالي سھائتا ڪرڻ جھڙيون دعوائون شامل ھيون ۽ پ پ سرڪار پاران ٻوڏ متاثرن کي وطن ڪارڊ ڏنا ويا جن تي ھڪ لک روپيا مقرر ٿيل ھو پر اھو لک روپيا اگر فوري طور تي ٻوڏ متاثرن کي ملي ھا تہ انھن کي ڪم اچي سگهي ھا پر ان وطن ڪارڊ مان ويھ ھزار جون ٽي قسطون ٽن سالن جي ٽائيم ۾ مليون مطلب ھڪ لک روپين جي بجاءِ سٺ ھزار مليا اھي بہ ٽن سالن ۾ ان کان پوءِ سنڌ ۾ برسات جيڪا تباھي مچائي ان ۾ ڪيترن ئي مسڪين ۽ غريبن جا اجها ڊھي پٽ ٿي ويا تڏهن وري پ پ سرڪار سنڌ جي عوام کي سنڌ ڪارڊ جاري ڪيا ۽ ان ڪارڊ تي ويھ ھزار ڏيڻ جو اعلان ٿيو پر ان ڪارڊ تي بہ رڳو ڏھ ھزار مس مليا ۽ اھي سنڌ ڪارڊ بہ پنھنجا نوازي طور تي عوام کي ڏنا ويا ھڪڙو جمھوري دور گذري ويو ٻيو جمھوري دور پورو ٿيڻ تي آھي پر سنڌ جي عوام جا اھنج ساڳيا ئي آھن ڪنھن بہ قسم جي تبديلي نہ اچي سگهي آھي پ پ جو منشور آھي تہ اٽو لٽو ۽ اجهو گذريل ڏھن سالن کان سنڌ ۾ پ پ سرڪار ڪنھن کي اٽو ڏنو؟ ڪنھن کي لٽو ڏنو؟ ڪنھن کي اجهو ڏنو؟ پ پ سرڪار پنھنجو منشور رڳو عوام کي ٻڌائي ووٽ وٺڻ تي ئي استعمال ڪري ٿي سنڌ جي حالت ايتري خراب ٿي وئي آھي جو بيروزگاري کان تنگ ٿي ماڻهو خودڪشيون ڪري رھيا آھن مھانگائي عروج تي آھي ھڪ مھانگائي ٻيو بيروزگاري سبب ماڻهو ذھني مريض ٿي چڪا آھن سنڌ ۾ رشوت جي بازار گرم ڪئي وئي آھي جائز ڪم بہ رشوت کان سواءِ نہ ٿو ٿئي ماڻهن ۾ ڏينھون ڏينھن غربت وڌندي پئي وڃي اھا غربت ايتري تہ وڌي وئي آھي جو ماڻهن وٽ " ڪفن " لاءِ بہ پئسا ناھن مرڻ کان پوءِ فوتي جا وارٽ جهوليون جهلي ڪفن جي پسئن لاءِ چندو ڪري رھيا آھن اھڙي قسم جو تازو واقعو جيڪو ڏھرڪيءَ ۾ پيش آيو جنھن ۾ ھڪ خاڪروب عورت رياضا شيخ فوت ٿي وئي ۽ ان جا وارث غريب ھجڻ ڪري ڪفن جا پئسا نہ ھئڻ سبب جهولي جهلي شھرين کان خيرات گهُري ۽ اھڙو منظر ڏسي حساس دل ماڻهو اکين مان لڙڪ لاڙي نہ سگهيا جڏهن پ پ جو منشور آھي تہ " اٽو لٽو ۽ اجهو " ۽ خاڪروب عورت جي وارثن جو ڪفن جي پئسن لاءِ جهولي جهلي شھرين کان خيرات گهرڻ پ پ جي منھن تي چماٽ آھي اٽو لٽو ۽ اجهو تہ پري پر پ پ سنڌ جي عوام کي ڪفن بہ نٿي ڏئي سگهي منھنجي خيال ۾ پ پ سرڪار جو سنڌ مان جنازو نڪري رھيو آھي جو ماڻهو ھاڻي ڪفن لاءِ بہ پريشان آھن بيروزگاري کان تنگ ٿي ماڻهن پنھنجا عضوا بہ وڪڻندا آھن پر ڪفن جي پئسن لاءِ روڊن تي جهوليون جهلي خيرات گهرڻ غربت جي انتھا ٿي وئي اھا خاڪروب عورت رياضا شيخ پنج مھينا اڳ رٽائرڊ ٿي پر ان کي رٽائرمينٽ جا پئسا تہ نہ مليا پر پئنشن پڻ نہ ملي سگهي ۽ رياضا شيخ بيماريءَ جي حالت ۾ ملتان جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي ھاڻي پ پ سرڪار کي گهرجي تہ پنھنجو منشور تبديل ڪري يا پنھنجي منشور جي پاسداري ڪري پر پاسداري ڪرڻ پ پ جي وس جي ڳالھ ناھي ڇو تہ پ پ سنڌ ۾ ڪک پن چٽ ڪري ڇڏيو ھر ادارو تباھ ٿيل نظر اچي ٿو بيروزگاري ناچ ڪري رھي آھي پڙھيل لکيل نوجوان مزدوري ڪرڻ تي مجبور آھن نوجوان پنھنجون معياري ڊگريون ھٿن ۾ کڻي ايم پي اي، ايم اين اي، سرڪاري، خانگي ادارن، فيڪٽرين ۽ ڪمپنين ۾ نوڪريءَ لاءِ رلندا وتن ٿا پر انھن کي سواءِ آسرن جي ڪجهہ بہ نصيب نہ ٿو ٿئي ميرٽ جي لتاڙ عروج تي آھي سنڌ جي عوام کي ھن خط ذريعي ننڍڙي گذارش ٿو ڪريان تہ ھن ڀيري پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا سنڌ جي تقدير خاطر غريب عوام خاطر ۽ بيروزگار نوجوانن خاطر ۽ انھن غريبن خاطر جيڪي ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آھن ۽ انھن ماڻهن خاطر جيڪي ڪفن جي پئسن لاءِ خيرات گهرڻ تي مجبور آھن انھن ماڻهن ۽ سنڌ جي قسمت بدلائڻ خاطر پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا تہ جيئن سنڌ خوشحالي ۽ ترقيءَ طرف گامزن ٿي سگهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو