جوش محنت جو جاکوڙي ڪردار شفيق الرحمن ڇٽو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2018۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    جوش محنت جو جاکوڙي ڪردار شفيق الرحمن ڇٽو

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سونهاري سنڌ جي مهين جي دڙي جي چيڪي مٽي کي سنڌ ڌرتي جي مڙني شهرن ڳوٺن ، وستي ،واهڻ کان وڌيڪ شرف حاصل آهي ڇو جو هن مٽي جي سيني تي بانبڙا پائي وڏا جوان جماڻ ٿي ڪيترن ئي هستين پنهنجي ڪردار سان پنهنجو پنهنجي ڌرتي پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪين نه ڪيٻايو آهي هن خوشبودار مٽي جي سٻاجهڙن ڪردارن پنهنجو پاڻ ملهايندي پنهنجي ڪيل ڪم وسيلي پنهنجي خوشبوءِ سان سڄي ملڪ کي واس وسايو آهي اهڙي ريت هن مهين دڙي جي مٽي تي پليل ڪردار ڪي سياست ۾ ڪي شاعري ۾ ڪي ادبي صنفن ۾ ڪي وري علم اڪابري جا ڪوڏيا ڪري وري پنهنجي هنر ۽ ڪرت وسيلي پنهنجو نالو نمايا ڪندي نظر اچن ٿا اهڙين شخصيتن منجهان وارهه تعلقي جي ڳوٺ محمد هاشم ڇٽو جي مذهبي ديندار گهراڻي جي معزز شخصيت غلام مصطفي ڇٽي جي گهر کان هڪ نوجوان هميشه جوش ،محنت ۽ جاکوڙي ڪردار شفيق الرحمن ڇٽو (شفيق مصطفي ) جي نالي سان ڇنڇر ڏهاڙي 17 آڪٽوبر 1998ع ڌاري جنم وٺي پنهنجي زندگي جو پهريون ساهه کڻي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو هن محنتي همٿ واري ٻارڙي جي والدين بچپن کان وٺي تربيت نهايت اعلي نموني جي ڪري پهرين ديني تعليم حاصل ڪرڻ واسطي وارهه شهر ۾ قائم مدرسي (مصباح العلوم ) ۾ داخل ڪرايوجتي هن وڏي ديني عالم علامه مير حسن بروهي صاحب جن جي شفقت سان هن مذهبي گهراڻي جي شفيق انسان پنهنجي رب سائين جي شفقت سان قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ ۾ محو ٿي ويو وڏي محنت سان ڪافي عرصو ٻين طالبن جي ڀيٽ ۾ سمورا درسي ڪتاب پڙهي پاس ڪيائين تنهن بعد هن سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ محنتي شفيق الرحمن ڇٽو کي والدين پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري پرائمري اسڪول منجهه داخلا وٺي ڏني جتان هن جاکوڙي ڪردار مسلسل محنت جستجو سان پنج درجا پاس ڪري وارهه جي هائير سيڪنڊري اسڪول منجهه انگري تعليم پرائڻ جي شگف سان داخلا ورتي جتان هن ميٽرڪ جي تعليم سال 2014 ع ۾ سٺن نمبر ۾ پاس ڪري سند حاصل ڪري ورتي انهي عرصي دوران مسٽر شفيق الرحمن ڇٽي کي وري ديني علم پرائڻ جو شوق جاڳو انهي بهائي هن ڪراچي شهر ۾ قئم مدرسي ( بنوري ٽائون ) ۾ پڙهڻ واري ڪرت سان گڏ( ڪرڪيٽ راند )کيڏ جو شوق جاڳيو اهڙي ريت هن نوجوان انهي ديني تعليم منجهان هٿ ڪڍي ڪراچي شهر کي خير آباد چئي اچي وارهه ڀرسان پنهنجي ڳوٺ جي اڳيان قائم (ٿرڙي ڪرڪيٽ گرائونڊ ) تي رات ڏينهن ڪرڪيٽ جي راند کيڏڻ ۾ محو ٿي ويو هن ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي هم عمر ساٿين کان ڪرڪيٽ راند ۾ (ڇڪن ، چونڪن ) جي برسات سان سڄي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهداد ڪوٽ جي رانديگرن ۾ واهه جو نالو روشن ڪرايو، ڊي مئچ هجي يا نائيٽ ٽورنامينٽ شفيق مصطفي ڇٽو پنهنجي نرالي انداز سان (آل رائونڊر ) ٿي پنهنجي ٽيم کي ڪيترائي ڀيرا ويجهي شڪست کان پنهنجي ٽيڪنيڪل گر سان فتح حاصل ڪرائڻ ۾ هميشه نمايا ڪردار حاصل ڪندو رهيو آهي هن نوجوان ڪرڪيٽ راند کي پنهنجي زندگي جو مشغلو بڻائيندي تعليمي سلسلي کي پڻ جاري ساري رکندو پيو اچي هن شفيق الرحمن ڇٽي 2016ع ۾ انٽر جو امتحان (اي گريڊ ) ۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي مادري ملت سنڌ يونيورسٽي جي امتحاني (ٽيسٽ ) ۾ حصو وٺي بهترين اسڪور ڪري ( فزيڪل ايجوڪيشن ) واري ڊپارٽمينت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا مگر سندس جي نصيب ساٿ نه ڏنو هن مايوسي جي بجاءِ محنت جستجو واري عمل منجهان هٿ نه ڪڍيا هن محنتي فرد سنڌ يونيورسٽي جي علم ادب واري ڊپارٽمينت کي پسند ڪري (سنڌي شعبو ) وڃي وسايائين جتي مسٽر شفيق ڇٽو نهايت محنت سان پڙهڻ سان گڏ ڪرڪيٽ راند وارو شوق به جاري ساري رکندو پيو اچي هن پنهنجي ڊپارٽمينت (سنڌي شعبي ) جو راندين واري ڀيٺ ۾ پڻ نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سنڌي شعبي سندس زندگي کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي ڇو جو سندس جي (دل نيهن جو ناتو ) ڪنهن سان جڙيو آهي مسٽر شفيق ڇٽو پنهنجي دل جي امنگ جو آواز شعر جي صورت ۾ ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو پاڻ پنهنجي زباني چوي ٿو ته

    عشق جي ڏيئي کي

    هاڻ وساري نه سگهبو

    پيار پنهنجي کي

    وساري نه سگهبو

    جڳ ۾ جيئنداسين ته

    ڪنداسين توکي ياد او پرين

    مري وياسين ته توکي گهرائي نه سگهبو

    توکي هاڻي جانا وساري نه سگهبو

    عشق جي ڏيئي کي هاڻي وسائي نه سگهبو

    تنهنجون يادون مون لاءِ سهارو آهن

    پاڻ کان هاڻ اهو وڃائي نه سگهبو

    شفيق تو کان ڪيترو رهندو پري پرين

    پنهنجو اهيو ارمان وساري نه سگهبو

    مسٽر شفيق ڇٽو پنهنجي مسلسل جدوجهد تحت محنت ۽ وڏي حوصلي سان پنهنجي زندگي گذاريندو رهي ٿو هن ڪڏهن به همت ناهي هاري هو سنڌ يونيورسٽي جي هم ڪلاسي شاگردن کان پڙهائي ۽ زندگي جي ٻين ڪمن ڪارن ۾پڻ اڳ ڀرو نظر ايندو رهيو آهي مسٽر شفيق ڇٽو هميشه تعيم دوست واري صفت سان سرشار نظر اچي ٿو هو عام خلق کي پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته پنهنجي ٻارڙن جي تعليم ڏانهن والدين توجح ڏين تعليم ،محنت سان ئي هر شين ممڪن آهي وارهه واسي شفيق ڇٽو جي زندگي جو مقصد آهي ته هو اعلي تعليم پرائي پنهنجي علائقي سنڌ واسين جي خدمت ڪرڻ جو جذبو جئ ۾ جڳايون پيو اچي پاڻ اڄ پنهنجي زندگي جون( 20جنم ڏڻ ) سنڌ يونيورسٽي جي (ڪي _ بي هاسٽل ) منجهه پنهنجن دوستن سان ڪيڪ ڪاٽي ملهائيندو سندس جنم ڏينهن تي کوڙ سارا دوست ۽ گهر وارا مبارڪون پڻ چوندا ، منهنجي هن نماڻي پياري دوست مسلسل محنت جوش رکندڙ نوجوان لاءِ رب سائين در داعائون ته پنهنجي زندگي ۾ هميشه ڪاميابيون ماڻي آمين


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو