ان “دانائي“ ۽ ”فهم فراست“ کي ڇا چئجي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    جيڪرجناب عمران خان جي رڳو ذاتي ديانتداري ۽ نيڪ نيتيء واري منتر ذريعي هي سمورا ملڪي معاملا هلي وڃن ته اهو تاريخ جو هڪ نئون ڪرشمو ليکيو ويندو.هتي ڳالهه رڳو ملڪي ۽ حڪومتي معاملا هلائڻ جي نه پر ان سان گڏ عظيم سڌارن،بنيادي تبديلين ۽ سمورن حڪومتي شعبن ۾ سراسر انقلاب جي ٿي رهي آهي.جن سو ڏينهن جو وعدو ڪيو ويو سي هٿن مان هڪ هڪ ٿي نڪرندا ٿا وڃن پر اڃا ”دلي دور است “ جي مصداق ڪنهن به شيء جو منهن ۽ پڇ هٿ نٿو اچي.في الحال اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته ڪپتان تبديليء جي ان قافلي ۾ اڪيلو ئي آهي.

    ”آئي ڀي اڪيلا، جائي ڀي اڪيلا، دودن ڪي زندگي هي دو دن ڪا ميلا “

    سندس ٽيم سندس ساٿ ڏيڻ،سندس ڏکيائيون ۽ مونجھارا گھٽائڻ ۽ سندس مقرر ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار بنجڻ بدران هيڪاري هن لاء اڳم ئي موجود مسئلن جي انبار ۾ روز بروز نئون اضافو ڪندي ٿي وڃي.ڪپتان جي سياسي مخالفن کي اڃا تائين سندس خلاف ڪا خاص توانائي خرچ ڪرڻ جي ضرورت نه پيئي آهي جو سندس ڪجهه وزير ۽ مشير ئي اهو ڀلائيء وارو فرض پورو ڪرڻ لاء ڪافي ۽ شافي نظر اچن ٿا.چوندا آهن ته زمين کري ته ڪري اڪ، موسم کري ته ڪري جھڪ ۽ مڙس کري ته ڪري بڪ! سو جيڪو جيترو وڌيڪ ڳالهائيندو آهي اهو ايترو ئي وڌيڪ ڦاسندو يا ڦاسائيندو ويندو آهي پر ڪپتان جي حڪومتي دوستن ته شايد پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به معاملي ۾ خاموش ناهي رهڻو سو اهي لاڳيتو پنهنجي زبان سان هروقت گل ڇٽيندا رهن ٿا انهيء ڳالهه کان بي نياز ته سندن انهن اقوال زرين جو نتيجو ڇا نڪرڻو آهي.انهن وزيرن ۽ مشيرن مان ڪجهه ته اهڙا آهن جن جي ڪڏهن خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته انهن کي ڪڏهن قسمت سان اهي اعليٰ ڪرسيون ۽ اختيار نصيب ٿيندا سو شايد اهي پنهنجو توازن برقرار رکي نه پيا سگھن ۽ هروقت سياسي مخالفن تي طنزن جا تير ۽ تنقيدن جا نشتر هلائيندي ئي پنهنجو هانء ٺارين ٿا.سنڌ جي تبديلي پسند گورنر جو ٿر جي معصوم ٻارڙن جي موت جو جائزو وٺڻ لاء اتان جي ڪيل دوري دوران شاندار رويو ۽ شاهي پروٽوڪول به توازن وڃائڻ جو هڪ مثال آهي. سندن سياسي مخالفن جي ماضيء ۾ جيڪا ڪارڪردگي رهي يا هن وقت به هو جهڙيء طرح ڪپتان جي خلاف غيرپارليماني زبان استعمال ڪن ٿا سا پنهنجي جڳهه تي پر سوال اهو آهي ته جن کي حڪومت هلائڻي آهي ۽ نهايت ئي منجھيل مامرن کي درست ۽ ماڻهن کي فوري رليف ڏيڻ جو ڪو رستو ڳولهڻو آهي اهي پنهنجون سموريون توانائيون ۽ وقت جواب در جواب ۽ گذريل حڪومتن جي نااهلين ۽ ناڪامين جو بار بار راڳ ڳائڻ ۾ ڇو کپائيندا ٿا وڃن؟ايڏن وڏن ذميدار عهدن تي ويهي اهي ڪهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون ڪري رهيا آهن؟ڇا هر شيء بيان ڪرڻ ۽ هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ ضروري هوندو آهي؟هر شيء بنان سوچ سمجهه جي بيان ڪري ڇڏڻ ۾ خود ڪپتان پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.انهن کي اڃا تائين ايتري سڌ ٻڌ به نه پئجي سگھي آهي ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪٿي ظاهر ڪبيون آهن ۽ ڪهڙيون شيون بردباريء سان هضم ڪبيون آهن.مخالف ڌر ۾ حال ڪونهي ۽ نه ئي انهن وٽ ماڻهن کي ڀڙڪائي روڊن رستن تي آڻي حڪومت لاء چيلينج پيدا ڪرڻ جو ڪو رستو رهيو آهي پر ان سک ”سردار جي“ وانگر ته هن رستي تي پيل ڪيلي جي کل ڏسندي پريشانيء وچان ٻئي هٿ مٿي تي ڏيندي چيو ته هاء ڙي قسمت! اڄ مون کي وري ڪيلي جي ان کل تان ترڪڻو پوندو.سو هن حڪومت جي ڪجهه وزيرن ۽ مشيرن توڙي خود وزيراعظم جو معاملو به ڪجهه ان قسم جو ئي آهي.پنجاب ۾ گجر واري مامري کان وٺي وفاقي وزير سدا بهار سواتيء واري ڍڳي مخالف تحريڪ تائين جيڪر مختلف واقعن تي ويچاربو ته موجوده حڪومت جي تدبر،فهم ۽ فراست جو دريا هرهنڌ ڇوليون هڻندي نظر ايندو.آئي جيء کي ڪنهن سمريء ذريعي قانوني طريقي سان تبديل ڪرڻ نهايت ئي سولو رستو آهي پر پنهنجن حرڪتن سان سپريم ڪورٽ جون ڇڙٻون ئي برداشت ڪرڻيون آهن.لڳي ٿو ته هر حڪومت جيان عمران خان جي ڪجهه وزيرن ۽ مشيرن کي به ٻين کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ جو جنون ڪجهه زياده ئي سوار آهي.انهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جن کي ايڊوينچر جو شوق ۽ خطرن سان کيڏڻ جو جنون آهي.هيستائين عوام مختلف صورتن ۾ صرف مهانگائيء جو ئي مزو چکيو آهي پر اهو عوامي صبر آخر ڪيستائين قابل برداشت رهندو؟ بجليء جي لوڊ شيڊنگ گھٽجڻ بدران هيڪاري اڻ اعلانيل صورت ۾ وڌي ويئي آهي.في الحال سرڪاري شعبي ۾ نوڪريون ميسر ناهن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ اها صلاحيت ناهي جو بي روزگارن کي روزگار مهيا ٿي سگھي.هن وقت تائين رڳو قرض يا امداد حاصل ٿيڻ يا اهڙي اميد تي خوشيء ۽ فخر وچان ڊانس ڪئي پيئي وڃي.پر ڇا جيڪر اهو پئسو اچي به وڃي ته اهو آئنده ڪرپشن يا بدديانتيء جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگھندو.ملڪ جا ڪيترائي سرڪاري ادارا وڪجڻ لاء واڪ هيٺ اچڻ وارا آهن.پي آئي اي ۽ اسٽيل مل جو ڇا ٿيندو ڪو پتو ناهي.اڃا تائين سڀ جي سڀ نوڪرشاهي ۽ انتظامي ڍانچو انهن وارو ئي موجود آهي جن تي ڪرپشن ۽ اقربا پروريء کان ويندي نا اهلي ۽ نالائقيء جا سڀ الزام لڳايا پيا وڃن.آفيسر شاهيء جي مقررين کي ڇڏيو،خود ڪپتان وفاقي ليول تي وزيرن ۽ مشيرن جي جيڪا ٽيم چونڊي آهي انهيء ۾ سواء چند وزيرن جي ٻيا سڀ ”نيڪ مرد“ ئي نظر اچن ٿا. اطلاعات جهڙي اهم وزارت هڪ اهڙي ماڻهوء جي حوالي ڪئي ويئي آهي جو حڪومت بدران مخالف ڌر جو اڳواڻ نظر اچي ٿو ۽ سندس بيان بازين احتساب جي عمل کي ئي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.شهباز شريف جي گرفتاريء کان تازو سنڌ حڪومت سان لفظي جھيڙي تائين هن احتساب ادارن کي ئي مشڪوڪ بنائڻ وارو ڪم ڪيو آهي.حالانڪ ان وزارت لاء تحريڪ انصاف وٽ شفقت محمود جهڙو ڏاهو ۽ بردبار ماڻهو موجود هو جنهن کي نالي ماتر وزارت ڏيئي پوئتي اڇلايو ويو آهي.سوين ٽاسڪ فورسن جي فوج ظفر موج ميدان تي لٿل آهي جن ۾ گھڻا اهي ڏاها ۽ اڪابر ذهن آزمائي ڪري رهيا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح گذريل حڪومتي نظامن جو حصو رهيا آهن.پي ٽي آئي حڪومت جا ڪيترائي اهم ٿنبا هن وقت به مخالف ڌر سان هر وقت رابطي ۾ آهن ۽ انهن جي منزل تبديلي،سڌارو يا عوامي خدمت نه پر رڳو اقتدار،اختيار ۽ ان جي ذريعي پنهنجو جهان جوڙڻ آهي.انهن مان ئي گھڻن جي مٿان احتساب جي تلوار لٽڪي رهي آهي جنهن اڻ وڻندڙ خيال سندن سمورو مزو خراب ڪري وڌو آهي.پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو صوبو جتي ماضيء جو سياسي ورثو موجوده حڪومت لاء هڪ زبردست چيلينج بڻيل آهي اتي اها ئي خبر نٿي پوي ته حڪومت ڪير هلائي رهيو آهي.معاشي چيلينج سان گڏوگڏ عمران خان حڪومت لاء تازو آسيا بيبي ڪيس جي فيصلي وارو جيڪو خطرناڪ بحران پيدا ٿيو هو جنهن مان في الحال ته حڪومت نڪري ويئي آهي پر ان معاملي تي به ڪيترائي سوال آهن جن جو جواب نٿو اچي. فيصلي جي ٽائيمنگ به هڪ اهم سوال آهي.ان کان پوء جيترو جلدبازيء ۾ وزيراعظم پاڻ اچي هڪ زوردار ۽ جارحاڻي انداز ۾ تقرير ڪئي ان وقت ان جي ڪا خاص ضرورت نه هئي.جڏهن معاملن کي واپس ڳالهين طرف ئي موٽائڻو هو ته پوء ايڏا سخت لفظ چوڻ جو ڇا مقصد هو؟ ۽اها ڳالهه به اهم آهي ته ان معاملي کي جنهن به حل طرف موڙيو ويو سو ڪم حڪومت نه پر رياست ڪيو.حڪومت جي رٽ ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ سڀني ڏسي ورتي ته ڪيئن نه پوري ملڪ کي مفلوج ۽ يرغمال بنائي رکيو ويو.ان معاملي ۾ نه ته حڪومت ۽ نه ئي مجموعي طور تي پوري پارليامينٽ ئي ڪو موثر ڪردار ادا ڪري سگھي.سواء ان جي جو مخالف ڌر مان ڪجهه جوان حڪومت جي پٺي ٺپريندا رهيا ته ڇڪي رکو ڪم کي،اسان اوهان سان گڏ آهيون پر ڪير ڪنهن سان ڪيترو گڏ آهي اهو سڀني کي معلوم آهي.چوندا آهن ته جڏهن اوهان جا سمورا دشمن گڏجي اوهان جي تعريف شروع ڪري ڏين ته سمجھو ته دال ۾ ڪو ڪارو ضرور آهي.سو ڪيئن به ڪري حڪومت في الحال ان ڏڦير مان نڪري ويئي پر وري ساڳي بيانن جي ڌم لڳي پيئي آهي. هاڻي ڪيس داخل ٿيندا،گرفتاريون به ٿينديون، سزائون به ملنديون.چوندا آهن ته جھيڙي ختم ٿيڻ بعد ياد آيل مڪو پنهنجي منهن تي ئي مارڻ گھرجي.سو ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن،اهي سو ڏينهن به انهن اڪابرن پاڻ پنهنجو پاڻ کي ڏنا هئا جڏهن ته ويچاري عوام ڪو اهڙو مطالبو نه ڪيو هو.وزيرن جا اهي بار بار ورجايل بيان ۽ صبر جون تلقينون هاڻي ماڻهن کي زهر لڳڻ لڳيون آهن.جن به وزيرن مشيرن کي جذباتيت جو جن سڪون سان ويهڻ نٿو ڏئي انهن کي گھرجي ته ڪنهن بند ڪمري ۾ آرسيء اڳيان پنهنجي سموري ڪاوڙ ڇنڊي پوء ٻاهر حقيقتن جي دنيا ۾ اچن جتي اهي ئي مسئلا، اهي ئي مونجھارا،مشڪلاتون ۽ مامرا ”جيئن آهن تيئن جي بنياد تي“ سندن منهن تڪي رهيا آهن. حڪومتي صفن م موجود فنڪار،پهلوان،ڪرتب ڏيکاريندڙ،بازيگر،باڪسر ، جادوگر ۽ پيداگير جيڪر اڃا به عمران خان جي اکين کان آڏا آهن ته پوء ان دانائي،فهم فراست ۽ رهبريء تي ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو