نوجوان شاعر عبدالرؤف عاجز جاگيراڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    نوجوان شاعر، عبدالرؤف عاجز جاگيراڻي :
    فقير محمد سنڌي
    عبدالرؤف عاجز 3سيپٽمبر 1973ع تي ميان شاهل محمد ڳوٺ ۾ عبدالحميد جاگيراڻي جي گھر جنم ورتو، استاد شاعر حڪيم ضياء الدين ضياء جتوئي جي ثوبت ۾ آيو جنهن عاجز تخلص ڏنس. بزم بينظير لاڙڪاڻو، جنهن جو باني ضياء الدين جتوئي هيو، انهيءَ ادبي سفر ۾ عبدالرؤف عاجز به هم سفر رهيو. جنهن عبدالرؤف عاجز شعرو شاعري جي فن، علم عروض تي استاد جي رهنمائي مان خوب طبع آزمائي ڪئي. 1991ع تي استاد ضياء الدين جتوئي، فدا حسين سومرو، عزيز بلال بروهي ۽ ڪيترن دوستن جي صحبت ۾ رهي ڪري فن فڪر ڏانهن خوب توجهه ڏني. استاد ضياء الدين جتوئي جي رهنمائي ۽ڪچهرين جي ڪري سنڌ ليول تي مشاعرن ۾ شرڪت ڪيائين جنهن جي ڪري عبدالرؤف عاجز کي گهڻي پذيرائي جو موقعو مليو، جنهن جي ڪري سنڌ جي هر مئگزين جي زينت بڻيو جنهن ۾هزار داستان، نئين زندگي، نئين سوچ، ماهوار ادب، ماهوار ڪينجهر ۽ پورپ رسالي مسلسل شاعري ڇپجڻ جو سلسلو هلندو رهيو. بس زندگي جا رنگ به هزار، 2005ع کان پوءِ گهرو پريشانين ۽ حالات جي ڪري عبدالرؤف عاجز ادب جي پاسي کان ڪجھ پاسيرو ٿي ويو. پر جئين شخص جا سلجهيل دوست آهن اهو وري ڪيئن به ڪري سجاڳيءَ جي طرف ان کي اچڻو پوي ٿو . 2017ع کان وري نئين سر، عزيز بلال بروهي، ڪوڙل قربدار، سڪندر شيخ، حبدار ٽوٽائي، نويد ناز ڀٽي ۽ رضا بخاري جي ثوبت نئين سوچ ۽ ولولي سان رچي ويو آهي. هيٺين ڪلاس جي ماڻهن لاءِ روزگار اهم مسئلو آهي جنهن جي ڪري آرٽسٽ ان پيڙا ۾ پيڙجي ٿو جنهن جي ڪري هن جي تخليق گهڻي ڀاڱي منظر عام تي ڪتابي صورت ۾ نه ٿي اچي، جيڪو خواب ليکڪ جو اڻپورو رهجي ٿو وڃي ۽ زندگيءَ به مفلسي جي حالت۾ گذاري ٿو، ملڪ جا ساڃاهه وند ادارا نه ڄاڻ الاهي ڪٿي ستل آهن، جن کي اهي با ذوق فرد نظر ئي ڪونه ٿا اچن. جيڪي معاشري جا لکيل پڙهيل فرد بي راهه روي جي زندگي گذاري رهيا آهن، جن وٽ تعليم سان گڏ سماج لاءِ به شعور موجود آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو