رئيس حاجي غلام قادر ڏاھري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2018۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    ريئس حاجي غلام قادر ڏاھري ولد حاجي عبدالواحد خانڏاهري، 1924ع ڌاري ڳوٺ هبيري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. قرآن شريف ۽ سنڌي فائنل استاد عبدالخالق ٻرڙي وٽ پڙهيو. هو قداور، بت ۾ ڀريل، حشمت ۽ ڏيا وارو، رعبدار ۽ عاقل شخص هو. کيس ورثي ۾ تمام ٿوري زمين ملي، پر محنت ۽ جدوجهد سان ڪافي زمين وڌايائين ۽ نوابشاهه جي زميندارن ۾ سندس نالو سرفهرست رهيو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول ۽ ديني مدرسو قائم ڪيو ۽ گڏوگڏ غريب شاگردن لاءِ بورڊنگ هائوس تيار ڪرايو، جنهن ۾ غريب شاگردن جي رهائش ۽ طعام جو مفت انتظام ٿيندو هو. ان کان سواءِ ڳوٺ ۾ ٻيون ڪيتريون بلڊنگون، آسپاس جا رستا ۽ اسڪول تعمير ڪرائڻ ۽ غريب ماڻهن ۾ نلڪا مفت ورهائڻ جو ڪم به ڪيائين.
    حاجي غلام قادر ڏاهري، زمين جيسار سنڀال کان سواءِ عام ماڻهن جي خدمت کي ترجيح ڏيندو هو. هو ذاتپات جي فرق کان سواءِ سمورن ماڻهن جي خدمت کي عبادت سمجهندو هو ۽ هر جمعي ڏينهن عوامي عدالت لڳائي، ماڻهن جا فيصلا ڪندو هو. ڌاڙيلن ۽ چورن جو سخت مخالف هو. ڏوهي ماڻهن جي پشت پناهي نه ڪندو هو. ڪيل فيصلا منشيءَ کان لکرائي، رڪارڊ تي رکندو هو.
    حاجي غلام قادر ڏاهري، ديني تعليم جي فروغ لاءِ به ڪوششون ورتيون. يونين ڪائونسل هبيريءَ جو چيئرمئن رهيو، ضلعي ڪائونسل جو عهديدار رهيو. شهيد ذوالفقار عليڀٽي جو دوست ۽ ٻانهن ٻيلي رهيو، پر جتوئيخاندان سان به سندس گھرا تعلقات هئا. هن جو نوابشاهه ضلعي جي ٽن تعلقن تي مڪمل اثر رسوخ هو.
    رئيس حاجي غلام قادر ڏاهريءَ کي ٻه پٽ ٿيا، رئيس الاهي بخش ڏاهري ۽ رئيس الله بخش ڏاهري، ٻئي نوابشاهه ضلعي جا نامور زميندار آهن.
    رئيس حاجي غلام قادر ڏاهريءَ کي هڪ قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪري، سندس نالو ايف. آءِ. آر ۾ داخل ڪرايو ويو، رئيس ان قتل جي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ فريادي ڌُر کي ڪيترا ڀيرا خانگي طور پيشڪش ڪئي، پر هو پنهنجي هٺ ڌرميءَ کانباز نه آيا. کيس 26 آگسٽ 1968ع تي نوابشاهه ۾ ڪورٽ بيڏوهي قرار ڏنو ۽ هو جيئن ئي ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو ته سندس مخالف محمد صديق ڏاهريءَ فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو، ۽ هي سخي مرد ٿڏي تي فوت ٿي ويو. سندس ميت اصلي ڳوٺ هبيري آندو ويو ۽ جنازي نماز کانپوءِ مسجد لڳ سندس والد جي مزار ڀرسان هڪ چوکنڊيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو