اي منهنجي دل

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2018۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    خليل جبران/عطاءُ اللھ ابڙو

    اي منهنجي دل

    اي منهنجي دل!

    خدا جي واسطي خاموش رهه، ۽ پنهنجي محبت جي مشهوري نه ڪر ۽ ٻين ماڻهن کان پنهنجي رازن کي مخفي رک.،تڏهن تون زيادهه خوشنصيب چورائبينءَ.

    ۽ جيڪو به تنهنجا راز ٻين تي ظاهر ٿو ڪري، اهو بيوقوف ۽ چريو تصور ڪيو ٿو وڃي. خاموشي ۽ رازداري محبت جي قيدين لاءِ تمام گهڻي سٺي شيءِ آهي.

    خدا جي واسطي! اي منهنجي دل! اگر ڪو به سوال پُڇئي ته ڪهڙو حادثو ٿيو اٿئي، ته ان کي ڪو به جواب نه ڏجانءِ.

    اگر توکان پڇيو وڃي ته اها نازڪ ناري ڪير آهي؟ چئي ڇڏ، ته هو ڪنهن ٻيءَ جي محبت ۾ گرفتار آهي۽ ڪوڙ سوڙ ايئن ظاهر ڪر ته ڄڻ، اهو ڪنهن اهميت جي لائق ئي ڪو نه آهي.

    خدا جي واسطي! اي منهنجي دل! پنهنجن جذبن کي ظاهر نه ڪر، تنهنجي بيماري تنهنجو علاج به آهي ڇو ته روحاني محبت انهيءَ پيالي مثل آهي جنهن ۾ موجود شراب بظاهر توکي شراب لڳي، مگر حقيقت ۾ ان جو جوهر ۽ روح هوندو آهي!

    خدا جي واسطي! اي منهنجي دل! پنهنجن ڏکن ۽ تڪليفن کي لڪاءِ، پوءِ ڀل (زمين) اُٿلي پوي، آسمان ڏَري پوي، ته به توکي تڪليف نه پهچندي ـــــــ تون محفوظ رهندينءَ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو