شيخ نديم جي ڪتاب ”اُڃارا احساس“ تي سرسري نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]


    غزل جي احساس جھڙو شاعر: شيخ نديم

    ڪتاب ”اُڃارا احساس“ تي سرسري نظر

    فقير محمد سنڌي

    وليم ورڊس ورٿ جو چوڻ آهي ته،”شاعر هڪ انسان آهي، جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنھن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي.“
    اهڙن ئي ڪومل جذبن جو خالق شيخ نديم ”اُڃارا احساس“ کڻي ادب جي افق تي نروار ٿيو آهي، جيڪو سندس ذهني پورهيو آهي. اهو پنھنجي حلقي تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. شيخ نديم جو ادب ۾ تعارف شاعر طور، شاعر حساس ئي رهندو آهي جيڪا خوبي شيخ نديم ۾ عام ڪچھري ۾ چڱي طرح پرکي سگهجي ٿي. شيخ نديم جو مختصر تعارف به ضروري سمجهان ٿو. اصل نالو معشوق علي ولد عبدالستار شيخ، 7 فيبروري 1984ع تي رتوديرو ۾ جنم ورتو. تعليم انٽر تائين حاصل ڪري سگهيو. گذر معاش لاءِ پورهيو ڪري ٿو. شيخ نديم لکڻ جي شروعات 1997ع کان ڪئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. ”اُڃارا احساس“ ڪتاب جي ارپنا انتھائي پاٻوهه وچان، پنھنجو هي پھريون قلمي پورهيو نيري گگن جي تخليقڪار جي نانءِ ڪريان ٿو جنھن ڏات ۽ ڏانءُ ڏئي منھنجي احساسن کي اجاگر ڪيو. ان وجود جي نانءِ ڪريان ٿو جيڪا مون ۾ سمائجي اڄ به منھنجي ساهن کي معطر ڪندي رهي ٿي.
    ٻنھي جھانن ۾ سايو منھنجي پياري امڙ ۽ شفقت ڪندڙ پياري بابا سائين جي جنھن ڌرتتيءَ ۾ پگهر وهائي مون کي شعور ۽ علم جي اک ڏني ۽ پنھنجي پياري مرحوم ڀيڻ جي نانءِ جيڪا بھارن ۾ وڇوڙي جو سڏ ڏئي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي وئي.
    اڃارا احساس جو مھاڳ سنڌ جي نالي واري شاعر وسيم سومرو لکيو آهي. وسيم سومرو مھاڳ جي شروعات ۾ لکي ٿو ته مون کي ايتري ڄاڻ ناهي ته تخيلقي شآعريءَ وانگر تخليقي نثر جي ڪيتري اهميت آهي، پر ايتري ڄاڻ ضرور آهي ته تخليقي نثر لاءِ به اندر جي اُڇل تمام ضروري آهي.
    شيخ نديم جي ڪتاب ”اُڃارا احساس“ ۾ غزل شامل آهن. غزل جي ٻولي فطرت جو اهڙو سڌو سنئون عڪس آهي جنھن ۾ ڪثرت ۽ رنگيني هڪ همه گير وحدت جي صورت ۾ شيخ نديم جي غزلن ۾ نمايان آهي.

    روز چمنيءَ جيان جليو اندر،
    لوڪ چئي ٿو دُکيو ته ڪجهه ناهي.

    **

    نيڻ اوسيئڙي جي ڀاڪُرَ ۾ هُيا،
    غم رهيو مون سان ڪَٺو آ رات ڀر.

    **

    رات پھري ڇڏيو ريشمي ڪو وڳو،رقص ۾ آ رُڳي ڳوٺ تي چاندني.

    غزل بابت هري درياني دلگير راءِ ڏيندي چوي ٿو ته،”عام طور غزلن ۾ دل جي درد جي تصوير چٽيل هوندي آهي، پر هينئر غزل وڌيڪ ڪشادي ميدان ۾ پھچي چڪو آهي، جنھن کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ ڪافي تجربا هلي رهيا آهن.“ شيخ نديم جي غزل جا ڪجهه مطلع ڏسو جيڪي درد جي دانھَن سان ڀريل آهن.

    لڙڪن ۾ جهولڙيون هِن،

    دردن جـــون لـولڙيون هِن.**
    پرينءَ جي تات جو ڏيئو،
    ٻَريـو ڄـڻ رات جو ڏائو.

    **

    درد جو آواز آ،ڄڻ ته ڌڙڪن سازُ آ.

    **

    درد ۾ ايئن دل جُهريل روئي ڏنو،ڄڻ مٿان ڪڪريءَ ڀريل روئي ڏنو.

    **

    آدمي ويساهه کان ناهي پري،دڳُ ڪنڊا ته به راهه کان ناهي پري.


    ڊاڪٽر احسان دانش به ”هر خواب ساڀيان ڪاش ٿي“ جي عنوان سان غزل جي نفيس صنف کي ڀرپور نموني سان ڀيٽا ڏني آهي.
    راڻا خواب سجايا ٿيندا، اها اميد رکي آهي پنھنجي دوست علي زاهد جيڪو پاڻ به غزل جو خوبصورت شاعر آهي، جنھن شيخ نديم کي غزل جي ميدان ۾ همٿايو آهي.
    ”جدتن جو پيروڪار شاعر، شيخ نديم خوشنصيب شاعرن مان آهي، جنھن جي شاعري کي ادبي حقلن ۾ وڏي ڌيان سان پڙهيو وڃي ٿو.“ (جميل سومرو). اهڙي طرح بدر انصاري جي نظر به ڪمال جي آهي جيڪا شيخ نديم تي پئي، لکي ٿو ته ”احساسن جي خوبصورت وادي شيخ نديم جي خيالن ۽ خواهشن جي پرواز اڀ کان به اڳتي آهي.“ غزل جي خوبصورت شاعر رضا بخاري به شيخ نديم کي رنگن جي ڪائنات ۾ پسي پنھنجو پيار آڇيو آهي.
    منھنجو هم قلم ساٿي، مٺل سولنگي، شيخ نديم کي اندر جي اکين سان پرکيو آهي ۽ لکي ٿو ته، ”شاعريءَ جي ديوي شيخ نديم تي مھربان آهي.“
    غزل هڪ برجستي صنف آهي جيڪا اڄ جي دور جي هر ڪوجهائي جي اکين ۾ نھارڻ جي سگهه رکي ٿي، ڪائنات جي احساسن ۾ رنگن کي ڇھي ٿي. غربت کي به ڀاڪر ۾ ڀري ٿي. ڳراٽڙي پائي پنھنجائيءَ جو يقين ٿي ڏياري. اقتدار۽ خودداريءَ کي به هٿ کان جهلي، سج ڏانھن نھارڻ سيکاري ٿي.
    شيخ نديم جا اڌما ۽ احساس ئي پنھنجا آهن، جنھن مان معاشري ۾ رهندڙ هر حساس فرد هن جي جذبن کي پنھنجي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو.
    فقط هن اوجاڳا ڦٽل ننڊ آهي،۽ هن پار ساجن ستل ننڊ آهي.صدين جو لٿو ٿڪ اوهان جي ڪلهي تي،نه جاڳاءِ مون کي پنھل ننڊ آهي.

    **


    هن جي هر گام تي درد جو رقص آ،اڄ به انجام تي درد جو رقص آ.

    پنھل به هن ڪتاب تي پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي ۽ شاعر جي حساس پڻي کي خوب ڄاڻي ٿو. شيخ نديم جي شاعري ادراڪ جون اوجاڳيل اکيون کڻي مارڳ جي جنون ۾ ڏات جي ڏياٽي ٻاري اوجهري کي سوجهري جو دڳ ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي رهي آهي.
    ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي شاعرن جا مختصر تاثرات موجود آهن جن ۾، وسيم سومرو، رضوان گل، رضا بخاري ۽ جعفر جاني شامل آهن. شيخ نديم جي غزلن جا ڪجهه بيت جيڪي عام ماڻهن جي احساسن کي جاڳائين ٿا:

    اڳيان ڪجهه خيال تڙپن ٿا ۽ ڪاڳرُ ننڊ ۾ ناهي،
    ڪوي آ سوچ ۾ شعرن جي، هُر کر ننڊ ۾ ناهي.


    **



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو