ﷲ اوهان کان راضي ٿي وڃي، اهوئي اوهان لاء ڪافي آهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيڪي ماڻهو اسان کي نٿا سڃاڻين، انهن جي نظر ۾ اسان عام آهيون.
    جيڪي اسان سان ساڙ رکن ٿا، انهن جي نظر ۾ اسان مغرور آهيون.
    جيڪي اسان سان دشمني رکن ٿا، انهن جي نظر ۾ اسان خراب آهيون.
    جيڪي اسان کي سمجھن ٿا، انهن جي نظر ۾ اسان سٺا آھيون.
    جيڪي اسان سان محبت ڪن ٿا، انهن جي نظر ۾ اسان خاص آھيون.

    هر شخص جو پنهنجو هڪ الڳ نظريو ۽ ڏسڻ جو طريقو آهي، انڪري ٻين جي نظر ۾ سٺي ٿيڻ جي پويان پاڻ کي نه ٿڪايو۔ ﷲ اوهان کان راضي ٿي وڃي، اهوئي اوهان لاء ڪافي آهي.
    ماڻهن کي راضي ڪرڻ اهڙو مقصد آهي جيڪو ڪڏهن به پورو نٿو ٿي سگھي.
    ﷲ کي راضی ڪرڻ اهڙو مقصد آهي جنهن کي ڇڏي نٿو سگهجي.
    ته پوءِ جيڪا شيء ملي نٿي سگهي، ان کي ڇڏي ان شيء کي پڪڙيون جنهن کي ڇڏي نٿا سگھون ۔

    (مصر جو مشهور عالم ۽ ادیب شیخ علي طنطاوي)
    (عربيءَ مان ترجمو)
    ڪاپي ڪيل
     
    ابن الھيار ۽ اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو