جمال خاشقجي جو واشنگٽن پوسٽ لاءِ لکيل آخري ڪالم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2018۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,753
    ورتل پسنديدگيون:
    5,809
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ترجمو: عبدالحفيظ لغاري

    عرب دنيا کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آھي اظھار جي آزادي جي

    گلوبل اوپينين ايڊيٽر ڪرن عطيہ پاران نوٽ

    مون کي ھي ڪالم جمال خاشقجي جي ترجميڪار ۽ ٻانھن ٻيلي کان جمال جي استنبول ۾ گم ٿيڻ جي اطلاع واري خبر جي ٻئي ڏينھن تي مليو ھو. اخبار ھن ڪالم کي ڇاپڻ کان ان خيال سان روڪي ورتو تہ جمال متان واپس اچي ۽ اسان گڏجي انھي کي ايڊٽ ڪريون. پر ھاڻي مون کي مڃڻو پيو تہ ھو نہ ايندو ۽ سندس ھي آخري لکت واشنگنٽن پوسٽ ۾ ڇاپڻ لاءِ مون کي ايڊٽ ڪرڻي پوندي. ھي ڪالم سندس ان سوچ جي بھترين عڪاسي ڪري ٿو جنھن ۾ ھو سچائي ۽ جذبي تحت عربن جي آزادي جي راءِ رکندو ھو. اھا آزادي جنھن لاءِ ھن پنھنجي جان ڏيئي ڇڏي آھي. منھنجي لاءِ اھا خوشي جھڙي ڳالھہ ھوندي تہ ھُن پنھنجي صحافتي گھر طور واشنگٽن پوسٽ کي ھڪ سال اڳ چونڊيو ۽ اسان سان گڏجي ڪم ڪيو.

    ڪجھہ ڏينھن اڳ 2018 جي عالمي آزادي رپورٽ نيٽ تي ڏسي رھيو ھئس جيڪا فريڊم ھائوس پاران جاري ڪئي وئي آھي مون کي اھو خوفناڪ مشاھدو ٿيو تہ دنيا جي عرب ملڪن ۾ صرف ھڪ ملڪ اھڙو آھي جنھن کي ”آزاد“ تسليم ڪري سگھجي ٿو جيڪو آھي تيونس. جارڊن، موراڪو ۽ ڪويت ٻئي نمبر تي اچن ٿا ۽ درجہ بنديءَ ۾ جزوي آزاد ليکيا وڃن ٿا. عربن جا باقي ملڪ جنھن درجہ بندي ۾ آھن سي آزاد نہ ھجڻ طور ليکيا ويا آھن.

    نتيجي طور جيڪي عرب انھن ملڪن ۾ رھن پيا اھي يا تہ بلڪل بي خبر رکيا وڃن ٿا يا وري غلط ڄاڻ ڏيئي کين مغالطي ۾ رکيو وڃي ٿو. وٽن ڳالھائڻ لاءِ جوڳي معلومات نہ ٿي ھجي، ھو ڪٿي بہ انھن معاملن بابت ڳالھائي نہ ٿا سگھن جيڪي سندن خطي ۽ روزاني زندگيءَ تي اثر انداز ٿي رھيا ھوندا آھن. رياست شاھي فرمانن سان ھلي ٿي جيڪا عوام جي سوچ تي مسلط آھي، ڀلي کڻي ڪو نہ مڃي، پر اڪثريتي عوام انھن ڪوڙن فرمانن جو شڪار ٿيندي رھي ٿي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ اھا صورتحال تبديل ٿيندي بہ نظر نہ پئي اچي.

    اسپرنگ 2011 (عربن جي جمھوريت لاءِ مھم) مان اميد نظر اچڻ لڳي ھئي. صحافي، پڙھيا لکيا توڙي عوام الناس کي اھو آسرو ٿيڻ لڳو ھو تہ سندن ملڪ ۾ روشن ۽ آزاد تصور اجھو آيو. ھو سمجھڻ لڳا ھئا تہ کين حڪومت جي بالادستي مان ڇوٽڪارو ملڻ وارو آھي ۽ سندن معلومات ۾ مداخلت ۽ سينسر جي مصيبت ختم ٿيڻ واري آھي. پر اھي اميدون جلد ٽٽي ويون ۽ اھي معاشرا اڳوڻي حيثيت ۾ موٽي ويا يا ماڳھين وڌيڪ بري حالتن جو شڪار ٿي ويا.

    منھنجو پيار دوست، مشھور سعودي ليکڪ صالح الشيلي، سعودي پريس ۾ مشھوري ماڻيندڙ ڪالم لکيا. اڄڪلھہ بدنصيبيءَ سان ھو بنا وارنٽ جي پنج سالہ قيد ڀوڳي ٿو پيو ڇو تہ ھن سعودي اسٽبلشمينٽ خلاف لکيو ھو. مصري حڪومت ھڪ اخبار ال ماسري اليوم جي ڇپائي روڪرائي ڇڏي ۽ ٻين ساٿين پاران ڪو ساٿ يا احتجاج سامھون نہ آيو. اھي عمل يقينن عالمي برادري جي غصي واري رد عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مصيبت کان نہ ٿا بچائي سگھن بلڪہ ان سان خاموشي بعد تڪڙي نندا جي عمل کي ڀڙڪو ڏيئي سگھن ٿا.

    نتيجي ۾ عرب حڪومتن کي ڍري رسي ڏني وئي آھي تہ ھو ميڊيا جو آواز تيزيءَ سان دٻائيندا رھن. ھڪ زمانو ھو جڏھن صحافي سمجھندا ھئا تہ انٽرنيٽ معلومات کي سينسرشپ کان آزاد ڪندو ۽ پرنٽ ميڊيا تان پڻ اھو جمود ٽٽڻ ۾ مدد ملندي. پر ھنن حڪومتن، جن جي بقا ئي معلومات تي ضابطو رکڻ آھي، انٽرنيٽ کي پڻ بلاڪ ڪري رکيو آھي. ھنن مقامي نمائندن کي گرفتار پئي ڪيو آھي ۽ پڻ انھن اشتھار ڏيندڙن کي جن سان اخبارن جي ڪمائي ٿئي ٿي.

    ھنن ريگستانن ۾ ڪجھہ نخلستان جھڙيون رياستون پڻ آھن جن عرب اسپرنگ جي روح کي تازو رکيو آھي. قطري حڪومت پنھنجي پاڙيسرين جي ابتڙ بين الاقوامي ڪوريج جي حامي رھي آھي جيڪي پراڻي عرب خاطر معلومات تي ضابطو چاھين ٿا. ايستائين جو تيونس ۽ ڪويت جتي پريس کي جزوي آزاد ليکيو وڃي ٿو اتي بہ رڳو مقامي مسئلن تي ڳالھہ ھلي ٿي جڏھن تہ عرب دنيا سان لاڳاپيل مسئلن تي ماٺ آھي. ھو سعودي عرب، مصر ۽ يمن کان صحافين کي لکڻ لاءِ ميدان مھيا ڪرڻ کا لھرائي رھيا آھن. ايتري قدر جو لبنان جيڪو عرب دنيا ۾ پريس جي آزاديءَ جو سرتاج آھي سو پڻ جانبداري جو شڪار ٿيندي ايران ڏي لاڙو رکندڙ حزب اللہ ڏانھن جھڪاءُ رکندڙ ثابت ٿي ويو.

    عرب دنيا وچ ۾ ويڇا ٻاھرين نہ پر اندرين قوتن جي نتيجي ۾ وڌيا آھن جيڪي اقتدار لاءِ جاکوڙ ۾ آھن. سرد جنگ دوران جڏھن ريڊيو فري يورپ جو تصور ڪيئي سالن ۾ جڙيو تہ ان جي نتيجي ۾ اظھار جي آزاديءَ کي ھٿي ملڻ جي اميد پڻ نظر آئي. عربن کي بہ ڪجھہ اھڙي ئي شيءِ کپي ٿي پئي. 1967 ۾ نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ گڏيل طور ھيرالڊ ٽرائبيون اخبار جي مالڪي اختيار ڪئي ۽ اھا اخبار سڄي دنيا جي اظھار جو ذريعو بڻجي وئي.

    منھنجيون لکڻيون ھن اخبار پاران ترجمو ڪري عربي ۾ ڇاپيا ويا آھن. ان لاءِ آءُ خوش آھيان تہ ڀلي عرب اھو سڀ پنھنجي زبان ۾ پڙھن، سمجھن ۽ ان تي بحث ڪن ۽ گھڻ پاسو جائزو وٺن تہ آمريڪا ۽ ٻين اولھہ ملڪن جي جمھوريت ۾ ڪھڙا مونجھارا آھن. جيڪڏھن ھڪ مصري واشنگٽن ۾ ڪنھن تعميري پروجيڪٽ جي حقيقي خرچ بابت پڙھندو تہ کيس سمجھہ ۾ ايندو تہ اھو ساڳيو پروجيڪٽ سندس ملڪ ۾ سندس عوام لاءِ ڪيئن ھلندو.

    عرب دنيا کي ھن وقت پراڻي گھڻ قومي ميڊيا جي نئين ورجن جي ضرورت آھي جنھن سان ان سندن عوام کي عالمي واقعن جي صحيح ڄاڻ ملي سگھي. عربن جي آواز کي پليٽ فارم ڏيڻ پڻ انتھائي اھم آھي. اسان غربت، بد انتظامي ۽ ڪمزور تعليم سبب ڀوڳيون ٿا. بين الاقوامي آزاد فورم ٺاھڻ سان قومي حڪومتن کان بچڻ ممڪن ھوندو جيڪي نفرتون وڌائڻ جو سبب آھن ۽ عرب پنھنجي معاشري جي انھن مسئلن کي بيان ڪري سگھندا جيڪي ھو ڀوڳي رھيا آھن.


     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو