اين ايف سي يونيورسٽي جي ذهين شاگرد جي خودڪشي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سارنگ جويو طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2018۔

  1. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    اين ايف سي يونيورسٽي فيصل آباد جي گيٽ آڏو ڳڙهي خيري واسي ھڪ ذھين شاگرد سيف الله جمالي پاران خودڪشيءَ جو واقعو پيش آيو آھي، ان واقعي پُٺيان حقيقت ھي آھي تہ سندس استاد پاران ساڻس بغض رکندي کيس بار بار فيل ڪيو ويو، جنھن تي ھن نوجوان مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي، ھيءُ انتھائي افسوسناڪ خبر ٻُڌي دلي صدمو پھتو. ان استاد جي ويس ۾ بگھڙ کي سزا ضرور ملڻ گھرجي، پر ان کان اڳ ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي اھم قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي.
    گُذريل ڏھاڪو سالن کان، جڏھن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد ھُيس تڏھن کان اھڙا ڪيترائي واقعا نہ صرف ٻُڌا پر اکين سان ڏٺا بہ آھن، ڪڏھن ڪنھن اُستاد طرفان مارڪن جي مسئلي تي شاگردياڻين کي سيڪشيوئلي حراس ڪرڻ جھڙا واقعا ڏٺا ۽ ٻُڌا، تہ ڪڏھن وري ڪنھن اُستاد پاران ڪنھن بغض تحت ذھين شاگردن کي گھٽ مارڪن ڏيڻ کان ويندي فيل ڪرڻ جھڙا واقعا بہ ڏٺا، اھڙو ھڪ واقعو مون سان بہ ٿيو ھو، جنھن سبب ھڪ استاد جي بغض رکڻ جي ڪري ۽ منھنجي والد سان نہ ٺھڻ جي ڪري ھن مون کي پنھنجي سبجيڪٽ ۾ گھٽ مارڪون ڏنيون تہ جيئن آئون ڊپارٽمينٽل ٽاپ ۽ فيڪلٽي ٽاپ پوزيشن نہ ماڻي سگھان ۽ بلڪہ ڪا بہ پوزيشن ماڻي نہ سگھان، پر ان جي باوجود بہ ٻين سمورن سبجيڪٽس ٽاپ مارڪون کڻي ٽين پوزيشن کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيس. اھڙيءَ ريت وري ڪٿي ڪٿي تہ لوفر شاگردن پاران ڪنھن سُٺي استاد کي پستول ڏيکاري، يا تشدد ڪري مارڪون وٺڻ وارا واقعا بہ اکين آڏو گُذريا تہ ڪٿي وري من پسند شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پوزيشنون ڏيارڻ وارا واقعا بہ ڏٺا، جنھن کان پوءِ يونيورسٽي ۽ انٽرنيشل يونيورسٽيز لا يعني قانون جي مطالعي ۽ مختلف يونيورسٽين جي مشاھدي کان پوءِ انھن معاملن کي روڪڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ مون 2012 ۾ شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ سوين اُستادن، ملازمن ۽ شاگردن آڏو ڪجھ تجويزون رکيون ھُيون، جيڪي ھي آھن:
    1. يونيورسٽيز ۽ انٽرنيشنل ايجوڪيشنل لا موجب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنھنجون امتحاني ڪاپيون چيڪ ڪرڻ کان پوءِ واپس ڏنيون وڃن، جنھن سان بليڪميلنگ، سيڪشيوئلي حراس مينٽ ۽ من پسند شاگردن کي نوازڻ وارن واقعن کي ٻُنجو ڏئي سگھجي ٿو.
    2. شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي، ۽ ان جي شفاف ڊپارٽمينٽ وائيز سماج جي اعتماد جوڳن ۽ انٽل ايچوئلز جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي.
    3. شاگرد يونين جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل باڊي مان جنرل سيڪريٽري ۽ صدر کي سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ جو ميمبر بڻايو وڃي، جنھن سان انھن پاليسيساز ادارن اندر ھڪ تہ شاگردن جي نمائندگي ٿي ويندي ۽ ٻيو تہ شاگردن جي تعليم، اسڪالرشپس کان ويندي جيڪي بہ شاگردن جا مسئلا آھن، انھن کي شاگرد يونين ئي حل ڪري سگھي ٿي ۽ گڏوگڏ انتظامي ماڻھن جي ڪرپشن تي بہ ڪرڙي نظر رکي سگھجي ٿي، جنھن سان يونيورسٽي جي ماحول ۾ انقلابي سُڌارا ايندا.
    سنڌ جي سمورين يونيورسٽين مان رينجرز ۽ پوليس کي نيڪالي ڏني وڃي، ڇو تہ اھي ھڪ تہ يونيورسٽيءَ جي بجيٽ تي بارُ آھن، جيڪو بار ھنن جي نيڪالي سان ھلڪو ٿيندو ۽ ٻيو انھن پاران شاگرد ھاسٽلز ۽ شاگرد يونين جي آفيس تي جيڪو قبضو آھي، اھو بہ ختم ٿي سگھندو ۽ تعليمي ادارو واقعي ھڪ تعليمي ادارو لڳندو نہ ڪي ڇانوڻي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو