صحافت سماج جي آرسي آھي

'تعارف' فورم ۾ حاڪم علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2018۔

  1. حاڪم علي چانڊيو

    حاڪم علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سنڌ ۾ جھڙي طرح عورتون تشدد ۽ ذھني دٻاءُ جو شڪار آھن تھڙي طرح صحافي بہ ان مسئلي جو شڪار آھن سنڌ ۾ صحافي طبقو اڪثر با اثرن ۽ سياسي ڀوتارن جي دٻاءُ ھيٺ رھي ٿو روز جڏهن اخبار ھٿ ۾ کڻجي ٿي تہ ان ۾ ڪنھن نہ ڪنھن صحافي تي ٿيل تشدد يا موتمار ڌمڪيون ۽ خراب نتيجا ڀوڳڻ جھڙيون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون اھي صحافي جيڪي گرمي توڙي سردي ڏينھن ھجي يا رات ھجي پنھنجي جان جي بہ پرواھ نہ ڪندي ھر ھنڌ پھچي پنھنجي ذميواري نڀائين ٿا صحافي اھو طبقو آھي جيڪو امير توڙي غريب کي ھڪ جيتري اھميت ڏئي ٿو صحافي اھو طبقو آھي جيڪو غريبن جو آواز ايوانن تائين پھچائي ٿو ڏيھ توڙي پرڏيھ جون خبرون عوام تائين پھچائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رھي ٿو پر سڀني کان غير محفوظ بہ صحافي آھن صحافين کي ڌمڪيون ملڻ يا انھن تي تشدد ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آھي انھن کي ڌمڪيون صرف انڪري ملي رھيون آھن جو ھوءَ سچ لکن ٿا صحافي ھڪ قسم جو آئينو آھي ۽ آئينو ڪڏهن ڪوڙ ناھي ڳالھائيندو اگر اسان آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسنداسين تہ جھڙو چھرو ھوندو تہ اھوئي نظر ايندو صحافي بہ آئيني جيان سچ لکي اڇا ڪارا پڌرا ڪري عوام آڏو آڻي ٿو جنھن ڪري صحافت تي وار ٿيندا رھن ٿا دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي ميڊيا آزاد آھي جنھن ڪري اھي ملڪ ڏينھون ڏينھن ترقيءَ جي نئين منزل طئي ڪندا رھن ٿا پر اسان وٽ لاقانونيت سبب ھر ڪم ان جي ابتڙ ھلي رھيو آھي اسان جا صحافي تقريبن دٻاءُ ھيٺ آھن شل نہ ڪنھن با اثر جي ڪنھن برائي جي نشاندھي ڪن پوءِ حملا شروع ٿي ويندا آھن صحافين جي آواز کي دھشت ۽ وحشت جا رکوالا مختلف طريقن سان دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ سنڌي ميڊيا انھن مسئلن جو وڌيڪ شڪار رھي ٿي اگر ڪو وزير مشير يا منسٽر وغيره جو ڪنھن بہ علائقي ڏانهن وڃڻ ٿيندو آھي تہ ان علائقي جا صحافي ڪوريج لاءِ اُڀ پيرين بيٺل نظر ايندا آھن افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ اھي صحافي جيڪي ھر اداري، ھر ماڻهو، امير، غريب، سياسي ۽ غير سياسي ماڻهوءَ کي ھڪ جيتري اھميت بہ ڏين ۽ انھن تي وار ٿين تہ صحافي ڪيڏانهن وڃن؟ سنڌ جي مختلف شھرن مان روز ڪنھن نہ ڪنھن صحافي تي تشدد ٿيڻ جون خبرون پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون ھر شھريءَ کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آھي تہ پوءِ صحافين کي تحفظ ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ انھن کي ملندڙ ڌمڪين جو نوٽس ڇو نٿو ورتو وڃي؟ اسپتال، پوليس، ڪورٽ، واپڊا، نادرا، روڊس ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن کي ڪوريج ڏيندڙن کي ڇو پيو ڌمڪايو وڃي؟ جڏهن کان سنڌي ميڊيا وجود ۾ آئي آھي تڏهن کان گهڻ رخي دٻاءُ جو شڪار رھي آھي ميڊيا سماج جو آئينو آھي معاشري ۾ ٿيندڙ ھر ظلم جي عڪس کي ميڊيا اقتداري ايوانن تائين پھچائي ٿي عوام ۾ شعور ميڊيا ذريعي ئي اچي ٿو پر ان ئي ميڊيا کي عوام دشمن ڌريون ڪنھن "خاص ايجنڊا" تحت دٻائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رھيون آھن قانون نافذ ڪندڙ ادارا عوام تائين "صحيح خبر" نہ پھچائڻ لاءِ صحافين تي مختلف قسمن جا دٻاءُ وجهندا رھن ٿا منشيات فروش ۽ ٻيا غير قانوني ڪم ڪندڙ ماڻهو بہ ڪنھن برائي جي نشاندھي ڪرڻ تي ميڊيا ۽ صحافين کي دٻائين ٿا مختلف سياسي ڌريون جيڪي جيئَن ئي ميڊيا جي آڪسيجن تي ٿيون اخبار ۾ خبر نہ لڳي يا سندن فرمائش موجب اوترن ڪالمن ۾ نہ لڳي تہ اھي سنڌ جي عوام جي اڪيلي آواز کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ آھن انھن کي ڌمڪيون ملنديون رھن انڪري جو صحافي انھن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪن ٿا بندوق جي نال مان ڏسندڙ ڀوتار ۽ جارگيردار بہ صحافين کي دٻائيندا رھن ٿا ميڊيا سماج جي آرسي آھي منھن مھانڊو ڀلي ڪيترو بہ خراب ھجي ان ۾ (ميڊيا) آرسيءَ جو ڪھڙو ڏوھ؟ ميڊيا تہ صرف انھن ماڻهن جا ڀيانڪ چھرا عوام کي ڏيکاري ٿي سندن ڪارنامن جي پت کي وائکو ڪري ٿي ڀلا سچ لکڻ، چوڻ، ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ ڪھڙو ھرج آھي؟ تاريخ گواھ آھي تہ صحافين جون عوام لاءِ جاني توڙي مالي ڪيتريون ئي بيشما قربانيون آھن اھي صرف ۽ صرف حق ۽ سچ لکڻ جي نتيجي ۾ شمار آھن دنيا سميت سنڌ، پنجاب ۽ لاھور ۾ بہ صحافين تي حملا ٿي چڪا آھن سنڌ ۾ صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آھي سنڌ جي صحافين تي ڪڏهن با اثرن تشدد ڪيو آھي تہ ڪٿي وري پوليس بہ انھن جون ڪيميرائون ڀڃڻ ۾ ڪا ڪثر ناھي ڇڏي تنھن ھوندي بہ صحافي حق سچ لکڻ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ اڳي کان اڳڀرا رھن ٿا ڪنھن غريب سان ناجائزي ٿئي ٿي تہ اھي بہ پريس تي بينر کڻي اعليٰ اختيارين کان نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪن ٿا ڪنھن سرڪاري يا خانگي ملازم جي پگهار بند ٿئي ٿي تہ اھي بہ بک ھڙتالي ڪئمپون پريس ڪلب جي گيٽ تي ھڻي ويھن ٿا اھي انڪري جو صحافي ئي انھن جي آواز کي اعليٰ اختيارين جي ڪنن تائين پھچائين ٿا نہ تہ ڇا اعليٰ اختيارين جا دفتر متاثر ماڻهن کان ڳجها آھن ڇا؟ ڪو غريب اگر دانھن کڻي پريس ڪلب پھچي مطالبو ڪري ٿو تہ آءِ جي سنڌ مسئلي جو نوٽس وٺي ڇا انھن کي آءِ جي سنڌ جو دفتر ڏٺل ڪونهي؟ ڪو ملازم اگر پگهار جي بحاليءَ لاءِ بک ھڙتال ڪري ٿو ۽ چوي ٿو تہ اعليٰ اختياريون نوٽس وٺن تہ ڇا انھن ملازمن کي انھن اعليٰ اختيارين جو آفيسون ڏٺل ناھن؟ صحافي ئي اميد جو آخري ڪرڻو آھن اگر غريبن جي آواز کي ايوانن تائين پھچائين ٿا تہ اھي صحافي ئي آھن ھن وقت بہ ڪيترائي صحافي آھن جن کي موتمار ڌمڪيون ملن پيون ۽ پر ڪنھن بہ ڌمڪي جو اتان جي قانوني اداري نوٽس ناھي ورتو سنڌ ۾ ڪنھن بہ حادثي کي روڪڻ لاءِ اول ان حادثي ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويندو آھي سنڌ ۾ ميڊيا کي يرغمال ڪرڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن پريس ڪلبن تي حملا صحافين کي ڪوريج لاءِ دٻاءُ صحافين تي تشدد اھا آھي سنڌ جي صحافت جي صورتحال صحافي زندگين جا خطرا کڻي عوام تائين خبرون پھچائين ٿا سنڌ جي بدخواھيءَ ۾ ٿيندڙ ھر فيصلي کي پڌرو ڪري فيصلا ڪندڙ قوتن کي وائکو ڪن ٿا اھي رياستي ادارن جي دٻاءُ ۽ ٻين عنصرن جي بليڪ ميلنگ کي پڻ ڀوڳي رھيا آھن سنڌي ميڊيا سنڌ جي طاقت آھي سنڌ جي عوام جي سگهہ آھي اسان سنڌ جي اعليٰ اختيارين کي پرزور اپيل ٿا ڪريون تہ مھرباني ڪري صحافين کي تحفظ لاءِ قانونسازي جوڙي وڃي جنھن مان صحافين کي مثبت موٽ سان گڏ تحفظ ملي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو