1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

نياز علي جعفري جي ڪتاب تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    نواز علي ”نياز“جعفري جي شاعريءَ تي سرسري نظر
    ارادا جن اٽل، ڏونگر سي ڏورينديون
    فقير محمد سنڌي
    جن شخصن زندگيءَ کي روشن ڏيئو سمجهي مستقل مزاجي سان ثابت قدم رهيا، تن ڪڏهن به زندگيءَ جي ڏيئي جي وٽ کي به ڪٿي ميرو ڪرڻ ڪونه ڏنو. بالزاڪ به اهڙن انسانن لاءِ حوصلي مند ڳالهه ڪئي آهي ته، ”گاهه کي پڪ آهي ته ماڻهو محلات ٺھرائيندا آهن ۽ اتي گاهه به ضرور پوکيو ويندو، ان گاهه جون پاڙون ۽ ڇيتيون ڀرواري بلاڪ مان پنھنجو رستو بڻائي، اُڀري ماربل واري فرش کي ئي اکيڙي ڇڏينديون آهن. اهڙي ساڳي طاقت،انساني زندگيءَ ۾ به آهي جا ڪٿي به گهڙي وڃي پنھنجو مقام حاصل ڪري. سندس اها طاقت توبن سان مصلح طاقت کان به وڌيڪ مضبوط هوندي آهي.“
    اهڙيءَ طرح سنڌي ادب هڪ اٿاهه سمنڊ آهي، جنھن جو هڪ موتي نواز علي ”نياز“ جعفري پڻ آهي. جنھن پنھنجي زندگيءَ ۾ بي پناهه محنت ڪئي، جنھن جي زندگي ۽ شاعريءَ تي سنڌ جي ناليواري محقق ميمڻ عبدالغفور سنڌي ايم.فل (سنڌي) لاءِ پھريون تحقيقي مقالو 1974ع ۾ لکيو. جنھن کي منظر عام تي آڻن لاءِ مرتب منظور سولنگي انتھائي دل جي حضور سان نوازعلي ”نياز“ جعفري جي شاعري تي لکيل مقالي کي عام ۽ خاص تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ان زخيم ڪم کي ڇپائڻ ۾ سلاطين پبليڪيشن سولنگي ڳوٺ لاڙڪاڻو جو اهم ڪردار آهي. ڪتاب کي اهميت ان ڪري به حاصل آهي ته ميمڻ عبدالغفور سنڌي جنھن جو نگران ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آهي. ڪتاب جو انتساب، به لاجواب آهي ته، ”سنڌي ادب جي محقق اسڪالرن جي نالي ٿيل آهي“. پيش لفظن ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي اهميت کي روشن لفظن سان ڀيٽا ڏني وئي آهي. لاڙڪاڻو سنڌي ادب ۾اها ئي حيثيت رکي ٿو، جيڪا اردو ادب ۾ لکنوءَ کي آهي. لاڙڪاڻي جي اديبن ۽ شاعرن، سنڌي علم عروض جي سلسلي ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون ۽ باڪمال شاعر پيدا ڪيا. جنھن ۾ نواز علي ”نياز“ جعفري به ان صف ۾ بيٺل نظر ٿو اچي. سنڌي ادب ۾ تمام گهڻا اسم آهن جن ادب جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو، پر لاڙڪاڻي جي مٽي زرخيز، اتم ۽ اعلى ٿي ڏسجي، عروضي شاعريءَ جي حوالي کان نواز علي نياز جعفري هم عصر دوست جنھن ۾ حاجي محمود خادم، غلام سرور فقير، علي محمد قادري، عبدالفتاح عبد عاقلي، غلام عباس ”جوش“ قادري، لعلچند عرف لعل محمد مجروح، اياز حسين اياز قادري، الله بخش انيس انصاري ۽ مولوي نور الدين نور شامل آهن.
    نواز علي نياز جعفري جي شاعري (تحقيقي مقالو) ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جا نقش ڀرپور نموني سان چٽيل آهن، جنھن ۾ لاڙڪاڻو، تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز، تاريخ، تاريخي آثار ۽ لاڙڪاڻي جو نئون دؤر شامل آهي. عروضي شاعريءَ جو خدمتگار مخدوم الشعراءُ حاجي محمود خادم خلافت تحريڪ جي زماني ۾، جيڪا ڪابل هجرت ٿي تنھنجو سالار، ڪروان مجاهد مرد جان محمد خان جوڻيجو سو به لاڙڪاڻي جو هو. هن هجرت لاءِ جيڪا اسپيشل ٽرين رواني ڪئي وئي،اُها لاڙڪاڻي مان ئي شروع ٿي، اسپيشل ٽرين تاريخ 16 جولاءِ 1920ع تي رواني ٿي.
    انگريز جڏهن سنڌ تي قابض هو ته انهن سنڌ کي بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو، تن ڏينھن ۾ سر شاهنواز ڀٽو ۽ خان بھادر محمد ايوب کھڙو، صوبائي حيثيت لاءِ پاڻ پتوڙيو، تاريخ جي حوالي کان لاڙڪاڻي جي پنھنجي حيثيت رهي آهي، تھذيب جا اوائلي نشان، لاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موهن جو دڙو لاڙڪاڻي جي حصي ۾ شامل آهي. لاڙڪاڻي کي چانڊڪا پرڳڻي جو اعزاز به حاصل آهي. لاڙڪاڻو سنڌ جو اهم شھر جتي علم ادب سان گڏ زندگيءَ جي هر سھولت مھيا ڪندڙ ادارا، هنڌ، مارڪيٽون، پاڙا، اسڪول، اسپتالون انساني زندگيءَ لاءِ ڪارگر آهن.
    نواز علي نياز جعفريءَ جي زندگيءَ جو خاڪو قابلِ ديد آهي. نواز علي نياز 8 آڪٽوبر 1892ع تي محمد آچر خان جعفريءَ جي گهر جنم ورتو. نياز جو سلسله نسب سکر جي مشھور سومرا خاندان سان وڃي ملي ٿو، سندس گهراڻي جي اهلبيت سڳورن سان محبت هجڻ ڪري جعفري سڏائڻ کي اوليت ڏنائين. نواز علي نياز جي زندگيءَ جا تمام گهڻا پاسا آهن، ان ۾ ڏک، خوشيون، آزمائشيون ۽جدوجھد شامل آهي. زندگي بھارن سان ڀريل رستو ته ڪونهي، پر اسين ڪجهه سٺا ڪم ڪري، اها ڪنھن جي لاءِ آسان ته بڻائي سگهون ٿا. ٻاروتڻ جا ابتدائي ڏينھن جنھن ۾ نياز جعفري کي اچي اڻ تڻ محسوس ٿي، زندگيءَ جو باقي رهيل حصو ڪيئن گذرندو، جنھن ۾ پھريون تڪبنديءَ وارو شعر ته:
    هڪڙيون هيون چار ڄڻيون،
    ٽي ته وينديون رهيون،
    ڪيئن ڪندي ويچاري.
    خيرالنساء جعفري جو زندگيءَ متعلق حسين خيال آهي ته، ”زندگيءَ ۾ سُچيتائي جا سودا، وڏي ڌيرج سان ٿيندا آهن.“
    زندگيءَ جا مشڪل ترين لمحا انسان کي اڃا وڌيڪ حوصلي مند ڪندا آهن، جيئن نواز علي نياز جون هي سٽون زندگيءَ لاءِ اتساهه به آهن ۽ دلاسو پڻ:
    ڪيئن وساري ٿو سگهي، دلدار توکي هي ”نياز“،
    آخري الفاظ تنھنجا، جنھن جي دل گهائڻ لڳا.
    نواز علي نياز جعفريءَ جو دور سنڌي ادب لاءِ اهميت جوڳو هو، جنھن ۾ خاص طور تي شاعري ۽ ٻوليءَ نياز جي ٽھيءَ ڀرپور نموني سان پاڻ ملهايو آهي، جنھن ۾ عروضي شعر ۽ مشاعرن جو رواج لاڙڪاڻي جو ادبي ماحول، مشاعرن جو عروضي شاعريءَ جي ترويج ۾ حصو، اديب سنڌ ۽ ان ۾ نئون اتساهه، جنھن ۾ نوجوانن کي ڀرپور نموني سان حصو وٺرائي، ادب جي آبياري ڪئي. اديب سنڌ رسالي جون فني تنقيدون، شاعريءَ، ٻولي ۽ عروض جي سکيا لاءِ اهميت وارو ڀرپور فورم هو.
    ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسون، بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان سن 1921ع ۾ 25 ۽ 26 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ٿي، جنھن جي صدارت شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ڪئي. اهڙي طرح ٽيويھين ادبي ڪانفرنسن ما ڏهه ادبي ڪانفرنسون لاڙڪاڻي شھر ۾ منعقد ٿيون آهن، ان مان لاڙڪاڻي جي ادبي اهميت ۽ لاڙڪاڻي واسين جي ادبي ذوق جو، سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت جي جذبي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    ڏاتر ڏني ڏات لاڙڪاڻي جي زرخيز مٽيءَ کي، جنھن مان انمول موتين جنم ورتو، ڪن سياست ۾ پنھنجو نالو روشن ڪيو ته ڪن وري چنڊ جيان سنڌي ادب ۾نور جون تجليون پئي ڏنيون. انهن ۾ تمام گهڻا نالا آهن، جن نوازعلي نياز جعفري کي پنھنجي هلڪي احباب ۾ گڏ کڻي هليا. ان دؤر ۾ سنڌي نظم توڙي نثر کي سٺي پذيرائي ملي ۽ ادب جي واڌ ويجهه به ٿي.
    نواز علي نياز جعفري جي شاعري (تحقيقي مقالو) جي چوٿين باب ۾ نواز علي نياز جي همعصر ۽ سھيوڳي شاعرن جو جامع نموني سان ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو باب به تاريخي حيثيت رکي ٿو.
    باب پنجين ۾ شعر و شاعري،صنفون، تصنيفون، شاعريءَ جو فني خوبيون، سھ حرفي، طنز و مزاح، غزل، ۽ نظم شامل آهن. نواز علي نياز جعفري ان باب ۾ شاعريءَ جي صورت ۾ عمده بيان آئيندي جو الڪو نظر اچي ٿو. ڳوٺن جي سڌارن بابت پنھنجا خيال ڪجهه هن ريت پيش ڪيا اٿس ته:
    ٿو ٿئي افسوس هر ڪنھن ڳوٺ جي حالت ڏسي،
    هڪ طرف هاريءَ جي غربت ٻئي طرف محنت ڏسي،
    ٿي لڳي حيرت زميندار جي ڀي غفلت ڏسي،
    عيش عشرت ۾ وڃائيندو سڄي دولت ڏسي،
    ڪئن ڪنداسي ڳوٺ پنھنجي جي سڌارڻ جو خيال.
    ڪتاب جي آخري حصي ۾ نواز علي نياز جو ديوان ۽ شاعريءَ جي ٻين اسمن تي به طبع آزمائي ٿيل آهي، جنھن ۾ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي به عڪاسي ڪئي اٿس ته پنھنجي جذبات ۽ احساسات جو اظھار به ڪيو اٿس. پنھنجي وفات کان ٽي ڏينھن اڳ يعني 9 نومبر 1959ع تي جيڪو غزل لکيو اٿس اُن ۾ گويا پنھنجي موڪلاڻي ظاهر ڪئي اٿس.
    اوچتو سڏ ٿيو نه ڪنھن کان موڪلايون ٿو وڃان،
    درد دنيا مان هي پنھنجي دل ۾ پائي ٿو وڃان.
    زندگيءَ جي اٿاهه ساگر کي ڏسي ڪري بي اختيار ٿي چئي ڏنائين ته:
    عمر ساري مون پڙهيو پي تنھنجي قدرت جو ڪتاب،
    پر نه پورو ٿي سگهيو مون کان فقط هڪڙو ئي باب.
    آخر 12 نومبر 1959ع تي زماني جون سڀ حسناڪيون ڇڏي ازلي زندگيءَ ڏانھن هميشه لاءِ روانو ٿي ويو.
    **​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو