احتساب عدالت کان يو ٽرن تائين!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    خبر اها آهي ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته سندس قومي اسيمبليء ۾ ڪيل تقرير ۽ قوم جي سامهون ڪيل خطاب کي سنجيدگيء سان نه ورتو وڃي جو هن اهي سموريون ڳالهيون سندس پٽن جي چوڻ تي ڪيون هيون.ساڳي عدالت جي هڪ ٻي ڪاروائيء دوران ميان صاحب نهايت ئي جذباتي انداز ۾ پنهنجي مظلوميت جو داستان ٻڌائيندي چيو ته سندس پٽن کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ نه ڏنو ويو جنهن ڪري انهن ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاروبار ڪيو جيڪر اهي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا ماڻهن کان خيرات وٺي گذارو ڪن ها؟

    جڏهن ملڪ جو ٽي دفعا وزيراعظم رهندڙ ۽ دنيا کي پارليامينٽ ۽ عوامي ووٽ کي عزت ڏيڻ جا ڀاشڻ ڏيندڙ رهبر اهو چوي ته سندس پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير رڳو دل لڳي هئي ۽ ان جي ڪا قانوني ۽ اخلاقي حيثيت ئي ناهي ته پوء ان جمهوري رويي تي رڳو فخر وچان ڪنڌ لوڏي ڊانس ئي ڪري سگھجي ٿي. رهيو سوال ميان صاحب جي ان شڪايت جو ته سندس پٽ جيڪر ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا خيرات گھري گذارو ڪن ها ته خيرات گھرن ميان صاحب جا دشمن! هونئن به خيرات تي گذارو ته ويچاري غريب عوام جو ئي رهندو ٿو اچي،بادشاهه ته سدائين بادشاهه ئي رهندا ٿا اچن پوء اهي ريل ۾ هجن يا جيل ۾.هونئن ڏٺو وڃي ته پنهنجي ڳالهه يا بيان تان ڦري وڃڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ناهي.اسان وٽ البت اسان جا سياستدان ۽ حڪمران ان ڏات ۾ ڄائي ڄمندي پاڻ ڀرا آهن. اهي جڏهن هڪٻئي کي يوٽرن وٺڻ جا مهڻا ڏين ٿا ته جمهوريت جو سمورو حسن نکريو نروار ٿيو پوي.انهيء معاملي ۾ سياستدانن کي دوش ڏيڻ آهي ئي اجايو جو اسان جي سياست جو مثال ڪوئلن جي دلاليء وارو آهي جنهن مان هٿ به ڪارا ته منهن به ڪارو!سياست جي ان ڪاراٺ عوام کان وٺي ادارن تائين ڪنهن ۾ ڪابه سٿرائپ رهڻ ئي نه ڏني آهي.

    هڪ ٻي حيرت ۾ وجھندڙ خبر اها به آهي ته پاڻيء جو معيار جاچڻ لاء پوري ملڪ ۾ قائم ڪيل چوويهه ليبارٽرين مان ڪابه ڪم جي نه رهي آهي ۽ اهي سڀ سوڙ ويڙهي سمهي پييون آهن.جتي نيتون ئي صاف نه هجن اتي پاڻيء جي شفافيت جي اميد رکڻ ئي بيوقوفي آهي.اها ڳالهه هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي ته مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ وڏين رقمن سان خريد ڪيل مختلف مرضن جي ٽيسٽ ڪرڻ جون مشينون اڪثر کوکن ۾ ئي بند پيل آهن ته جيئن نجي ليبارٽرين جو نفعي بخش ڌنڌو ڪٿي ٻاڙائيء جو شڪار نه ٿي وڃي.پر عوام کي مبارڪون هجن جو هاڻي پاڻي صاف ڪرڻ جون مشينون به رحلت فرمائي وييون آهن.اسان غريب هڪ اهڙي مثالي معاشري ۾ پنهن جي زندگيء جا پساهه ڳڻيون ٿا جتي ڪوبه ٻئي جي ”مهربانين “ کان محفوظ ناهي.دوائن کان وٺي کاڌي پيتي جي هر اسم تائين بازار ۾ سستو ايڊيشن هر وقت موجود ملي ٿو جيڪو خوشقسمتيء سان هول سيل جي حساب سان اسان غريبن جي ئي جھوليء ۾ ڪري ٿو.

    هڪڙي خبر اها آهي ته لاهور جي جي او آر ون سان لاڳاپيل حضرت شاهه شمس قادريء جي درگاهه جي نالي تي وقف ٿيل ٽيهه ڪينالن کان مٿي ايراضيء واري زمين صرف نو سو روپيا في مرلا جي نهايت ئي ”ڪفايتي“ اگھه سان پنجاب جي اڳوڻي خادم اعليٰ جي ”خدمت“ واري جذبي هيٺ لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽيء جي حوالي ٿي ويئي،يعني پهرين کان وقف ٿيل زمين ڪنهن وڏي پيٽ واري کي ٻيهر ”وقف“ ٿي ويئي ته جيئن سندن درٻارون قائم ۽ سلامت رهن.حيرت نه هئڻ گھرجي ته حرص ۽ هوس جا پوڄاري خدا جي درويشن جي درگاهن کي به معاف ڪرڻ لاء ڇو تيار ناهن؟ ۽ نه ئي ان تي ڪو ماتم ڪرڻ جي ڪا خاص ضرورت آهي ته قانون مطابق وقف ٿيل ڪابه جائيداد يا زمين وغيرهه هرگز وڪڻي نٿي سگھجي.هاڻي جڏهن ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي ته پڪ سان پارليامينٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪنهن پوائنٽ آف آرڊر تي اهو بحث ضرور ٻڌجو ته اسان کي ”سياسي انتقام“ جو نشانو بنايو پيو وڃي.

    فيصل آباد ۾ اسان جي ”قانون جي نگهبانن“ جي ڪارنامي متعلق اها خبر ته اوهان ضرور ٻڌي هوندي ته اتي انهن قانون پسند رهبرن اهڙو ته خوبصورت منظر پيش ڪيو جو ملڪ جو دنيا ۾ فخر وچان سر اڀو ٿي وڃي آسمان سان لڳو.پهرين جلوس ۽ نعرا،پوء عدالت جي اندر پيل ڪرسين جي ننڍي عام ڀڃ اپت ڪڍي ويئي،ڊپٽي ڪمشنر پاران منعقد ڪيل اجلاس ”قانوني طريقي“ سان بند ڪرائي ان کي سندس دفتر ۾ قيد ڪري ڇڏيو.ويچارن پوليس وارن تي لتون ۽ مڪون وسائڻ ته معمول جي ڪاروائي آهي.مٿان وري عدالتن جو بائيڪاٽ غريب ماڻهن کي تڪڙو انصاف مهيا ٿيڻ طرف اهم قدم هوندو آهي.باقي رهيو روڊ رستا بند ڪرڻ ته انهيء سان ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ايمرجنسيء وارن مريضن کي اهو محسوس ڪرائڻ ضروري هوندو آهي ته ملڪ ۾قانون جي ڪيڏي نه زبردست حڪمراني قائم آهي.

    مطلب اهو ته جنهن کي به جتان وس ٿو لڳي غريبن جو ماس روڙڻ ۽ سندن کل اڍيڙڻ کي ئي پنهنجي افضل عبادت سمجھي ٿو.باقي رهيو اشرافيا جهڙي آسماني مخلوق جو بادشاهي طبقو انهن جا ٺٺ ئي ٺٺ لڳا پيا آهن.خدا ڪري ويچارو عوام تبديليء جي ايندڙ سيلاب مان صحيح سلامت بچي وڃي نه ته جيڪر عوام ئي پورو ٿي ويو ته پوء اهي حڪومت ڪنهن تي ڪنداجن مان هڪڙا چون ٿا ته اسان جي اسيمبليء ۾ ڪيل تقريرن کي سنجيدگيء سان نه وٺندا ڪريو! ٻيا چون ٿا ته جيڪر اسان ڪرپشن هيٺ گرفتار ٿياسين ته وڌيڪ مشهور ٿينداسين ۽ ڪي چون ٿا ته عظيم ليڊر ٿيڻ لاء يوٽرن وٺڻ ضروري آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو