لِکِئي جُون لامُون…!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    جڏھن انسان منجهان ڪوشش ڪرڻ واري قوت ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي تہ تڏهن وري قسمت تي اعتبار ڪرڻ وارو عقيدو سگهارو ٿيڻ لڳندو آهي حالانڪ اڄ تائين دنيا جي ڪامياب ترين انسانن قسمت جي آسري تي پنهنجي مستقبل کي ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيو آهي پر ڇا ڪجي اسان جي معاشري جي اڪثريت عقيدن جي اوٽ ۾ محنت ڪرڻ کان قاسر آهن قوت، وسيلا توڙي موقعا ميسر هجڻ جي باوجود قسمت تي ڀاڙي ڪري پنهنجي آئيندي جو اختيار ڪنهن اهڙي قوت حوالي ڪري ڇڏيندا آهن جنهن قوت جي وجود بابت بہ وٽن ڪو خاص خاڪو يا ظاھري شڪل موجود ڪين هوندو آهي…!!!

    انسان هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز هجڻ جي باوجود بہ جيڪڏهن پاڻ کان ڪمزور قوتن جي حوالي ڪري ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جو ٺيڪو کين ڏئي ڪري پاڻ سڪون واري حالت ۾ گوشا نشين ٿي تہ پوءَ شايد قدرت وارو بہ سندس مدد ڪرڻ لاءَ تيار ڪونہ ٿيندو، ٿيندو ائين آهي تہ جڏهن اسين ڪنهن ڪم يا ارادي ۾ ناڪام ٿيندا آهيون تہ تڏهن يڪدم اسان جي ذهن تي اِهو خيال تري ايندو آهي تہ شايد اِها شئي اسان جي قسمت ۾ نہ هئي…!!!

    هاڻ جڏهن قسمت پاڻ ايڏي ڪمزور ۽ بي وس هوندي آهي جو کيس ٺاهڻ توڙي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار حضرت انسان جو پنهنجو ئي هوندو آهي پر ان جي باوجود بہ جڏهن حضرت انسان نراسائي توڙي ناڪامي واري حالت ۾ کيس قصور وار ٺهرائي ڪري پاڻ کي آجو رکڻ چاهي تہ شايد اِها سندس علم توڙي پنهنجي ضمير سان ڌوڪو، ٺڳي ۽ دولاب تصور ڪيو ويندو ان کان وڌيڪ حضرت انسان جي چالاڪي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي…!!!

    حضرت انسان ازل کان ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ بنيادي طور پنهنجي محنت جا گُڻ ڳائڻ لڳندو آهي ۽ پاڻ کي فاتح ثابت ڪندو آهي پر وري ان جي برعڪس ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ سڄو ٺيڪو قسمت جي پاند ۾ هڻي پنهنجو پاند آجو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهي، پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪو عمل بہ يقينن هڪ وڏي خيانت ڪرڻ جيترو غير مهذب عمل آهي…!!!

    انسان جو ڪنهن بہ ڪم توڙي عمل ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ ناڪام ٿيڻ جو اصل ڪارڻ سندس سوچ، سندس ڪوششون، سندس صلاحيتن جو استعمال ۽ سندس حڪمت عملي جو هجڻ آهي، جڏهن حڪمت عملي ئي مناسب نموني سان جڙيل نہ هوندي تہ پوءَ يقينن ان عمل جو نتيجو بہ ايترو ئي ڀيانڪ ثابت ٿيندو، ان لاءَ سڀ کان پهريان سوچ جي رخ کي تبديل ڪري نئي سري نئي سوچ جي اڏاوت ڪري ناڪام ٿيڻ جا مکيہ سبب ڳولجهن پوءَ وري انهن کي تبديل ڪري انهن جي جڳھ تي ڪار آمد توڙي لائڀائتا لاڙا نافذ ڪجن پوءَ ڏسو تہ نتيجا ڪيترا نہ حيران ڪن اچن ٿا…!!!

    تڏهن ئي تہ ڪنهن ڏاهي چيو آهي”جهڙي سوچ تهڙي زندگي“، انساني زندگي کي پر سڪون توڙي بي سڪون بنائيدڙ دراصل سوچ ئي آهي، مثبت سوچ مثبت حڪمت کي جنم ڏيندي آهي ۽ منفي سوچ منفي عملن جي پرورش ڪندي آهي ان لاءَ پاڻ کي وقت ۽ حالاتن سان گڏ کڻي هلڻ لاءَ انهن جي رخ سان هلڻو پوندو ۽ پنهنجي وسيع سوچ وسيلي سندن هر هڪ پهلو تي فڪر ڪري پاڻ کي انهن جهڙو بڻائي ڪري انهن کان فائدو حاصل ڪرڻو پوندو…!!!

    باقي قسمت تي ڀاڙيندي الاءَ تہ ڪيترن ئي فردن جا لاھ نڪري ويا ۽ الاءَ تہ ڪيتريون حسرتون دل ۾ دفن ٿي ڪري موئن جو دڙو بڻجي چڪيون آهن…!!!
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو