آخر سنڌي بنجڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    گذريل ستر سالن دوران پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ اندر سياست قوم کان قوم پرستي ۽ لسانيت ۾ ڪيئن تبديل ٿي ان جي تجزيي جي ضرورت آهي.سنڌ جو معاملو ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ گنڀير آهي جو 1947ع ۾ لکين ماڻهو جيڪي هندستان ڇڏي پاڪستان آيا انهن کي هڪ خاص منصوبي هيٺ رڳو سنڌ جي وڏن شهرن ۾ آباد ڪيو ويو.ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ اشرافيا ۽ بيوروڪريسي ماڻهن کي انساني همدردي ۽ اسلامي جذبي جا وڏا وڏا ڀاشڻ ته ڏيندي رهي پر هنن عملي طور تي هندستان کان آيل انهن اسلامي ڀائرن کي پنهنجن صوبن ۾ قبول ۽ آباد ڪرڻ کان انڪار ڪيو.اهو صحيح آهي ته هندستان مان آيل انهن ماڻهن مان گھڻا ته واقعي سچي اسلامي جذبي ۽ پاڪستان سان محبت جي نتيجي ۾ هتي آيا پر انهن ماڻهن جي به کوٽ نه هئي جن جي سامهون سنڌ کي ڇڏي هندستان ويندڙ هندن جي ملڪيتن تي نظرون هيون.جيڪي سٺي ۽ سچي جذبي سان هتي آيا انهن ملڪ ۽ سنڌ جي خدمت ۾ پنهنجو پورو حصو به ملايو بلڪه انهن پنهنجو پاڻ کي سنڌي ۽ پاڪستاني سڏائڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪيو.انهن ۾ ڪيترائي بزرگ،نيڪ ماڻهو،سماجي ڪارڪن،ڊاڪٽر،حڪيم ۽ دانشور شامل آهن جن زبان يا نسل جي تعصب کان پنهنجو پلئي آجو رکندي انسانذات جي بنان ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي.نالا کڻبا ته مضمون ڊگھو ٿي پوندو پر جن ماڻهن جو مقصد رڳو معاشي مفاد،زمينون ۽ ملڪيتون حاصل ڪرڻ هو انهن هتي اهڙو ته خطرناڪ ناٽڪ رچايو جنهن جا منفي نتيجا اڄ تائين سنڌ ۽ ملڪ برداشت ڪري رهيو آهي.ايم ڪيو ايم ته گھڻي دير سان ٺهي پر ان کان گھڻو اڳ سنڌ جي تاريخ،حالتن ۽ واقعن تي سراسري نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو ته ان قسم جا ماڻهو هندستان مان جيڪر پاڻ سان گڏ ڪا شيء کڻي آيا هئا ته اهو هو انهن جو ٻين قومن خاص طور تي سنڌين سان تعصب وارو رويو.لياقت علي خان کان ويندي نواب مظفر تائين جون جيڪر سموريون ڪهاڻيون پڙهي وڃو ته سڀ سمجهه ۾ اچيو وڃي ته ڪيئن نه محبتن جي نگريء ۾ نفرتن جو ٻج پوکيو ويوجنهن جونتيجونه رڳو هتان جا اصل سنڌي پر خود اردو ڳالهائيندڙ آبادي به بريء طرح ڀوڳي رهي آهي.اهو بنيادي سوچڻ جو سوال آهي ته آخر هتي آيل اردو ڳالهائيندڙ آباديء کي اڄ تائين سنڌي بڻجي سنڌين ۾ ضم ٿيڻ کان ڪهڙي شيء روڪيندي رهي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته اها آبادي ڪيترن ئي بنيادي مسئلن جو شڪار رهندي آئي آهي پر ڏٺو وڃي ته انهن مسئلن ۽ محرومين جو شڪار انهن کان وڌيڪ ته هتان جي اصل آبادي به ته رهندي ٿي اچي ته پوء 1970ع کان پوء واري سياست ۾ انهن پنهن جي باقائدي سڃاڻپ مهاجر جي نالي سان ڇو ڪرائي جيڪا اڳتي هلي مهاجرقومي موومينٽ جي صورت ۾ سامهون آئي.ٿورو پوئتي وڃجي ته پاڪستان جي قيام کان ترت پوء اردو ۽ بنگالي زبانن وارو تڪرار،انهيء سان گڏ ئي سياسي مامرا،1950ع جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيل آئيني بحران،ايوب خان جي مارشلا ،ون يونٽ جو قيام ۽ ڪجهه سياسي پارٽين تي پابندين پڻ ملڪ کي لساني سياست طرف ڌڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيوجنهن جي رد عمل جي طور تي سنڌ ۽ بنگال ۾ کاٻي ڌر جون تحريڪون اڀري سامهون آيون جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽيء تي پابنديء جي نتيجي ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي سرحد صوبي ۾ لساني سياست ڪندڙ پارٽيون وجود ۾ آيون.هڪ طرف ته اسڪولن ۾ سنڌي زبان تي پابندي لڳائي ويئي جنهن سان هڪ طرف ايوب خان ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف نفرتن کي هٿي ملي پر محترمه فاطمه جناح جي خلاف صدارتي چونڊن بعد سول سروس ۾ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي ڪوٽا گھٽائي ويئي ۽ گاديء وارو هنڌ ڪراچيء کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.جنهن جي نتيجي ۾ “ڪراچي صرف ڪراچيء وارن لاء” ۽ پوء ڪميونسٽ رهنما محمود الحق عثمانيء جي اڳواڻيء ۾ ڪراچي صوبو تحريڪ شروع ٿي،1972ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ سنڌي زبان جو بل متعارف ڪرايو ته غير سنڌي متعصب قسم جي دانشور طبقي ان کي زندگي ۽ موت جو مسئلو بنائي ڇڏيو.جنهن بعد ۾ لساني فسادن جي صورت اختيار ڪئي.تعصب جو اهو ٻج جيڪو ڇٽيو ويو هو اهو اڳتي هلي ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ مضبوط وڻ بڻجي ويو جنهن کي ملڪي توڙي غير ملڪي ڌرين هڪ وڏي منصوبي تحت نه رڳو ميدان ۾ لاٿو پر انهن جي پوري پوري مدد ۽ تحفظ به ڪيو.اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ وڏي اڪثريت ان منصوبي جو شڪار ٿي ويئي ۽ انهن سنڌين سان ملي هڪ ٿيڻ بدران پنجين قوميت ۽ ان قوميت جي بنياد تي نئين صوبي جو نعرو لڳائڻ شروع ڪيو.انهيء ايم ڪيو ايم جي ڇانو۾ سنڌ جي اصل رهاڪن سان ڪهڙا ويڌن ڪيا ويا ۽ خود اردو ڳالهائيندڙن کي ڪهڙين مصيبتن ۾ وڌو ويو اهو سڀ تاريخ جو ناقبل ترديد حصو بڻجي چڪو آهي. 1988ع ۾ ايم ڪيو ايم لاء ووٽ مهاجر لاء ووٽ بڻجي ويو.عام ۽ بلدياتي چونڊن ۾ بي مثال ڪاميابين باوجود ايم ڪيو ايم اردو الهائيندڙن کي ڪجهه به ڏيئي نه سگھي البت پورو شهر لاشن جو قبرستان بڻجي ويو.اها ايم ڪيو ايم ئي هئي جن اردو ڳالهائيندڙ طبقي جي سڃاڻپ علم،ادب ۽ دانش جي بدران ڏوهاري ۽ دهشتگرد ماڻهن جي صورت ۾ ڪرائي،هو اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ٿي ويا جيڪي اردو ڳالهائيندڙن جي مزاج ۾ ئي نه هيون.وقت گذرڻ سان گڏ انهن جي سڃاڻپ پوري ملڪ ۾ ڏوهاري،ڀتا خور،ٽارگيٽ ڪلر ۽ دهشتگرد جي طور تي ٿيڻ لڳي.1992ع ۾ ايم ڪيو ايم جڏهن معروف شاعر جون ايليا سان رڳو ان ڪري بدسلوڪي ڪئي جو هو ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳواڻ جي اچڻ تي اٿي نه بيٺو هو ته حقيقت ۾ اها اردو ڳالهائيندڙن جي سياسي طرف جي تبديليء جي شروعات هئي.اهڙيء طرح مهاجرن کي شايد سڃاڻپ ته ملي ويئي پر هنن پنهنجو سمورو تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو وڃائي ڇڏيو.هن وقت حالت اها آهي جو مهاجر سياست ٽڪرن ۾ ورهايل آهي.مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخانيء جي پاڪ سرزمين پارٽي،فاروق ستار جو ايم ڪيو ايم پاڪستان ڌڙو،خالد مقبول صديقيء جو ايم ڪيو ايم پاڪستان ڌڙو،آفاق احمد جي مهاجر قومي موومينٽ ۽ الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم لنڊن اهي سڀ جا سڀ مهاجرن جي حقن جي تحفظ جا دعويدار آهن ۽ سڀ پنهنجو پنهنجو ووٽ بينڪ بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن.انهن کي اهو ووٽ بينڪ بچائڻ لاء وڌ ۾ وڌ زهر ڀريل تعصب،لسانيت ۽ نفرتن وارن بيانن جي ضرورت آهي جيئن سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء کي پنهنجو ووٽ بينڪ مضبوط رکڻ لاء سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ضرورت رهي ٿي.سنڌ جي سياست ۾ سنڌي مهاجر جي بنياد تي سياست جي سدائين راند هلندي ٿي اچي.سرڪاري نوڪريون هجن يا ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائون، اسيمبليون هجن يا بلدياتي ادارا،اها ورهاست ۽ فرق هر هنڌ واضح نظر اچي ٿو جيڪو سنڌ لاء ڪنهن به صورت ۾ فائديمند ناهي.ٻنهي پاسن کان ان قسم جي زهريلي سياست ڪندڙ اڳواڻ ۽ ڌريون پنهنجن ذاتي،گروهي ۽ سياسي مفادن لاء هر وقت اهو ڪارڊ کيڏنديون رهيون آهن پر نه ته شهري آباديء جي نمائندگيء جون دعوائون ڪندڙ ۽ هر حڪومت سان گڏ رهندڙ ايم ڪيو ايم ڪو ماڻهن کي رليف ڏيئي سگھي ۽ نه ئي گذريل ڏهن سالن کان اقتدار جا مزا پاڻيندڙ پيپلز پارٽيء ئي سنڌ جي عوام جي سورن ۾ ڪا گھٽتائي آني سگھي آهي.وقت اچي ويو آهي ته عوام انهن لساني ۽ تعصب واري سياست کي مڪمل رد ڪندي نفرتن جي ٻاريل باهه تي پاڻي وجھي.جيڪي اردو ڳالهائيندڙ سالن کان سنڌ ۾ آباد آهن اهي هاڻي سنڌي آهن.انهن کي ڪوبه سنڌ مان ڪڍي نٿو سگھي . ستم ظريفي اها جو انهن کي سڀ سنڌي تسليم ڪرڻ لاء تيار آهن پر اهي پنهنجو پاڻ کي خبر ناهي ڇو اڃا تائين سنڌي مڃڻ لاء تيار ناهن؟ جڏهن اهي سچ پچ سنڌي بڻجي ويندا ته پوء ان زهريلي سياست جو خود بخود انت به اچي ويندو. پر سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن کي سنڌي بنجڻ ۾ آخر ڪهڙي رڪاوٽ آهي ۽ انهن کي هروڀرو اهڙي نالي سان قوميت بنجڻ تي ناز ڇو آهي جنهن نالي سان پوري دنيا ۾ ڪابه قوميت اڄ تائين تسليم نه ڪئي ويئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو