پي پي جي خراب حڪمراني ۽ جوھي ۾ پي ٽي آءِ جو ڪامياب جلسو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حاڪم علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2018۔

  1. حاڪم علي چانڊيو

    حاڪم علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آھي جنھن کي چئن صوبن جي زنجير ڪوٺيو ويندو ھو، پر2013ع واري اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪردگي سبب اھا زنجير ٽٽي پئي ۽ اھا چئني صوبن واري پاڪستان پيپلزپارٽي صرف سنڌ جي ڪجهه شهرن تائين محدود ٿي وئي، سنڌ ۾ جيڪي پ پ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن انھن ڪمن جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن جي تباهي جيان جوھي تعلقو انهن تباهه ٿيل شهرن ۾ شامل آهن، دادو ضلعي جي تعلقي جوھي ۾ جڏهن به اليڪشن ٿيندي آھي ته ان ۾ پيپلزپارٽيءَ جا اميدوار ئي سوڀ ماڻيندا آھن پر افسوس آھي جو اھي چونڊيل نمائندا جوھي تعلقي جي عوام جي معيار تي پورا ناهن لهندا، پ پ جي چونڊيل نمائدن جي ڪمن تي نظر وجهون ٿا، روڊن تي نظر ڪجي ته روڊ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رھيا آھن، انھن روڊن تي سفر ڪرڻ موت کي للڪارڻ برابر آھي،

    پيپلزپارٽي گذريل ڏھن سالن کان جوھي جي عوام سان ويساهه گهاتيون ڪري رھي آھي، پ پ وارن جوھي شھر کي اُڏوھيءَ جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي، ڏھن سالن جي عرصي ۾ جوھي واسين کي گندو پاڻي پيارڻ ۾ ڪا به ڪثر ناھي ڇڏي وئي، ٻيو ته ٺھيو پ شهر ۾ رولو ڪتن جو جيڪو آزار آهي ميونسپل عملو رولو ڪتا به ناهي ماري سگهيو، اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين ڪونهي، اهڙي طرح جوھي جي سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن لا ڪا به سهولت ميسر نه آهي، هر وقت دوائن جي کوٽ هوندي آهي، تنهن ڪري مريضن کي رڳو ڌڪا ئي نصيب ٿين ٿا، جوھي تعلقي جو عوام پ پ کان دلي طور بيزار آھن ڇو ته گذريل ڏھن سالن ۾ جوھيءَ جي عوام کي ڪا به بنيادي سھولت نه ملي آهي، روايت موجب چونڊيل نمائندا اليڪشن جي ڏينهن ۾ عذرخواھيون ڪرڻ ۾ پورا ھوندا آھن ۽ اليڪشن کان پوءِ سليماني ٽوپي پائي گُم ٿي ويندا آھن، جوھي شھر کي ٿر بڻائڻ ۾ چونڊيل نمائندن ڪا ڪثر ناهي ڇڏي، جوھي کان ڇني، ڊرگهه بالا، واھي پانڌي، ڦلجي وليج ۽ ڀان سعيدآباد ويندڙ روڊ جيڪي مشرف دور ۾ ٺهيا انهن روڊن کي وري نه ٺاهيو ويو، مطلب ته شهر سان ڳنڍل لنڪ روڊ ڌوڙ ۾ تبديل ٿي ويا پر ڏھن سالن ۾ چونڊيل نمائندن کي ڪو رحم نه آيو، شھر ۾ صفائي جو نظام پڻ بدتر لڳو پيو آھي ھر روڊ ھر ڪالوني ھر گهٽيءَ ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آھن، نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي رھيو آھي، پ پ جو منشور اٽو لٽو ۽ اجهو آھي اٽو ته ڇا پر پيئڻ جو پاڻي به ڪونهي ھن وقت به ڪاڇي جا سوين ڳوٺ پاڻيءَ جھڙي بنيادي سھولتن کان محروم آھن، ڪاڇي ۾ واٽر سپلاءِ نه ھجڻ سبب ڪاڇي جا رھواسي دٻن ۽ تلائن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن، جنھن ۾ گاجي شاهه، ڇني، ساوڙو، حاجي خان، ڊرگهه بالا، هيرو خان، واھي پانڌي، بھليل شاهه، ٽنڊو رحيم خان، ليمون شاھاڻي، فضل شاھاڻي، فضل جمالي، علي مراد شاھاڻي، باغ علي شاھاڻي ۽ ھليلي سميت لڳ ڀڳ ھڪ سئو ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن، زراعت لاءِ پاڻي به ڪونهي، تعلقي جا اسڪول اوطاقن ۾ تبديل ٿيل آھن، شھر ۾ اسٽريٽ لائيٽون به من پسند ماڻهن جي درن يا گهٽين ۾ لڳل آھن،

    جوھي تعلقي جي عوام پ پ کان بيزار ٿي پي ٽي آءِ ڏانهن رُخ ڪيو آھي، جوهي ۾ 7 اپريل تي پي ٽي آءِ جو تمام وڏو جلسو ٿيو جنھن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شامل ٿي پ پ کان دلي طور بيزاريءَ جو چٽو ثبوت ڏنو، جڏهن جلسي جون تياريون ڪيون پئي ويون ته پ پ جي ڪارڪنن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي شھر ۾ چاڪنگ ڪرڻ کان منع ڪيو، سڄي شھر جي ديوارن تي پ پ جي چاڪنگ ڪئي وئي ۽ جنھن گراؤنڊ ۾ جلسو رٿيو ويو ان گراؤنڊ جي ڪمپائونڊ وال تي پڻ پ پ جي چاڪنگ ڪري پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ رنڊڪون وڌيون ويون، جڏهن شام جي وقت جلسي گاھ ۾ ڪرسيون لڳايون ويون ته پ پ جي ڪارڪنن خالي ڪرسين جي وڊيو رڪارڊنگ ڪري سوشل ميڊيا ذريعي تنقيد ڪئي پر اچانڪ منظر بدلجي ويو، جوھي شھر ۽ ڀرپاسي جي عوام اچي جلسي گاھ ۾ لٿو ته ھزارين ڪرسيون به پوريون نه پئجي سگهيون، جلسي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جڏهن حڪومت جي پت وائکي ڪئي ته عوام هٿ مٿي ڪري بيزاري جو ثبوت ڏنو، پي ٽي آءِ جو جلسو پ پ وارن لاءِ ھڪ افسوس جو سبب بڻجي ويو، جيڪڏهن گذريل ڏھن سالن ۾ پ پ جوھي جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري ھا ته شايد پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ايتري عوام نه ھجي ھا جلسي ۾ انھن ماڻهن به شرڪت ڪئي جيڪي اول پ پ ۾ رھي چڪا آھن پ پ مان انھن ماڻهن کي ڪھڙيون تڪليفون پھتيون جو اھي ئي ماڻهو جيڪي ڪالھہ جيئي ڀٽو جو نعرو ھڻي رھيا ھئا ۽ اھي پ پ جي تنقيد تي تاڙيون وڄائي رھيا هئا، ان معاملي تي پ پ کي سوچڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو اڄ ھزارن جي تعداد ۾ آھن سڀاڻي لکن تائين به پھچي ويندا،جوھي ۾ پي ٽي آءِ جي ڪامياب جلسي مان اھا ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته جوھي تعلقي ۾ پ پ جو زوال اچي رهيو آهي، اهو زوال سنڌ جي هر شهر ڏانهن وڌندو، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ووٽ جو سهي استعمال ڪندا ۽ پنهنجا حق ضرور وٺندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو