کوهه جو ڏيڏر

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2018۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    [​IMG]

    هڪ برتن ۾ پاڻي وجهو ۽ ان ۾ هڪ زنده ڏيڏر وجهو.. هاڻي پاڻي کي گرم ڪرڻ شروع ڪريو... جيئن ئي پاڻي جو گرمي پد وڌڻ شروع ٿيندو ڏيڏر به پنهنجي باڊي جو گرمي پد پاڻي جي مطابق ايڊجسٽ ڪرڻ لڳندو... ۽ ايتري تائين ڪندو رهندو جيسيتائين پاڻي جو گرمي پد بوائيلنگ پوائينٽ تائين نه پهچي وڃي...
    جيئن ئي پاڻي جو گرمي پد بوئيلنگ پوائينٽ تائين پهچندو ته ڏيڏر پنهنجي باڊي جي ٽيمپريچر کي پاڻي جي ٽيمپريچر مطابق ايڊجسٽ ڪري نه سگهندو ۽ برتن کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پر هو ائين نه ڪري سگهندو جو تيسيتائين ڏيڏر پنهنجي سموري توانائي پاڻ کي ماحول جي مطابق رکڻ ۾ لڳائي چڪو هو.. ۽ ائين ڏيڏر مري ويندو.... [​IMG]:(

    هتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي..
    ڏيڏر کي ڪنهن ماريو...؟
    سوچيو....!!
    مان ڄاڻان ٿو ته توهان مان گهڻا اهو چوندا ته ڏيڏر کي ماريندڙ اهو ئي بيغيرت انسان آ جنهن ڏيڏر کي پاڻ ۾ وڌو...
    يا وري اهو چوندو ته... ڏيڏر اٻرندڙ پاڻي ڪري مريو.....
    پر...
    سچ اهو آ ته ڏيڏر صرف ان ڪري مئو جو هو وقت تي برتن مان ٽپو ڏيڻ جو فيصلو نه ڪري سگهيو ۽ پاڻ کي ماحول جي مطابق بنائڻ ۾ لڳل رهيو...
    اسان جي زندگين ۾ به اهڙا کوڙ لمحا ايندا آهن جڏهن اسان کي حالتن مطابق پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻو پوندو آهي.... پر ائين ڪندي خيال رکو ته ڪهڙي وقت پنهنجو پاڻ کي حالتن مطابق ايڊجسٽ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙي وقت حالتن کي پنهنجي مطابق....
    جيڪڏهن اسان ٻين کي پنهنجي زندگين سان جسماني... جذباتي... مالي... روحاني... ۽ دماغي طور تي کيڏڻ جو موقع ڏينداسين ته هو ايئن ڪندا رهندا...
    ان لاءِ وقت ۽ توانائي جي هوندي ٽپو ڏيڻ جو فيصلو ڪريو... ۽ هر دفعي کوه جو ڏيڏر ٿيڻ کان پرهيز ڪريو [​IMG]:)
     
    WASEEM هيء پسند ڪيو آهي.
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين.......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو