اصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آھين

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زاهد شيخ

    اصول پيار جا ڪنهن کان سڄڻ سکيو آھين
    عجيب ڳالھ آ هاڻي ھٽڻ سکيو آھين

    اسان جي آڏو اجايو هڪو ٻڪو ڇو آن
    چوڻ جي ڳالھ ڇو دل ۾ رکڻ سکيو آھين

    رسڻ ۾ آھي مزو جيڪو سو بہ پرچڻ سان
    تون هيل اڳوپو يار رسڻ سکيو آھين

    جواب ڪهڙا خطن جا لکان ٻڌاء کڻي
    سوال ابتا ئي ابتا پڇڻ سکيو آھين

    ڏسي تون راھ ۾ زاهد کي منهن مٽائين ٿو
    مان ڪهڙي منهن سان ڏسان منهن ڍڪڻ سکيو آھين.
     
    شوڪت خاصخيلي - ڀان هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو