عمران خان کي وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    تحريڪ انصاف کي ڏکايون پيش پيش


    25 جولاء 2018 جي چونڊن کان پوء تحريڪ انصاف ڪاميابي ۾ آئي آهي گهڻيون سيٽون کٽي اچڻ کان پوء مسلسل پنهنجي مظبوط حڪومت ٺاهڻ جي چڪر ۾ چونڊ جي آيل آزاد اميدوار سان ڊيلنگ جو سلسلو به جاري رکيو پيا اچن هن وقت تائين تحريڪ انصاف ڪو به پنهنجو آخري فيصلو به ناهي ڪري سگهي پي ٽي آء جي اڳواڻن جي به پاڻ ۾ عهدن تي ويڙھ شروع آهي جنهن جي ڪري ٻين طرفن کان عمران خان سخت پريشان به آهي روز نئيون لسٽون وزارتون جي اميدوارن جون ٺهن ۽ ڊرهن پيون ۽ ٻي طرف پي ٽي آء ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاء ڪيتران ئي شرطن تي رازي ٿي وئي آهي پر ڪپتان کي ايم ڪيو ايم تي ڪو به ڀروسو ناهي ته هو ڇا ڇا چوندا ۽ ڪيترو ٽائم پيرڊ هنن سان گڏ وهيندا عمران خان لاء خطري جي گهنٽي ته شهباز شريف جي صدارت هيٺ آل پارٽي ڪانفرنس ٿي گذري آهي جنهن ۾ عمران خان کي مڪمل سوڙھو ڪرڻ ۽ سندس جا رستا بند ڪيا وڃن جو ئي مقصد کي ظاهر ڪري ٿي ال پارٽيز ڪانفرنس جنهن ۾ 8 پارٽيز جي شرڪت ڪئي جنهن ۾ وزير اعظم نواز ليگ مان اسپيڪر پ پ پ مان ۽ ڊپٽي اسپيڪر ايم ايم اي مان چونڊيا ويندا جو فيصلو ڪيو ويو آهي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڌانڌلين خلاف ايوان اندر ۽ ايوان کان ٻاهر احتجاج کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ پ پ پ ترجمان جا به بيان ساهمون ايندا رهيا آهن جنهن ۾ هن چيو آهي ته چونڊن ۾ وڏي ڌانڌلي ٿي آهي چونڊن بابت شڪايتون ختم نه ٿيڻ تائين ماٺ ڪري نه وهنداسين اسان جا ووٽ چوري ٿين ۽ اسان ماٺ ويٺا هجون اليڪشن ڪميشن ڪامياب چونڊون ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي آهي پي ٽي آء کي ته روڳو هن محل تائين اولجهن ئي اولجهن کي منهن ڏيڻو پڄي ويو آهي سلجهڻ جو ته ڪو رستو به ڪپتان کي نه ٿو نظر اچي جنهن جي ڪري پي ٽي آء مضبوط ٿي حڪومت ٺاهي,,
    ان جون واڳون سنڀالين اپوزيشن ۾ ويٺل پارٽيز اڳواڻ به مختلف اميد وارن کي پنهنجي پنهنجي پارٽي ۾ علان ڪرائڻ لاء به جتن ڪري رهيا آهن , تحريڪ انصاف کي اڃان گهڻين ڏکائين کي منهن ڏيڻ جا خدشا آهن جيئن پيشاور تڪ پي ڪي 70 ۾ ٻهير ڳڻپ ڪرائي جنهن ۾ شاھ فرمان 187 ووٽن تان هارايو آهي ۽ اي اين پي اميدوار خوشدل خان 15هزار544ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي اپوزيشن ۾ ويٺل پارٽيز اڳواڻن جو پڻ اهيو رايو آهي ته اڃا به ٻين تڪن جي ڳڻپ ٻهير ڪرائي وڄي ته اڃان به تحريڪ انصاف جون سيٽون کٽنديون ان ڪري پريشاني ۾ وڪڙيل هڪ هڪ سيٽ لاء ڪپتان گڏ ڪرڻ لاء پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن کي سختي ڪري ڇڏيو آهي ان هوندي تحريڪ انصاف کان سيٽ هلي وئي آهي پر آزاد اميدوارن کي گڏ ڪرڻ ۾ جهانگير ترين وڏي هيمت ۽ محنت سان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي, ڌاڌلين واري ايشو به هاڻ سنڌ جي اندر ڪر ڪڌيا آهن جي ڊي اي وارن پوري سنڌ ۾ ڌانڌلين خلاف احتجاج شروع ڪري ڏينا آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته هن اليڪشن ۾ رڪارٽ ڌانڌليون ٿيو آهن شفاف چونڊن بدران پنهنجي من مانگرن کي ناانصافين سان اڳتي اندو ويو آهي ۽ اسان جا ووٽ چوري ڪيا ويا آهن ۽ ٻئي طرف پ پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ڌانڌلين جا جيڪي ثبوت آهن اهي اليڪشن پارٽي سيل ڏانهن موڪليا وڃن موجوده چونڊن مان اپوزيشن ۾ وٺلن مان ڪو به مطمئن ناهي هر پارٽي اڳواڻ جون شڪايتون آهن ۽ اها اليڪشن ڪميشنر جي ئي زميواري آهي جائزو وٺي ۽ شڪايتون ختم ڪرائي پر ڀرحال اپوزيشن ۾ وٺل پارٽيز پنهنجي ڪانفرنس کان پوء ڪهڙا ٿي رنگ ڏيکاري ۽ عمران خان جي جستجو نئين پاڪستان جي لاء ڪهڙيون ڪهڙيون حڪمت عملي سان ميدان ۾ ٿي اچي فلحال ته بني گالا جي چوديواري جي عالم ۾ پي ٽي آء چير مين عمران خان پنهنجي اڳواڻ کي موبائل فون آڻڻ تي به پابندي ڪري ڇڏي آهي
    --------------------------------------------------------------------------- اصغر علي جمالي / دادو
    03113072726
     
    عرس پريو ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو