تحريڪ انصاف ۽ بيانن جا بم!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏2 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اردوء ۾ چوڻي آهي ته “ هوئي تم دوست جس ڪي،دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو.” يعني جنهن بد نصيب جا تو جهڙا نادان دوست هجن،انهيء کي ڪنهن ٻئي دشمن جي ڪهڙي ضرورت؟ سو پي ٽي آئي سان به اها چوڻي ٺهڪي اچي ٿي ته انهيء جا حڪومتي اڳواڻ جنهن شان ۽ انداز سان پوزيشنون سنڀالي روزانو ڪنهن نه ڪنهن سياسي بيان جو خودڪش ميزائيل پنهنجو پاڻ تي اڇلين ٿا تن جي موجودگيء ۾ کين ڪنهن ٻئي سياسي مخالف جي دشمنيء جي گھرج نه رهي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙن اڳواڻن سان ڪهڙو نفسياتي مسئلو آهي جو سندن طريقه ڪار رهيو آهي ته “ آ بيل مجهي مار!” عمران خان ته ان معاملي ۾ ٻين سڀني کان اڳتي آهي ئي پر سندس وزيرن ۽ مشيرن مان به گھڻا ايترو پوئتي به ناهن.اهي ڄڻ ته روز لفظن سان نت نئين راند ڪندا هجن.ماضيء ۾ ته اهي لفظن جي دريا ۽ بيانن جي سمنڊ ۾ جيڪي ٽٻيون هڻندا رهيا سي هڻندا رهيا پر هاڻي جڏهن اهي حڪومت جي ذميدار عهدن تي ويٺل آهن ته تڏهن به “ چري ڪيئن؟ چئي؛ چري ويران ور وڌ.” وارو قصو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.لفظن ۽ بيانن جو اهو فصل ماضيء ۾ تحريڪ انصاف وڏي ڌوم ڌام سان پوکيو هو جنهن جي لاباري جو وقت هاڻي پهچي چڪو آهي.سندن ماضيء جا اهي بيان اهڙو چيوگم بڻجي چڪا آهن جنهن کي پي ٽي آئي نه اندر ڳوري سگھي ٿي ۽ نه ٻاهر ڦٽو ٿي ڪري سگھي. اپوزيشن ۾ ويهي اهڙن ابتن سبتن بيانن جو نقصان ڪنهن حد تائين قابل برداشت هوندو آهي پر حڪومتي ڪرسين تي ويهي اهڙا فضول ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ تڪراري بيان ڪنهن وڏي ڌماڪي جوبه سبب بڻجي پوندا آهن.لڳي ٿو ته پي ٽي آئي ذهني ۽ نفسياتي طور تي اڃا تائين اپوزيشن واري جهان مان ٻاهر نه نڪري سگھي آهي.انهن جي روين،سوچن ۽ بيانن ۾ اهو تحمل، صبر، بردباري ۽ ڌيرج به نٿو پسجي جيڪو حڪومتي معاملا خيرخوبيء سان هلائڻ لئي وڏي پيماني تي گھربل هوندو آهي.حڪومت به اهڙي جيڪا رڳو چند ووٽن سهاري بيٺل هجي.قصو هي آهي ته پي ٽي آئي حڪومت جڏهن گئس ۽ بجليء جا اگھه وڌائڻ جو اصولي فيصلو ڪري چڪي هئي ته سندن وفاقي وزير اطلاعات ميڊيا تي اچي اهو اهم انڪشاف ڪرڻ فرمايو ته حڪومت گئس ۽ بجليء جا اگھه وڌائڻ جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو بلڪه هن الٽو پنهنجن سياسي مخالفن تي اهو الزام هنيو ته اهي ڪوڙيون خبرون گھڙي سندن حڪومت خلاف ڪريل حرڪتون ڪري رهيا آهن.پر پوء ٿيو ڇا؟ گئس جون قيمتون واقعي وڌي وييون ۽ بجلي توڙي پيٽرول جون قيمتون پڻ وڌايون پييون وڃن؟اهو بحث پنهنجي جاء تي ته اهي قيمتون وڌائڻ درست عمل هو يا نه؟ حڪومت وٽ معاشي گھوٽالي کي منهن ڏيڻ جو ٻيو آپشن آهي يا نه؟ پر سوال اهو آهي ته مرڪزي حڪومت جو هڪ ذميدار وزير اطلاعات جنهن قوم کي جيڪا خبر ڏني سا ڪوڙي نڪتي.ٻن ڳالهين مان هڪڙي ڳالهه ٿي سگھي ٿي يا ته وزير موصوف کي ڪا صحيح معلومات ئي نه هئي ته قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ٿيو آهي يانه ، يا وري هن کي خبر هئي پر هن ڏسي وائسي قوم سان دوکو ڪيو.ٻنهي صورتن ۾ پي ٽي آئي حڪومت لاء کل جوڳو معاملو آهي بلڪه آئين جي جنهن آرٽيڪل 62 ۽ 63 جو حوالو وزير موصوف هر وقت ٻين کي ڏيندو ٿو رهي هو پاڻ پنهنجي غلط بيانيء سبب ان جو شڪار ٿي سگھي ٿو.وري وزير موصوف ۾ ايتري اخلاقي جرئت به نه هئي جو ميڊيا تي اچي قوم کان پنهنجي ان صريح غلط بيانيء تي معافي گھري ها.ٻين کي اخلاقيات جا ڀاشڻ ڏيڻ ۽ اصولن جا سبق سيکارڻ سولو ڪم آهي پر جڏهن پنهنجو وارو اچي ٿو ته اهي سڀ سبق وسريو وڃن.اڳتي هلو. وزير اعظم ٿيڻ بعد جناب عمران خان جڏهن پهريون ڀيرو ڪراچيء پهتو هو ته سنڌ جي ماڻهن کي انيڪ اميدون هيون ته هو سنڌ جي زخمن تي زباني طور ئي سهي پر ڪجهه پها رکڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٿر،ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ڏڪار ستايل ماڻهن لاء ڪنهن امدادي پيڪيج جو اعلان ڪندو جيڪر ايئن به نه ته گھٽ ۾ گھٽ انهن سان زباني همدردي ضرور ڪندو پر ٿيو وري سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ.هن ڪراچي ايندي ئي بيانن جو اهڙو ته آپگھاتي ميزائيل هلايو جو سنڌ جي عوام جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا.هن کي سنڌ ڏرتي يا پاڪستاني عوام جي دردن جي احساس بدران برمين، بهارين،بنگالين ۽ ٻين غير ملڪين سان همدرديء وارو اونو وڌيڪ ستائڻ لڳو ان ڪري هن اعلان ڪري وڌو ته انهن “مسڪينن ” کي به پاڪستاني شهريت ملڻ گھرجي.هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو دهشتگردي،مهانگائي، ۽ بيروزگاريء سنڌ سنڌ ساڻو ۽ هڏ هڏ هيڻو ڪري رکيو هجي،جتي ملڪ جا اصل شهري بک وچان آپگھات ڪرڻ تي مجبور هجن.جتي ننڍن صوبن کي هر وقت اهو الڪو رهندو هجي ته سندن وسيلا ڦريا ۽ کسيا پيا وڃن ۽ سندن ڊيموگرافي بدلائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.جنهن ملڪ ۾ سياسي افراتفري،معاشي بدحالي ۽ سماجي بي چينيء وارو ماحول عروج تي هجي،انهن حالتن ۾ ملڪ جي وزير اعظم طرفان اهڙو تڪراري ۽ حساس بيان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟اوهان پاڪستان جي اصل شهرين کي ته آئين موجب سندن بنيادي حق ۽ زندگيء جون بنيادي سهوليتون اڃا تائين مهيا نه ڪري سگھيا ۽ هليا آهيو پوري دنيا جي مسلمانن جو درد ونڊڻ!عجيب ڳالهه اها جو جناب عمران خان جڏهن به پنهنجي ان راء يا فيصلي جي حق ۾ ڪو دليل ڏئي ٿو ته مثال وري يورپ ۽ آمريڪا جو ڏيڻ لڳي ٿو؟هو برادر اسلامي ملڪن خاص طور تي عرب ملڪن جو مثال ڇو نٿو ڏئي؟ ان ڪري جو کيس خبر آهي ته انهن ملڪن مان اڪثر ملڪن ۾ اڄ به ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريء کي شهريت ڏيڻ ته پري پر کين آزاديء سان پنهنجي منهن ڪاروبار ڪرڻ جي به اجازت ناهي.وڏي ۾ وڏي حڪومتي عهدي تي ويهي اهڙا حساس بيان ڏيڻ کان پهرين ڳوڙهي سوچ ويچار ۽ صلاح مشوري جي گھرج هوندي آهي،رڳو ڪنهن سياسي يا جماعتي فائدي جي پويان اهڙن بيانن جا ڦٽاڪا ڦاڙڻ سان بين سان گڏوگڏ خود پنهن جا هٿ به سڙي سگھن ٿا. هڪڙو ٻيو بيان جيڪو وزير اعظم ٿيڻ بعد هن ڏنو سو اهو ته هو نه رڳو پابنديء سان پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو پر ميمبرن جي سوالن جا جواب به هو پاڻ ڏيندو.پر انهيء بيان جو هن پاڻ ئي حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي، سوالن جا جواب ته پنهن جي جاء تي پر وزير اعظم پنهن جي وزيرن جي فوج سميت قومي اسيمبليء جي اجلاس مان غائب نظر اچي ٿو.جڏهن خود حڪمران ڌر جو رويو جمهوريت ۽ جمهوري ادارن طرف اهڙو غير سنجيدگيء ۽ لا پرواهيء وارو هوندو ته پوء ٻين کان ڪهڙي اميد رکي سگھجي ٿي ته اهي انهن ادارن کي عزت ۽ اهميت ڏيندا.ظاهر آهي ته عمران خان ۽ سندس وزيرن جي اهڙي غير حاضري لاء سندس پارٽي سوين دليل،جواز ۽ تاويلون پيش ڪري سگھي ٿي پر ماضيء ۾ نواز ليگ به ته ان قسم جا جواز ۽ دليل ميان صاحب جي اجلاسن مان اڪثر غير حاضر رهڻ واري معاملي تي پيش ڪندي رهندي هئي ته پوء فرق ڪهڙو ٿيو؟ عمران خان ۽ سندس وزيرن مشيرن جي به پارليامينٽ سان ايتري ئي دلچسپي آهي جيتري ميان نواز شريف ۽ سندس وزيرن ۽ مشيرن کي هئي.لڳي ٿو ته گذريل حڪومتن جي نقش قدم تي هلندي پي ٽي آئي حڪومت به ملڪ ۽ عوام جي اصل ۽ بنيادي مسئلن جي حل طرف وڌڻ بدران ماڻهن کي بين فضول قسم جي مسئلن ۽ بحثن ۾ منجھائڻ گھري ٿي.جو انهن مسئلن مان نڪرڻ لاء پي ٽي آئي ڪو مناسب هوم ورڪ ئي نه ڪيو هو.ادارا ماضيء ۾ به تباهه ۽ برباد بڻجي وڪرو ٿيندا رهيا ۽ اهو ڪم هاڻي به ٿيڻو آهي.مالي خساري کي منهن ڏيڻ لاء ماضيء ۾ به ڪو مناسب گس ڳولهڻ بدران عوام تي ئي ٽيڪسن جو بار لڏيو ويندو هو ۽ هاڻي به ايئن ئي ٿي رهيو آهي.جن مسئلن ۽ مصيبتن کي بنياد بنائي پي ٽي آئي اڳواڻ گذريل حڪومتن تي پنهنجن سخت بيانن جا ميزائيل ڪيرائي پنهنجو سياسي اسڪور وڌائيندا رهيا هئا اهي سڀ جا سڀ مسئلا ڪنهن ڊيڄاريندڙ ڏائڻ جيان ڏند ڪڍي پي ٽي آئي حڪومت سامهون جيئن جو تيئن بيٺل آهن.عوام آهي جيڪو وڃي ٿو مهانگائيء جا بار بار ايندڙ تير سهندو.بکن کان وڌيڪ بي حال ٿيندو ۽ بيان بازيء جي بار هيٺان دٻبو جو بيانن سان نه ته بکيو پيٽ ڀرجي سگھي ٿو ۽ نه بيانن سان ڪي قسمتون بدلجي سگھن ٿيون!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو