بجلي نظام ۾ به تبديلي گھرجي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    زندگيء جو ڦيٿو هاڻي ته بجليء جي ڪرنٽ سان ئي هلي ٿو.بجليء جو ڪرنٽ گم ٿيندي ئي ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته ساهه ئي رڪجي ويو آهي،نه پير اڳتي ٿا کڄي سگھن ۽ نه ئي پوئتي مڙي ٿا سگھن. بس هيڏانهن بجليء جي تارن ۾ ڪرنٽ ڊوڙيو ناهي ته جسم ۾ ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڪرنٽ تارن بدران رت جي نالين ۾ گردش ڪري رهيو هجي.ان جي ايندي ئي جان ۾ جان اچي وڃي ٿي ۽ اهو ڀروسو ٿيڻ لڳندو آهي ته اسان اڃا جيئرا آهيون.پر ڪجي ته ڪجي ڇا جو پنهنجي اها جان ڏينهن ۾ ڪئين ڪئين ڀيرا جسم مان ڪڍي ۽ وڌي وڃي ٿي.حڪمرانن جا وعدا فيس بڪي گرل فرينڊس جهڙا رهيا آهن جيڪي ڪڏهن به سچ نٿيون ڳالهائين ۽ حڪمران به رڳو اميدن ۽ تسلين تي اسان کي ريجھائيندا رهيا آهن.ملڪ ۾سخت سرديء جي موسم هجي يا شديد گرميء جي پر لوڊشيڊنگ جي ڪا موسم نٿي ٿئي.هن سال گرميون پنهنجي ڪمال تي پهچي چڪيون آهن،گرميء وچان هر شهريء جو پگھر نڪتل آهي اتي بجليء جي ان بحران جو حل ئي هٿ نٿو اچي.گذريل حڪومت ايندي ئي بجليء جي بحران جي خاتمي جي اعلان،وعدن،قسمن ۽ تسلين ذريعي عوام کي صبر جو روزو رکائي ڇڏيوهو،اهي پنهنجو مدو به پورو ڪري گھر اسهي پيا پر بجليء جون من مستيون جيئن جو تيئن اتي ئي موجود آهن.2018ع کي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو سال قرار ڏيڻ وارا پنهنجو منهن مٿو پٽڻ کان ئي واندا ناهن جو کانئن پڇجي ته “ ڪيا هوا تيرا وعده ” .پوري ملڪ ۾ عوام اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ کان بيزار ۽ بدحال بڻجي چڪو آهي.عملدارن کان جڏهن لوڊشيڊنگ جو سبب پڇجي ٿو ته جواب اهو ٿو اچي ته رڳو انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جن علائقن ۾ بجليء چوري ٿئي ٿي يا جتي ماڻهن تي بجليء جون بقايائون رهيل آهن.اهو اهڙو عجيب منطق ۽ منفرد دليل آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به قانون مطابق جائز ڪونهي.جيڪر چوري ٿي رهي آهي ۽ واقعي ٿي به رهي آهي ان کي روڪڻ ڪنهن جي ذميداري آهي؟جڏهن اوهان بجلي ماڻهن کي مهانگي ڏيندا،ٺڳيء وارا ميٽر جاري ڪري ماڻهن جا بدمعاشيء سان کيسا خالي ڪندا ۽ جائز نموني بجلي استعمال ڪندڙ شهرين تي غير منصفاڻا ڊٽيڪشن بل ٿاڦي کين لکن جا بل اشو ڪندا ته پوء چوري نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ان چوري ۽ ٺڳيء واري پوري عمل ۾ اداري جا آفيسر ۽ ٻيو عملو پاڻ ملوث هوندو آهي جيڪي پاڻ ماڻهن کي صلاحون ڏيندا آهن ته ميٽر وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،بس هر مهيني مناسب خرچي سندن کيسن ۾ وجھي ڇڏيو ۽ لامحدود بجلي بنان ڪنهن بل جي ٻاريندا رهو. انهن ظالمن غريب عوام جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي.24 ڪلاڪن مان جيڪر بجلي رڳو ڏهه ڪلاڪ هلندي هجي تڏهن به اهي ئي بل ۽ اهي ئي فڪسڊ ٽيڪس وصول ڪيا وڃن ٿا.انهيء اداري ۾ ويٺل عملدار ايترا ته طاقتور آهن جو انهن جو ڪو وار ونگو به نٿو ڪري سگھي،جيڪر ڪو اعتراض ڪري ته ٻئي ڏينهن سندس بجلي ڪٽيل هوندي،جيڪر ڀلجي ڪو بحث مباحثو ڪرڻ جي غلطي ڪري ته ايندڙ مهيني ان سزا طور سندس بل ۾ هزارن جي ڊٽيڪشن به شامل ملندي.ايندڙ نئين حڪومت کي جتي ٻيا اهم چيلينج سامهون هوندا اتي بجليء جي هن نظام کي درست ڪرڻ وارو ڪم به بنيادي ڪم آهي.اداري ۾ موجود ڪرپٽ،بدديانت ۽ داداگير ٽائيپ عملدارن جو سخت احتساب ٿيڻ گھرجي ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گھرجي ته انهن وٽ ايترو ڏوڪڙ ڪٿان آيو؟انهن اهي وڏا وڏا بنگلا ۽ گاڏيون ڪٿان آنديون؟بلن تي ايترا ته ناجائز قسم جا ٽيڪس لڳل ملندا جو صارفين جو پڙهندي ئي مٿو چڪرائجي وڃي ٿو.بجلي کاتي جا اهلڪار پاڻ کلئي عام ناجائز طور تي بجلي وڪڻن ٿا ۽ وري وڏي نڪ جي ڏاڍائيء سان بجلي چوريء جو سمورو الزام جائز طور تي بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي مٿي تي هڻي ويهن ٿا.بجلي چورن خلاف آپريشن ضرور ڪرڻ گھرجي پر سڀ کان پهرين ان کاتي ۾ موجود ڪرپٽ ۽ ظالم عملدارن خلاف آپريشن ٿيڻ گھرجي جن سرڪاري خزانو ڀرڻ بدران صرف پنهنجا پيٽ ڀريا آهن.انهيء سڄي کاتي جي ري اسٽرچرنگ ۽ رنيوشن ڪرڻي پوندي ۽ کاتي جي اهلڪارن سان چڱي نموني حساب ڪتاب ڪرڻو پوندو.ٻئي طرف سالن کان نصب ڪيل بجليء جو قديم نظام بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.تارون،پول ۽ ٽرانسفارمر وغيره زبون حاليء جو شڪار آهن.اهو ئي سبب آهي جو ٿورڙي طوفان يا معمولي برسات جي صورت ۾ سڄو بجليء جو نظام ئي ويهيو رهي.ٽرانسميشن جي ان پوري نظام کي جديد بنائڻ سواء بجليء جي بحران کي ڪنٽرول ڪري نٿو سگھجي.چوريء کي روڪڻ لاء ملوث عملي خلاف قدم کڻڻ سان گڏوگڏ بجليء جي قيمت گھٽائڻ،نامناسب ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ ٺڳيء وارا تيز ڊوڙندڙ ميٽر هٽائڻ به ضروري قدم آهن جيڪي ايندڙ حڪومت کي هر صورت ۾ کڻڻا پوندا.جيڪر سڀني ميٽرن تي هر مهيني مقرر(فڪسڊ) هڪجهڙي رقم وصول ڪرڻ وارو نظام متعارف ڪرايو وڃي ته حڪومت جي خزاني ۾ چڱي خاصي رقم اچي سگھي ٿي ۽ چوريء جو به خاتمو اچي سگھي ٿو. مثال طور 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن گھريلو صارفين لاءبلن جي لاء ڪو مناسب فڪسڊ پيڪيج هئڻ گھرجي ۽ 300 يونٽن کان مٿي بجلي استعمال ڪرڻ وارن لاء الڳ اگھه هجي.بنيادي طور تي بجليء جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب به عام ماڻهوء کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ٿو ته ڳرڻ بلن جي مصيبت پڻ. جيڪي طاقتور ۽ وي آئي پي آهن انهن لاء بجلي ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه. انهن وٽ وڏا وڏا جنريٽر آهن جيڪي سرڪاري تيل تي هر وقت اسٽينڊ بائي هوندا آهن جڏهن ته اهي بنان ڪنهن ميٽر جي بي حساب بجلي استعمال ڪندا رهن ٿا.

    واپڊا جي گرڊ اسٽيشنن کان نڪرندڙ لائين سان سمارٽ ميٽر لڳل هوندو آهي جنهن مان گذرندڙ بجليء جي ريڊنگ هوندي آهي ۽ انهيء حساب سان کاتي کي حساب ڏيڻو هوندو آهي.لائين لاسز جي مد ۾ به مخصوص ماهاني ڪوٽا هوندي آهي.شيڊول کان هٽي ڪري لوڊ شيڊنگ ۾کاتي جا اهلڪار چوري ڪيل يونٽ پورا ڪرڻ لاء هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪندا رهن ٿا.هاڻي هڪ عام ماڻهوء لاء بجلي چوري ڪرڻ اهڙو آسان ڪم نه رهيو آهي،بجليء جي چوري يا ته بااثر ماڻهو ڪن ٿا يا وري انهيء چوريء ۾ بجليء جا اهلڪار پاڻ ملوث آهن.بجليء چوريء مان حاصل ٿيندڙ اهو ناجائز پئسو هيٺان کان مٿي تائين وڃي ٿو.هر مهيني باقائدي منٿليون ٻڌل آهن.ڪجهه ڏينهن اڳ ملتان جي هڪ لائين سپرينٽينڊنٽ جي باري ۾ اها خبر شايع ٿي آهي ته هو ڪروڙن جي ملڪيت جو مالڪ آهي.پوري ملڪ ۾ اها ئي حالت آهي.بجليء جا ننڍا توڙي وڏا اهلڪار هر هنڌ لاجواب ڪرپشن ذريعي ڪروڙين روپياڪمائي رهيا آهن پر ان تي نه ته ڪڏهن سوموٽو نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ نه ئي ايف آئي اي،نيب يا ڪنهن ٻئي احتسابي اداري جي ڪا نظر وڃي ٿي.

    ملڪ ۾ بجليء جي بحران جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته گھرج ۽ سپلائي ڪڏهن برابر آهي ته ڪڏهن معمولي فرق آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو.اصل ۾ کاتي اندر موجود ڪارين رڍن کي رسو وجھڻ سواء بجليء جو هٿرادو بحران حل ڪري نٿو سگھجي.هڪ لائين مين کان ويندي ڊويزن سطح تي ويٺل چيف تائين سڀني جو بيرحم احتساب شروع ڪرڻ گھرجي ته جيئن غريب عوام جي لاء ڏينهن رات آزار بڻيل بجليء جي بحران مان جان ڇڏائي سگھجي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو