حوصلي مند انسان ۽باصلاحيت استاد نجيب الله کوهارو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2018۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    حوصلي مند انسان ۽باصلاحيت استاد نجيب الله کوهارو.
    فقير محمد سنڌي.
    والٽيئر چواڻي ته، انسان پيدائشي طور سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن، پر قسمت هنن کي مختلف بڻائيندي آهي، اهڙي طرح خدا به سڀني جو هڪ آهي، پر هر هڪ پنهنجي جدوجھد جو صلو ماڻيندو آهي، انسان کي ابن ڏاڏن کان ڪجھ نه ملندو آهي. ليڪن هڪ باحوصله انسان پنهنجي همت ۽ جدوجھد سان دنيا فتح ڪري وٺندو آهي. اهڙو ئي نوجوان دوست، حوصلي مند انسان ۽باصلاحيت استاد نجيب الله کوهارو به هڪ آهي. 20آڪٽوبر 1983ع تي ڳوٺ مولوي الھ بخش کوهارو تعلقي باقراڻي ۾ جنم ورتو. نجيب کوهارو سائين حفيظ الله کوهارو جو فرزند آهي، جيڪو به باهمت استاد ٿي گذريو آهي، جيڪو منهنجو به استاد هو ۽ نجيب الله به منهنجو هم ڪلاسي آهي. نجيب الله کوهارو، پرائمري تعليم گورنمينٽ ديني مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان 1998ع تي حاصل ڪيائين، انٽر 2000ع، بي اي سي 2002ع ۽ ايم اي 2007ع تي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين. زندگي جدوجھد جو نالو آهي، بهترين انسان اهو آهي جيڪو پنهنجي زندگي مسلسل ڪوشش ۾ گذاري ٿو.
    وليم شيڪسپيئر جو تجربو آهي ته : زندھ دل انسان، سارو ڏينهن ڪم ڪندي به ٿڪبو ناهي، جڏهن مردھ دل انسان ٿوري ئي وقت ۾ ٿڪجي بيزار ٿي پوندو آهي.
    1999ع کان نجيب الله پڙھڻ ۽ پڙهائڻ سلسلو شروع ڪيو، سڀ کان پهرين حسيني ماڊل اسڪول ۾ بغير معاوضي جي پڙهائڻ شروع ڪيو، تجربو به انسان بلندين تائين رسائي ٿو. اهڙيءَ طرح 2001ع ۾ لاڙڪاڻو ايجوڪيشن ڪامپليڪس ۾ تعليم جو درس ڏنائين، ائين ئي تعليم جي سفر کي جاري رکندي 2002ع کان 2004ع تائين برلينٽ گرامر اسڪول، 2004ع کان 2005ع تائين ماٺيئي ماڊل اسڪول، 2006ع تي بقاگرامر اسڪول ۾ تعليم جي روشني سان شاگردن جا ذهن منور ڪندو رهيو. 2007ع تي جنهن درسگاهه مان پاڻ پڙهي نڪتو هو، آخرڪار ان درسگاهه ۾ يعني لاڙڪاڻي جي پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهائڻ جا فرائض سرانجام ڏنائين. ڊيوٽي دوران نجيب الله کي بهترين استاد جو ايوارڊ، NAB جي طرفان بهترين صلاحڪار لاڙڪاڻو، ڊسٽرڪٽ طرفان ۽ مختلف تنظيمن طرفان مڃتا ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي. 2008ع کان ڪراچي ۾ PGS اسڪول ۽ ASF ڪاليج ۾ خدمتون ڏنائين. انهيءَ دوران سائين حفيظ الله جي طبيعت ۾ بهتري نه ڏسي هٿ لاڙڪاڻي واپسي ڪيائين. 2010ع تي Css ڪاليج جوائن ڪيائين، زندگي جي قدم کي اڳتي وڌائيندي 2011ع ۾ غزالي ريزيڊنسي اسڪول ۾ ڪو آرڊينٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
    2014ع تي آخرڪار نجيب الله کوهارو پنهنجي منزل تي رسيو. الحفيظ ڊيسينٽ اسڪول جو بنياد رکيو جيڪو سفر جاري آهي، جنهن جو هن نجيب الله کوهارو پرنسپل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو