ڇا شھباز شريف جي گرفتاري انتقامي ڪاروئي ناهي؟ ڪامريڊ منان چانڊيو

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڇا شھباز شريف جي گرفتاري انتقامي ڪاروئي ناهي؟

    ڪامريڊ منان چانڊيو

    ڪجھ ڏينهن اڳ نون ليگ جي اڳواڻ رانا مشھود اوچتو ئي اوچتو هڪ نجي ٽي وي جي چيئنل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته وڏي سرڪار سان اسان جا مامرا ٺيڪ ٿي ويا آھن، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين مرحلي ۾ ٻن مهينن اندر پنجاب ۾ نون ليگ جي حڪومت ٺھندي ۽ ٻي رائونڊ ۾ مرڪز ۾ به اسان جي سرڪار قائم ٿيندي. هن جي اهڙي انڪشاف يا پيشنگوئي کان پوءِ ميڊيائي مارڪيٽ ۾ وڏو ڌماڪڙو مچي ويو، جيتوڻيڪ ميان ڀائرن رانا مشھود جي بيان کان لاتعلقي ظاهر ڪندي هن جي پارٽي ميمبرشپ معطل ڪرائڻ کان سواءِ نون ليگ جي مرڪزي اڳواڻ راجا ظفرالحق جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري مشھود کان پڇاڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اڃان رانا جي ڏنل بيان جي اصل حقيقت سامهون ڪونه آئي هئي، ته نون ليگ جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شھباز شريف کي لاهور جي نيب عدالت آشيانا ھائوسنگ اسڪيم ۾ مبينا ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن ۾ گرفتار ڪري ورتو. ننڍي ميان جي گرفتاري کان پوءِ رانا صاحب جي بيان کان پوءِ نون ليگ ۽ ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين وچ ۾ قربتن وارو جيڪو افواهن جو طوفان اٿيو هئو اهو فلحال ماٺار ٿي ويو آھي، ۽ جن مهان ليکڪن ميان ڀائرن تي خلائي مخلوق آڏو گوڏا کوڙڻ ۽ انهن جي سياسي بزدلي تي تنقيدن جا تير وسائڻ شروع ڪيا هئا گهٽ ۾ گهٽ انهن لکڻين جي پت وائکي ٿي وئي. مزي جي ڳالھ ته جڏھن ميان نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڄاٽي رٽائرڊ ڪيئپٽن صفدر جي سزا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معطل ڪري ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. تڏھن به پاڻ وارن مستند تجزيئي نگارن وڏا وڏا تحرير ناما جاري ڪندي فرمايو ته مزڪورھ ڌرين ۾ ڊيل ٿي وئي آھي. اڃان دلچسپ ڪهاڻي اها پڻ آھي ته جنهن وقت ميان صاحب ۽ سندس ڪٽب جي ٻن ڀاتين کي نيب عدالت جي جج بشير مختلف معيادن جون سزائون ٻڌايون ته ان وقت به هر طرف کان چوٻول ٻرڻ لڳا ته انصاف جي تقاضا پوري ٿي وئي، وري جڏھن ميان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران قانوني رليف مليو ته سندس بيگناهين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جٿان ڪٿان آرٽيڪلز اچڻ لڳا. اسان جي نظر ۾ ڪنهن به مامري تي تبصرو ڪرڻ يا پنهنجي راءِ جو اظھار ڪرڻ هر ھڪ ننڍي وڏي ليکڪ جو حق آھي، پر اها راءِ ٻئي جي مٿان مڙھڻ نه گهرجي نه وري اهو باور ڪرائڻ کپي ته جيڪو مان لکان ٿو اهو درست آھي. معزرت سان لکڻو پوي ٿو ته جيئن پوري سنڌ ۾ مختلف ادارن ۾ مافيائون ويٺيون آھن ايئن ئي ميڊيائي ميدان ۾ به ٿي رهيو آھي، وڏو ويل وري اهو به آھي ته اسان وٽ ليکڪ حضرات جي قد ڪاٺ، مال ملڪيت ۽ وڏي نالي کي اخباري دنيا ۾ جڳھ به ڏبي ۽ پڙھبو به نه وري مواد کي، الائي ڇو اخبار وارن ۽ پڙھندڙن جا مزاج ان قسم جا ٿي ويا آھن. حضرت علي ڪرم الله وجه جو هڪ قول آھي ته، اوهان اهونه ڏسو ته ڪير ڳالهائي رهيو آھي پر اهو ٻڌو ته ڇا ڳالهائي رهيو آھي. خير ڳالھ هلي رهي آھي ننڍي ميان جي گرفتاري جي ته هن جي گرفتاري ڪا عام رواجي ڪونهين نه وري هن وقت ان ڪيس ۾ ايڏو ڪو وڏو دم هيو ڇو ته اهو ڪيس 8،9 مهينا اڳ جو داخل ٿيل آھي ۽ شھباز شريف باقائده نيب وٽ پيش ٿيندو رهندو هيو ته پوءِ هن جي گرفتاري جي آخرڪار نوبت ڇو آئي، اها ڪا عام ۽ معمولي ڳالھ ڪونهين ڇو ته هو ٽي ڀيرا ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جو وڏو وزير رهي چڪو آھي، ان کان سواءِ ھن وقت نون ليگ جو صدر ۽ سڀ کان اهم ڳالھ ته اپوزيشن ليڊر پڻ آھي هتي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته پنجاب جي وڏ وزرات دوران هن جي ڪارڪدگي ملڪ جي ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کان حڪومتي هر شعبي ۾ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ۽ بهتر رهي آھي، اتان جا دانش اسڪول هجن، يا وري روڊ رستا، آبپاشي جو نظام هجي يا زراعت، پوليس کاتو هجي يا وري ريوينيو وغيره، شھباز شريف کي جنهن هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آھي ان رهائشي اسڪيم تحت غريب ماڻھن کي گهر ٺهرائي ڏنا ويا هئا، ظاهر آھي ته اهڙي اسڪيم ۾ صوبائي سرڪار کي ڪروڙين رپين جي سبسڊي ڏيڻي پوندي هوندي آھي، پڙھندڙن کي ياد هئڻ گهرجي ته هن تي اهي به الزام لڳندا رهيا آھن ته غريب ماڻھن کي سستي ماني ڏيڻ واسطي لاءِ پوري صوبي ۾ تندور جي روٽي فري ۾ متعارف ڪرائي، اها ماني تمام سستي ماڻھن کي ڏني وئي جنهنڪري واڌو رقم صوبائي حڪومت کي ادا ڪئي، اهڙي صورتحال کان پوءِ مخالف ڌرين پروپيگنڊا شروع ڪئي ته ڪروڙين رپيا تندور ۾ ساڙيا ويا، اسان جي چوڻ جو اهو هرگز مقصد ڪونهي ته ننڍي ميان جي حڪومتي دور ۾ پنجاب اندر سمورا مامرا سئو سيڪڙو درست هئا ضرور ڪٿي نه ڪٿي جهول ۽ گيپ هوندا، پر ان جو مطلب اهو به نه هئڻ گهرجي ته نيب خلائي مخلوق جي هدايتن تي سياستدانن جا پٽڪا لاهيندي وتي، شھباز شريف جي گرفتاري وارو مامرو ان وقت سامهون آيو آھي، جڏھن هو اپوزيشن ليڊر آھي حزب اختلاف جو ڪردار ڪنهن به حڪومت جو متبادل هوندو آھي. ۽ اپوزيشن جي اڳواڻ جو مرطبو وري متبادل وزيراعظم وارو هوندو آھي، ڏٺو وڃي ته دنيا جي انهن ملڪن ۾ جتي جمهوريت جون پاڙون رڪ جي ديورا وانگر پختيون هونديون آھن اتان جي مخالف ڌر پنهنجون شيڊو ڪابينائون تشڪيل ڏينديون آھن ۽ جهڙي ريت سرڪار جي مختلف کاتن جا وزير ٿيندا آھن اهڙي طرح مخالف ڌر جا پڻ، چوڻ جو مطلب ته اپوزيشن حڪومت جي هر منفي قدم خلاف مصبت نموني تحرڪ وٺي عوام کي گهڻ طرفو رليف فراهم ڪنديون آھن، پر افسوس ته اسان وٽ هڪ ته حڪومت مخالف ڌر تي گهربل اهميت ڪونه ڏيندي آھي ٻيو ته مخالف ڌر به مخالف ته براءِ مخالفت جو رول ادا ڪري هوائي توائي ڳالهيون ڪندي آھي يا وري ٻلي ۽ ڪوئي وارو کيڏ کيڏندي آھي، بحرهال شھباز شريف جي گرفتاريءَ کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان نيب کي اجازت وٺڻي لازم هئي مگر اهو ڪونه ٿيو، هن وقت جتي عمراني سرڪار وڏي واڪي چئي رهي آھي ته ڪنهن به ڪرپٽ سياستدان سان ڪابه رعايت ڪانه ٿيندي اتي وري سينيٽ جهڙي اهم ايوان ۾ مخالف ڌر ڪپتان صاحب تي گنڊا گردي ڪرڻ جو سنگين الزام هڻندي نون ليگ پنهنجي اتحادين سان گڏجي شھباز شريف جي بقول سندن انتقامي ڪاروائي خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آھي، اهڙي امڪاني تحريڪ ڪڏھن ڪٿان شروع ٿيندي ۽ ڪيتري اثرائتي هوندي اهو ته وقت ٻڌائيندو پر جڏھن کان وٺي عمراني سرڪار وجود پزير ٿي آھي ته سمورا ملڪي مامرا مڙئي ڪجھ منجهيل نظر اچي رهيا آھن ۽ اها خبر ڪانه ٿي پئي ته حڪومتي ڪارونهوار ڪٿان هينڊل ٿئي پيو، ٻئي ڳالھ ته هر طرف کان سياستدانن کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تيز ۽ ابها ٿي رهيا آھن مگر اهو ڪونه پيو واضح ڪيو وڃي ته ملڪ جي قيام کان وٺي هن وقت تائين جيڪا به ڪرپشن بد عنواني جي وبا پکيڙيل آھي جيڪي به دھشتگردن دهشتگردي جون سنگين وارڌاتون ٿي رهيون آھن، جهڙي ريت ملڪ جي سالميت داءَ تي لڳل آھي ان پويان خلائي مخلوق جو هٿ رهندو پيو اچي، ۽ اهڙي اصل وارتا جڏھن ميان نوازشريف بيان ڪئي ته پوءِ ميان نواز شريف ۽ سندس پارٽيءَ لاءِ مشڪلاتن مٿان مشڪلاتون پيدا ٿينديون پيو اچن، آخر ۾ ملڪ جي سڀني باشعور ۽ جمهوريت پسند ماڻھن جي خواهش يا تمنا آھي ته سمورا سياستدان اهو سوچين ته ملڪ کي تباهي طرف وٺي ويندڙ ڪهڙيون قوتون آھن انهن قوتن جي نشاندهي ڪري انهن جي هٿن ۾ کيڏڻ بند ڪن تڏھن ئي ملڪ جو وقار ۽ خود سياستدانن تي لڳل داغ مٽجي سگهن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو