ڪامران چانڊيو

'تعارف' فورم ۾ ڪامران چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2018۔

  1. ڪامران چانڊيو

    ڪامران چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    دوستي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان
    دوست ئي ته زندگي آهن ..!!!
    ڪامران چانڊيو
    دنيا ۾ انمول رشتو ته ماءُ ۽ پيءُ آهن مگر ڪي رشتا اهڙا به هوندا آهن جيڪي انسان پنهنجي زندگي ۾ پاڻ جوڙيندو آهي ۽ ان کي پاڻ ئي نڀائيندو آهي اهڙا ئي رشتا دوستي جا به هوندا آهن جيڪي انسان پاڻ جوڙيندو آهي,دوستي لفظ جي معني اگر ٻن الفاظن ۾ ڪڍجي ته ان جي معني ٻن دلين جو ميلاپ به ٿي سگهي ٿي,دوستي جو رشتو انمول ٿيندو آهي,ڇو جو ڪي اهڙا واقعا,ڪي اهڙا لمحا به هوندا آهن جيڪي ماڻهون پنهنجي گهر وارن يا ڪنهن ٻي سان ته ونڊي نه سگهندو آهي پر انسان جو پنهجي زندگي هڪ اهڙو دوست ضرور هوندو آهي جنهن سان هوءُ پنهنجا سڀ ڏک درد ضرور ونڊيندو آهي,هوئن ته انسان جي زندگي ۾ ڪيترائي دوست هوندا آهن پر ڪيترن ئي دوستن مان ڪي مخصوص دوست به هوندا آهن جن سان اهي پنهنجي دل جو حال اوريندا آهن ان ڪري دوست کي ڏکن ۽ سکن جو ساٿي به ڪوٺبو آهي اگرچه ڪي دوست گڏ نه هجن يا اسان کان ڪافي دور هجن ته انهن لاء دل سدائين آتي هوندي آهي جئين ڪنهن شاعر دوستي تي ڇا ته خوب لکيو آهي
    دوست بھی ملتے ہیں محفل بھی جمی رہتی ہے
    تو نہیں ہوتا تو ہر شے میں کمی رہتی ہے
    دوستن سان ئي ته محفلن جون رونقون هونديون آهن دوستي بنا ته انسان اڌورو هوندو آهي ان جو پوراءُ تڏهن ممڪن آهن جڏهن اوهان جي زندگي ۾ دوست هجن,دوست جيڪڏهن هم خيال هجن پوء ته محفلن جا مزا ٻيڻا هوندا آهن
    اڄ اچ وري محفلن ۾ ڳايون دوست
    هن سان اچ اڄ خوب نڀايون دوست
    زندگي ۾ ڪي اهڙا موڙ به ايندا آهن جتي اسان جا ڪيئي بهترين دوست اسان جو ساٿ به ڇڏي ويندا آهن ان جو سبب به هڪٻئي کي سمجهڻ نه هوندو آهي جيستائين انسان هڪٻئي کي سمجهي نه ٿو سگهي تيستائين اهو بهترين دوست نه ٿو ٿي سگهي ان لاء ڪنهن شاعر لکيو آهي ته
    کبھی دوست کو اپنے کھونے نہ دینا
    ہے رشتہ بڑا معتبر دوستی کا

    یہی اب تو ہر دم خدا سے دعا ہے
    دمکتا رہے یہ قمر دوستی کا
    دوست کي وڃائڻ جو مطلڀ اهو به آهي جئين ڪنهن مزاحيه انداز ۾ چيو آهي ته پراڻي دوست اگر ڪاوڙجي وڃي ته ان کي پرچائڻ گهرجي ڇو جو ان وٽ اسان جا سمورا راز هوندا آهن,
    دوست ئي ته اسان جي رازن کي راز رکندا آهن ڀلا جي دوست به رازن کي راز نه رکن ته اهي دوست به ڪهڙا دوست چئبا,دوستي باغ جو هڪ اهڙو گل آهي جيڪو هميشه خوشبو ئي ڏيندو رهي ٿو ڀلي اهو مرجهائجي ڇو نه ڇو نه وڃي,دوست چند ۽ مخلص هجن ته بهتر ڇو جو مخلص انسان اوهان جو ساٿ ڏئي سگهن ٿا ۽ اوهان کي ڪاميابي بي صفن ۾ بيهاري سگهن ٿا شاعرن به دوستي جي انمول رشتي کي پنهنجن لفظن ۾ خوب سمائن ٿا جئين
    چين سڪون ڪو هڪ پل
    جڏهين کان تو ڪئي اڪي آ

    تنهنهجي اوسيئڙي ۾ آهيان
    تنهنجي ئي مون راھ تڪي آ.
    دوست سان گڏ اگر جي ڪي چند پل به ملي وڃن ته اهي زندگي ۾ خوشين سان خزانا ڀريون ڇڏين دوستن سان ئي ته زندگي آهي ۽ وري زندگي دوستن سان ئي ته آهي ڇند پٺي پويان وار ڪندڙ دوستن لاء ڪنهن شاعر چيو آهي ته
    اپنے بیگانے سے اب مجھ کو شکایت نہ رہی
    دشمنی کر کے مرے دوست نے مارا مجھ کو
    جئين ڪو انسان ڪا شيءّ وٺندو آهي ته اهو ضرور جاچيندو آهي ته شيء سٺي به آهي يا صرف نالي ماتر سٺي آهي اگر دوست چونڊڻ ۾ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ته اهو دوست انسان جو ڀرجهلو ٿي پوندو آهي,دوستي جو رشتو ائين به هوندو آهي جو انسان جي دل چاهيندي ته هوء هر وقت دوستن سان گڏ هجي انهن سان پنهنجا ڏک سک ونڊي ان ڪري به دوست انساني زندگي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا,اڄ دوستي جو عالمي ڏينهن آهي ڪوشش ڪري چند ئي صحي پر مخلص دوست چونڊيو
     
  2. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    تمام تمام بهترين چونڊ سائين ڪامران چانڊيو صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو