اشرافيا جي بچاء جا بند ٿيندڙ در!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ان ۾ شڪ ناهي ته عمران خان پنهنجي انتخابي مهم ۽ پنهنجن نون نڪتن ۾ تمام وڏا وڏا وعدا ڪري رکيا آهن.هڪ هڪ وعدو سو سو مڻن جو! اهڙا وعدا جيڪي ڪرڻ ضروري به هئا ۽ اهڙا به وعدا جن جو ڪرڻ ضروري نه هو ۽ اهڙا وعدا ڪرڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت هئي جيڪي عملي طور تي پورا ئي ئي نٿا سگھن.پر ايئن سمجھو ته عمران خان وعدن جو بادشاهه بڻجي ويو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جي لاء مسئلا ۽ مشڪلون سندس مخالف نه پر سندس اهي وعدا ئي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ هن کي سوڙهو ڪندا.تنهن هوندي به ان ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪري سگھجي ته عمران خان جي حڪومت رڳو سال ڏيڍ هلندي جيئن امڪان ڏيکاريو پيو وڃي سندس مخالفن جي اها خواهش ته ٿي سگھي ٿي پر ايترو جلد ڪپتان جي حڪومت کي ڪو وڏو خطرو نظر نٿو اچي.اهو صحيح آهي ته ماڻهن جيڪي وڏيون وڏيون اميدون عمران خان سان لڳائي رکيون آهن انهن مان گھڻيون پوريون نه ٿي سگھنديون تنهن هوندي به اهي ئي اميدون عمران خان جي ڪمزوريء بدران سندس طاقت جو سبب بڻبيون.ڇو ته انهن اميدن تي پورو لهڻ لاء جيڪر عمران خان ڪو قدم اڳتي وڌائيندو ۽ اپوزيشن ان رستي ۾ رڪاوٽون وجھڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها عوام جي غيض غضب جو نشانو بڻجي ويندي ۽ عوامي ردعمل اهڙين رڪاوٽن کي وهائي ويندو.پوين ڏهن سالن جو تجربو ٻڌائي ته هاڻي ڪنهن به جمهوري حڪومت کي غيرآئيني طريقي سان گھر ڀيڙو ڪري نٿو سگھجي. پاڪستان ۾ سڌين مارشلائن جو زمانو هاڻي ماضيء جو قصو بڻجي چڪو آهي البته ملڪ جي موجوده نازڪ اندروني حالتن ۽ علائقي جي بدلجندڙ صورتحال ۾ حڪومتي معاملن ۾ فوج جي فيڊ بيڪ جي امڪان کي خارج ڪري نٿو سگھجي پر لڳي ٿو ته مليٽري اسٽيبلشمينٽ به پنهنجن ماضيء جي غلط پاليسين مان گھڻو ڪجهه سبق سکيو آهي ان ڪري اها ايندڙ وقت ۾ سويلين حڪومت سان ٽڪراء ۾ اچڻ بدران تعاون جو رويو اختيار ڪندي.سو ظاهر آهي ته عمران حڪومت ڪنهن غير آئيني قدم ذريعي ته گھر نه وڃي سگھندي ته پوء ٻاقي ٻيو طريقو انهيء کي گھر موڪلڻ جو اهو هوندو ته سندس حڪومت خلاف تحريڪ عدم اعتماد اچي ۽ ڪامياب ٿئي.ان جا امڪان به پري پري تائين نظر نٿا اچن جو پردي جي پويان جيڪي ويڳر وڍجي رهيا آهن ۽ جنهن پلاء پچائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن اهو منظررڳو ڪپتان جي سياسي مخالفن لاء ئي مايوسيون کڻي ايندو.اهو صحيح آهي ته ڪپتان جي لڏي ۾ به اهڙا جوڌا موجود آهن جن تي احتساب جو بي رحم بم ڪرڻ وارو آهي پر ميمبرن جي اڪثريت جيڪا ان ميزائيل جو نشانو بڻبي ان جو تعلق اپوزيشن سان هوندوجو اهي ملڪي تاريّخ ۾ هڪ ڊگھي عرصي تائين اختيار ۽ اقتدار تي قابض رهيا آهن ۽ انهن مان گھڻن جي خلاف اڳيئي ايترو ته مواد ڪٺو ٿيل آهي جو اهي سڀ رڳو پنهنجي جان بچائڻ ۾ پورا هوندا ۽ انهن کي ٻيهر حڪومت حاصل ڪرڻ وارو خواب ئي وسري چڪو هوندو.انهيء کان سواء اهو به ضروري ناهي ته اها سموري اپوزيشن هڪ ڊگھي عرصي تائين متحد ۽ متفق به رهي سگھي.پيپلز پارٽي جيڪا نون ليگ جي فرينڊلي اپوزيشن واري ڏيک سبب پنجاب ۾ پنهنجو وڌي ۾ وڌو نقصان ڪري چڪي آهي اها جيڪر اڳتي به سياسي طور تي نون ليگ سان گڏ رهي ته ان جي پوري ملڪ مان مڪمل صفائي ٿي ويندي.اهو ئي سبب آهي جو پي پي هن وقت به ڪيترن ئي معاملن تي نون ليگ سان متفق هئڻ باوجود پنهنجو پاڻ کي نون ليگ کان ڪجهه ڇڊو رکڻ تي مجبور نظر اچي ٿي.جنهنجو مثال وزيراعظم جي چونڊ ۾ شهباز شريف کي ووٽ نه ڏيڻ ۽ صدارتي چونڊ ۾ پنهنجو اميدوار بيهارڻ وارو فيصلو آهي.اپوزيشن ۾ هن وقت هڪ اهم جماعت نون ليگ آهي پر ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ سندس هاڻوڪي سربراهه ميان شهباز شريف ۽ سندس ٻين ساٿين خلاف جيڪي ڪيس کلڻ وارا آهن انهيء بحران مان نون ليگ بنان ڪنهن نقصان جي صحيح سلامت بچي ٻاهر نڪري اهو تمام مشڪل ڪم نظر اچي ٿو جو نون ليگ ڪڏهن به ڪا نظرياتي يا مزاحمتي جماعت نه رهي آهي.وڏو ميان صاحب ۽ سندس صاحبزادي جنهن عظيم انقلاب جون ڳالهيون ڪندي اڍيالا پهتا هئا اتي پهچندي ئي انقلاب جي پکيء جو روح پرواز ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اين آر او جي ڪنهن ممڪنه صورت تي ڪوششون ۽ انتظار ڪيو پيو وڃي.نه ته ڪا وڏي مزاحمتي تحريڪ هلي سگھي ۽ نه ئي ڪو انقلاب اچي سگھيو.وقت جو ايندڙ هر لمحو نه رڳو نون ليگ قيادت پر پيپلز پارٽي قيادت لاء به مشڪلن ۾ واڌارو ڪندو ويندو.ڪو جيڪر ان کي سياسي انتقام جو نالو ڏيئي ماڻهن کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ته ڀلي ڪري پر حقيقت اها آهي ته انهن ماڻهن ملڪ جي غريب عوام جي خزاني جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان سان گڏوگڏ پوري دنيا ۾ سندن گڏ ڪيل دولت ۽ ملڪيتون پورن ثبوتن سان سامهون اچڻ واريون آهن.هن وقت ميڊيا تي جن به معاملن تي شور متل آهي ۽ بحثن جا بازار گرم آهن اهي معاملا ڪي ايترا اهم ناهن بلڪه انهن مان گھڻن معاملن کي خود عمران خان پنهنجي لاء پاڻ مسئلا بڻائي پنهنجن مشڪلن ۾ پاڻ اضافو ڪيو آهي.هن کي ڪنهن چيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ نه رهي يا جهاز استعمال نه ڪري يا سيڪيورٽي پروٽوڪول استعمال نه ڪري يا وزيراعظم هائوس ۾ رڳو ٻه گاڏيون رکي.اهي اهڙا نامعقول قسم جا وعدا آهن جيڪي هو هروڀرو بنان فرمائش جي پاڻ ڪري ويٺو آهي جن تي پڪ سان هو ڪنهن به طرح عمل ڪري نه سگھندو ۽ اجايو ماڻهن ۽ مخالفن کي پنهنجي مٿان کلڻ جو موقعو پاڻ مهيا ڪندو.اهڙيء طرح پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪرڻ ۾ هن جنهن پراسراريت ۽ نامعقوليت جو مظاهرو ڪيو آهي ان جي سمجھاڻي به هو ڏيڻ جي لائق نه ٿي سگھندو.اهڙا ٻيا به کوڙ معاملا آهن ۽ مستقبل ۾ پيدا به ٿيندا جيڪي عمران خان کي هروڀرو منجھائيندا ۽ پريشان ڪندا رهندا پر اهي معاملا ان اهميت جا آهن ئي ڪونه جيتري اهميت انهن کي ميڊيا ۾ ملي رهي آهي ۽ انهيء جي ذميداري به اتفاق سان خود عمران خان تي ئي عائد ٿئي ٿي.اصل اهم معاملا ته ڪجهه ٻيا آهن جن تي پردي پويان تيزيء سان ڪم ٿي رهيو آهي.جن ۾ ملڪي معيشت کي بحران مان ڪڍڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ،دهشتگردي جنهن ۾ معاشي دهشتگردي به شامل آهي ان جو خاتمو،بين الاقوامي طور تي پاڪستان جي تعلقات جي نوعيت جو نئين سر جائزو وٺڻ،اڻ ڌريو احتساب ۽ ملڪ جي لٽيل دولت هر صورت ۾ واپس پاڪستان آڻڻ جهڙا اهم معاملا شامل آهن.گذريل ڏينهن عمران خان جون جي ايڇ ڪيو ۾پورن اٺن ڪلاڪن جون مصروفيتون ان طرف ئي اشارو ڪن ٿيون.باقي رهيو جهاز استعمال ڪرڻ،پنجاب جي وزير اطلاعات پاران غير ذميداراڻا بيان جاري ڪرڻ،شيخ رشيد جون ڦٽيون ڦٽيون خبرون ۽ پنجاب ۾ پاڪ پتڻ وارو معاملو ته ان قسم جا معاملا ۽ تماشا به جلد وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي انجام کي پهچي ويندا.بچت بهرحال ڪنهنجي به ناهي ٿيڻي۽ ڪنهنجون به چالاڪيون گھڻي عرصي تائين هلي نه سگھنديون جن ۾ خود ڪپتان جي نقلي جانثارن جون چالاڪيون به شامل آهن. اومني گروپ جي شگر ملن جي معاملي کان حسين لوائيء جا مني لانڊرنگ جي باري ۾ ڏنل اعترافي بيان،پنجاب جي 52 ڪمپنين کان ويندي فواد حسين فواد جا بيان ڪيل داستان،عزير بلوچ جي جي آئي ٽي کان ماڊل ايان علي ۽ ڊاڪٽر عاصم جا ريڪارڊ ٿيل وڊيو بيان،مطلب ته ايندڙ وقت ۾ ڪرپشن جي حوالي سان ايترو ڪجهه سامهون اچڻ وارو آهي جو ماڻهن کي پناما وارو معاملو ئي وسري ويندو.قدرت جا ڪرشما ڏسو جو پاڪستاني حڪمران اشرافيا پنهنجن ئي ڏنل حلفي بيانن ذريعي پاڻ کي مڪمل نموني ڦاسائي چڪي آهي جنهن چڪر مان نڪرڻ لاء انهن وٽ في الحال ڪو به نجات جو رستو نظر نٿو اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو