سنڌ کي ڪاري ڏڪار کان بچايو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    سنڌ کي ڪاري ڏڪار کان بچايو


    دنيا جي هن گولي تي جتي سڀ ملڪ طرقي جي جديد راهون تي گامزن آهن ان دنيا جي گولي تي سنڌ ڌرتي جو به نقشو موجود آهي پر افسوس سان چوڻ ٿو پئي هي سنڌ جديد طرقي کان ته گهڻو پوئتي آهي سنڌ اڃا پنهنجا بنيادي مسئلن کان وٺي ويندي هر ان مسئلي ۾ الجهل آهن کاڌ خوراڪ کان وٺي ويندي تعليم , صحت جي بنيادي مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون هتي جيڪي انسان جي جئياپي جون ضرورتون آهن انهن ۾ انسان جي جئياپي جي لاء پاڻي جي تمام گهڻي ضرورت آهي ڪنهن انگريز جون سيٽون آهن انسان پيار محبت ملڻ کان سواء ته جئي سڳهي ٿو مگر پاڻي کان سواء نه ٿو جئي سڳهي پاڻي انسان جي هڪ وڏي مان وڏي ضرورت آهي تقريبن هن وقت سنڌ جا جر کوھ سڀ کارا ٿيندا پيا وڃن اندروني سنڌ کان وٺي ويندي ٿر ڪاڇو ڪوهستان ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو ٿي ويو آهي ٿر ڪاڇو ۽ ڪوهستاني علائقن ۾ هيل برساتي نه پوڻ جي ڪر اتان جي رهواسين کي تمام مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيجي ويو آهي گهڻن علائقن تي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي اڄ جا حڪومران جيڪي ڊيم ڊيم ڪندا ٿا وتن ۽ انهن ڊيمن لاء چندا ڪندا ٿا وتن جن جي چندي جي اها پوزيشن آهي جو هن محل تائين 40 ڪروڙ کان به مٿي چندو گڏ ٿي ويو آهي پر انهن کي هن سنڌ واسين جون زندگيون پاڻي نه ملڻ جي سبب تباھ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن وڏي افسوس جهڙي ڳالھ آهي جو ٿر واسين جا ٻچا کاڌ ۽ کوراڪ جي نه ملڻ ڪري مري رهيا آهن پاڻي جي کوٽ سبب انسان ۽ جانور به اُڃ وگهي مرڻ لڳا آهن نه ئي ڪو ڊڀ ٻوڙو بچو آهي نه ئي ڪا ساوڪ ئي آهي هن ڏکي حالات ۾ مال جو چارو مڪمل ختم ٿي ويو آهي ڪوهستاني پٽي مان برسات نه پوڻ جي ڪري لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي لوڻي ڪوٽ , نوري آباد , جنگهڙي , ڀوپر واسين کي مجبورن پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي آبادي وارن علائقن جو روک ڪري ڇڏيو آهي ڪاڇي جا سڀ کوھ کارا ٿيندا ٿا وڃن ۽ جيڪو بيٺل دوٻن جو پاڻي به ناهي بچو جتان انسان به اتان پاڻي پيندا هئا ته جانور به اتان پاڻي پيندا هئا اهو به برسات نه پوڻ سبب ناهي نه ئي اتي پاڻي جو ڪو ڍوڪ بچو آهي جو مالوندو ماڻهو پاڻ به پاڻي پين يا پنهنجي ڍورن ڍگن کي پاڻي پيارين ۽ ٿر جو به پڻ اهو حال آهي جو ٿر ۾ برسات نه پوڻ جي ڪري پوکيل فصل صفا سڪي ۽ تباھ ٿي ويا آهن پوکيل فصل تي لکين روپيا خرچ سب لوڙهي ويو بوسي فصلن جو ته ڪو امڪان ئي ناهي ڏڪار سبب ٿر واسين جون حالتون تمام سنگين ٿينديون ٿيون وڃن 80 لک ڍور بکن ۾ پاھ ۽ مال ۾ بيماري پوڻ جا وڏا امڪان آهن برسات نه پوڻ جي ڪري ڪٿي به نه ڪو گاھ ٿيو آهن نه ئي ڪو مال جي لاء ڪو چارو بچو آهي پاڻي نه هجڻ سبب وڻ به سڪي ويا آهن انسانن سان گڏ ٿر جا پکي به لڏي ويا آهن برسات نه هجڻ ڪري تمام خراب ڪاري ڏڪار جا امڪان آهن رب کي راضي ڪرڻ لاء ٿرواسين وقت سر اکو پايو به مسلسل ڪندا رهندا آهن شاھ صاحب جي سُر سارنگ جون محفلون رچائيندا رهندا به آهن پر برسات جا ڏينهن ختم ٿيڻ جي ڪري هن وقت لڏپلاڻ جي هي شروعات جيڪا ٿي آهي ان جو انتظاميا ڪو به نوٽيس ناهي ورتو هي اهو ٿر آ جڏهن هتي برسات ٿيندي آهي پوري پاڪستان جي عوام سان گڏ ٻاهرين ملڪن جا سياح هتان جون ساوڪون ڏسڻ لاء سڪندا آهن مومل جي ماڙي کان وٺي عمر ڪوٽ جي قلعي سان گڏ ڪارونجهر جي چوٽي تي جڏهن مور پنهنجا رنگين پرڙا کولي نچندو ڏسي سياح بار بار اهي منظر ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ٻين سياحن کي ٿر گهمڻ جون صلاحون ڏيندا آهن پر هيل برسات نه هجڻ ڪري سب رونقون ته تباھ ٿي ويون آهن پر هاڻ مال ۽ ماڻهن جون زندگيون بچايو ٿر کي هڪ ڪاري ڏڪار کان بچايو ان جو انتظاميا کي جلد کان جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کي پاڻي ڪڻڪ ۽ مال جي چارائي لاء ڪئي اپاء وٺڻ گهرجن ۽ هي سنڌ واسي وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن هنن جي مدد لاء هن وقت اٿڻ گهرجي نه ته حالتون سنگين کان سنگين ٿي وينديون اسان چيف جسٽس نثار احمد کي پور زور اپيل ٿا ڪيون ته سر هي جيڪو توهان ڊيمن جي لاء چندي جا اڪائونٽ کولرايا آهن انهن کي ڊيمن جي رنگٽ کي ڇڏي هي جيڪي ٿر , ڪاڇو ۽ ڪوهستاني پٽي ۾ مسڪلاتن سبب لڏپلاڻ آهي ان کي روڪيو وڃي ۽ اها رقم انهن جي اجهي ۽ اجهپي لاء خرچ ڪئي وڃي ته جئين سنڌ هڪ ڪاري ڏڪار کان بچي سگهي ۽ انتظاميا يا هي اسان جا چونڊيل نمائندا جيتري دير سان نوٽيس وٺندا ويتر وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پجي ويندو سو وقت سر ان جو نوٽيس وٺي ڏڪار جي مارلين جي فوري مدد ڪئي وڃي
    --------------------------------------------------------------- ------------------------- اصغر علي جمالي/دادو
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو