پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسد علي ميرجت ڄامشورو
    گرميءَ جي موسم جي هن ڏينهن ۾ هر جڳهه تي پاڻيءَ جي گهڻائي هوندي آهي، ۽ دريا ۽ واهه پيا اُٿلندا آهن پر افسوس آهي جو سنڌ جي لکين ماڻهن جي جياپي جي سبب بڻيل سنڌو نديءَ ۾ هينئر پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي ۽ انهيءَ سان گڏ اَپر سنڌ کان وٺي سنڌ جي هيٺانهين علائقن ۾ مختلف واهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، وارابندي هجڻ، واهن ۽ شاخن جي پيٽ ۾ پاڻيءَ جي بدران واريءَ جو اڏامڻ هڪ عجيب مستقبل جو انديشو ڏسي پئي۔۔۔۔ جنهن سنڌو درياءَ‌کي اسان سنڌي پنهنجي ماءُ ڪري ڪوٺيون ٿا، انهيءَ جي مٿان اڏيل ڪوٽڙي بئراج جي ذريعي جڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيندو آهي ته ٻنهيءَ‌ پاسي دريا جي خالي ۽ اڌ خالي پيٽ کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ سنڌو امڙ اسان کان سوال ڪندو هجي ته ڇا " پُٽن جي هوندي ماءُ ايئن مرندي آهي“

    حالت هي آهي جو هن موسم ۾ به سنڌ سرڪار، پاڻيءَ جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي سنڌ جي اندر سارين جي پوک تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙيءَ تي مختلف قسمن جو سزائون رکيون آهن۔۔ ان جو تازو مثال مان پنهنجي ڳوٺ درٻيلو ۾ ڏسي آيو آهيان، جتي وهندڙ شاخ سيهڙا مائينر گرميءَ جي هن مند ۾ به بلڪل خالي ڏسجي رهي هئي ۽ اتي مختلف چوڪن تي سنڌ سرڪار جي ان اعلان جا بينر لڳا پيا هئا۔۔۔
    ان کان علاوه جيڪڏهن اخبارن کي ڏسجي ته روز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مظاهرا ٿين ٿا۔۔ جن ۾ ويچارا هاري پنهنجي ٻارن ۽ ننڍن ٻچڙن سان گڏ ”پاڻي ناهي ڇو ڀلا۔۔۔ ڪربلا ڪربلا ۔۔۔“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي نظر اچن ٿا۔ انهيءَ نعري ۾ مونکي اُنهيءَ‌ مهل سچائي محسوس ٿي جڏهن ٿر جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڇوڪري پنهنجي ماءِ جي پٺيان، (جيڪا پاڻيءَ‌جو انتظام ڪرڻ لاءِ ٻين سنڌي نارين وانگر 5 کان 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري وڃن ٿيون) وئي ۽ رستو ڀلجي اُڃ وگهي تڙپي تڙپي مري وئي۔۔۔ اهڙن واقعن جو مثال واقعي ڪربلا کان سواءِ ڪٿي نه ٿو ملي۔۔ اهڙن واقعن تي دل روئي ٿو ۽ دماغ سُن ٿي وڃي ٿو۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    پاڪ سرزمين شاد باد، منزل مراد،
    سڪن ٻنيون، مرن مارون، باد باد،

    پياري پاڪستان ۾ خوشحال ٿيندي، پياري پاڪستان ۾ هر هڪ کي انصاف ملندو، پياري پاڪستان ۾ ماڻهون پاڻيءَ جي جاءِ تي کير پيئندا ۔۔۔ پياري پاڪستان ۾ نوڪريون ايتريون هونديون جو ٻار ڄمندو ئي نه ته سندس گهر ۾ نوڪريءَ جو حڪمنامو گهر ۾ پيل هوندو۔۔۔ پياري پاڪستان ۾ پئسي جي ريل پيل هوندي، وڻن تي پئسا لڳل هوندا ۔۔۔ وغيره وغيره ۔۔۔

    انتظار ڪيو ۔۔۔ انتظار ڪيو ۔۔۔ اڄ نه ته سڀاڻي ۔۔۔ صبر ڪيو ۔۔۔ صبر ڪيو ۔۔۔

    پاڪستان زنده آباد ۔۔۔۔ نعرا هڻندا رهو ۔۔۔ ووٽ ڏيندا رهو ۔۔۔ تبديلي ڏسو ۔۔۔ گهوڙي جي جاءِ تي گڏهه ۽ گڏهه جي جاءِ تي ڪتو ڏسو ۔۔۔ پاڪستان پائينده آباد ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جي سلسلي ۾ ايتري ته ٻيائي رکي پئي وڃي جو هاڻي ننڍو ۽ وڏو ڀاءُ‌ وارو نظريو ختم ٿي چڪو آهي بلڪه ماٽيلو ڀاءُ يا دشمنن وارو نظريو نظر اچي پيو۔۔۔
    جيئن صوبو پنجاب روز روز نوان منصوبا سامهون آڻي ٿو ته ٿل ڪئنال ۾ پاڻي کپي، چشما جهلم لنڪ ڪئنال لاءِ‌پاڻي کپي۔۔ فلاڻي ڊيم کي ڀرڻو‌ آهي۔۔۔
    ڇا وس وارن جي نظر ۾ پاڪستان صرف پنجاب آهي۔۔؟ ڇا انهن کي اهو نه ٿو سمجهه ۾ اچي ته سنڌ ۾ اڄ ڪلهه آبڪلاڻي جي مند هوندي به پاڻي جي ايتري کوٽ آهي جو گهڻن شهرن ۾ ته ميتن کي غسل ڏيڻ لاءِ‌پاڻي نه ٿو ملي۔۔۔ جڏهن ته پنجاب ۾ بمپر ۽ ريڪارڊ توڙ پيداوار ڏيندڙ فصل لهن ٿا۔۔۔
    ڇا انهن جي نظر ۾ سنڌ جا وسندڙ خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ رهندڙ، سامونڊي پٽي جي حدن ۾ رهندڙ‌ سنڌي ماڻهو پاڪستاني نه آهن۔۔۔ ايتري جٺ ته انڊيا پاڪستان سان نه ٿو ڪري جيتري سنڌ جي ماڻهن سان اڄ ڪلهه پاڻيءَ‌ جي مسئلي تي پنجاب وارا ڪن پيا۔۔۔
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    پاڻي آهي پر وچ ۾ ڪافر صوبو موجود آهي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    ادي علي اڪبر شر صاحب کي وري گزارش آهي ته هو نازيبا الفاظ استعمال نه ڪري
    سڄي صوبي کي ڪافر قرار ڏيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي
     
  6. Mr.100

    Mr.100
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2010
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    پاڻي جي کوٽ ته پوري سنڌ ۾ آهي
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    ادا ياسر اوهان ادي علي اڪبر جي معرفت آيا آهيو اوهان به انهن کي سمجهايو ته سڄي صوبي کي ڪافر نه چون
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڻي ناهي ڇو ڀلا؟۔۔۔ ڪربلا ڪربلا۔۔؟

    اڄوڪي اخبار ۾ ايندڙ خبر موجب پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا جي وقتي چيئرمين سڀني صوبن جي مخالفت باوجود چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيو ۽ پاڻي ءَ جي وهڪري کي جاري ڪيو ويو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو