ساهيوال واقعو ؛ ڪجهه اهم سوال.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ساهيوال واقعي بعد سوشل ميڊيا تي جنهن نموني جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن اهي هن واقعي جي زخم کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيون آهن.معصوم ٻارن سامهون سندن ماء،پيء،ڀيڻ ۽ ڊرائيور سميت قتل ڪيو ويو.جيڪر ٿوري دير لاء سي ٽي ڊي جو اهوموقف درست به مڃجي ته به ڪهڙي قانون انهن کي اجازت ڏني ته اوهان معصوم ٻارن سامهون انهن جي پيارن جو ايئن قتل ڪريو.هي سوشل ميڊيا جو دور آهي،وقت گذرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي شاهديون سامهون اچي رهيون آهن.هيستائين جيڪي به وڊيوز سامهون آيون آهن انهن مان ڪٿي به دهشتگرديء واري موقف جي تصديق نه ٿي رهي آهي.ماريل والدين جو ٻار چوي ٿو ته بابو روئندو رهيو ته خدا جي واسطي اسان کي نه ماريو،اسان کان پئسا وٺو پر اسان کي ڇڏي ڏيو.ٽنهي ٻارڙن کي گاڏيء مان لاهي انهن سامهون سندن ماء پيء ۽ ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو.پهريون موقف اهو ڏنو وڃي ٿو ته خطرناڪ دهشتگردن کي ماري اغوا ٿيل ٽن ٻارن کي هٿ ڪيو ويو آهي.افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه پڙهي ۽ ٻڌي ڪري به اها ڳالهه ڪئي پيئي وڃي ته انهيء ۾ وزير اعظم يا وزير اعليٰ پنجاب جو ڪهڙو قصور؟اها ڪهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي پيئي وڃي.هيء حڪومت ته آئي ئي هئي اها ڳالهه ڪندي ته مديني جي نموني جي رياست قائم ڪنداسين جنهن جا اڳواڻ حضرت عمر رضه جو اهو قول نقل ڪندي نه ٿڪندا هئا ته جيڪر دجلا ڪناري ڪو ڪتو بکيو مري ويو ته ان جي ذميداري وقت جي حاڪم تي هوندي.ته پوء اڄ جڏهن ساڳي حڪومت جي زور تي حڪومتي ادارا ڪنهن بي گناهه جي وڏي بيدردرديء سان جان وٺن ٿا ته ان سڄي معاملي کان وزير اعظم يا وزير اعليٰ پنجاب کي ڪيئن بري ڪري سگھجي ٿو؟اهي بلڪل ساڳيء طرح ان ڏوهه جا ڏوهاري آهن جهڙيء طرح ماڊل ٽائون سانحي ۾ حڪمران ڏوهاري هئا.نقيب الله محسود جو پوڙهو پيء منتظر آهي ته ان سان انصاف ڪيو وڃي پر سال گذرڻ باوجود اڃا انصاف نه مليو آهي.ماڊل ٽائون واقعي جي ذميدارن،نقيب جي قاتلن،ڪراچيء ۾ قتل ٿيندڙ سرفراز ۽ ڪيئي ڪوڙا مقابلا ڏيکاري بي گناهن کي قتل ڪندڙن کي جيڪر ڪا عبرتناڪ سزا ملي ها ته ڪنهن کي جرئت نه ٿئي ها جو اهو پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ساهيوال جهڙو واقعو پيدا ڪري ها.اهڙن سمورن واقعن جا ذميدار رڳوقتل ڪرڻ وارا ئي ناهن پر اهي به آهن جيڪي پوين کي يقين ڏيارين ٿا ته اسان اوهان کي انصاف ڏيارينداسين پوء پنهنجو ڪردار ادا نٿا ڪن.ذميدار اهي به آهن جيڪي اهڙن واقعن جي سچائين کي لڪائي ڏسي وائسي ڪوڙيون ڪهاڻيون گھڙڻ ۽ بي بنياد جواز پيدا ڪرڻ ۾ اهڙن ڏوهارين جي مدد ڪن ٿا ۽ قانوني طور تي سندن ساٿ ڏين ٿا.اهي ئي اهڙن ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو ذريعو بڻجن ٿا.ذميدار اهي به آهن جيڪي اهو ڄاڻندي به ته غلط ٿي رهيو آهي پر خاموش رهن ٿا۽ آخرڪار ذميدار اهي آهن جيڪي اقتدار ۽ اختيار جي ڪرسين تي ويهي عوام کي ان ظلم ۽ ستم کان بچائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست نٿا ڪن.حڪومت ان شرمناڪ ۽ دردناڪ معاملي مان ايترو آسانيء سان پنهنجي جان آجي ڪرائي نٿي سگھي.انهيء ۽ سندس وزيرن مشيرن ۽ ادارن جي سربراهن کي هيٺين سوالن جا جواب ضرور ڏيڻا پوندا ته ذيشان جي حوالي سان مبينا طور تي دهشتگرديء ۾ ملوث هئڻ واري خفيا معلومات ڪهڙي هئي ۽ انهيء جو بنياد ڇا هو؟ڇا واقعي ڪنهن گرفتار ٿيل دهشتگرد ئي ذيشان جي باري ۾ معلومات مهيا ڪئي هئي؟ڇا سي ٽي ڊي کي ڪاروائيء لاء رپورٽ موڪلڻ کان اڳ ان مليل معلومات کي ڪائونٽر چيڪ ڪيو ويو هو؟ذيشان خلاف مليل اطلاعن کي ڪهڙن بنيادن تي تصديق ٿيل اطلاع مڃيو ويو؟خفيا معلومات جي بنياد تي تيار ڪيل رپورٽ سي ٽي ڊي کي ڪڏهن وصول ٿي ۽ اها رپورٽ ڪهڙي اداري طرفان ڪهڙي سطح تي سي ٽي ڊي کي وصول ٿي؟ذڪر ڪيل رپورٽ جي بنياد تي سي ٽي ڊي پاران ڪهڙيون ڪهڙيون ڪاروائيون عمل ۾ آنديون وييون؟ڇا ان قسم جي رپورٽ جو سي ٽي ڊي کي وصول ٿيڻ ڪو غير معمولي مامرو هو يا ڪو معمول جي ڳالهه هئي؟ڇا 19 جنوري جي ڪاروائيء ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي ٽيم خاص طور تي ذيشان خلاف ڪاروائي لاء ئي جوڙي ويئي هئي؟ذيشان خلاف ڪاروائيء لاء منظوري يا اجازت ڪهڙي سطح تي ورتي ويئي هئي؟ڇا منظوري يا اجازت ڏيندڙ اٿارٽي رڳو ذڪر ڪيل خفيا رپورٽ جي بنياد تي ڪاروائيء جي اجازت ڏني يا سندس سامهون ڪجهه ٻيو مواد به موجود هو؟ذيشان خلاف ڪهڙي قسم جي ڪاروائي جي اجازت،منظوري يا حڪمنامو ڏنو ويو؟ڇا اهو حڪم لکت ۾ هو يا زباني؟ڇا ان حڪم يا منظوريء ۾ ذيشان کي مارڻ جي حوالي سان ڪجهه شامل هو؟ڇا ذيشان پاران مزاحمت نه ڪرڻ جي صورت ۾ به کيس مارڻ جو سي ٽي ڊي ٽيم کي حڪم يا اختيار ڏنو ويو هو؟ڇا ڪاروائيء دوران ذيشان سان گڏ ٻين مردن،عورتن يا ٻارن جي موجودگيء جي صورت ۾ به ڪو حڪم يا اجازت ڏني ويئي هئي؟ڪاروائيء ۾حصو وٺندڙ ٽيم ۾ ڪيترا ماڻهو شامل هئا ۽ ڇا انهن سڀني وٽ هٿيار موجود هئا؟ڪاروائيء ۾ ڪنهن ڪنهن هٿيار استعمال ڪيا؟ٽيم کي گاڏيء متعلق آخري اطلاع ڪڏهن،ڪٿي،ڪنهن کان ۽ ڪهڙو وصول ٿيو؟ڇا گاڏي سي ٽي ڊي ٽيم جي اشاري ڪرڻ بعد به واقعي نه بيٺي؟ڇا واقعي ڪار جي مسافرن جا ڪجهه ساٿي موٽر سائيڪل تي به موجود هئا؟ڇا واقعي پهريون فائر ذيشان ڪيو ۽ سي ٽي ڊي ٽيم جوابي فائر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ موجود ماڻهن جو موت ٿيو؟موقعي تي سي ٽي ڊي ٽيم کي فائر جو حڪم ڪنهن ڏنو؟ڇا ڪار ۾ ٽن ٻارن کي پهريان ٻاهر ڪڍڻ بعد باقي ڪار سوارن تي فائر نه کوليو ويو؟ڇا سي ٽي ڊي ٽيم جي علم ۾ هوته ڪار ۾ ذيشان سواء ٻيا مرد،عورتون يا ٻار شامل آهن؟ڇا ٻارن جي پيء خليل پاران سي ٽي ڊي ٽيم کي چيو ويو هو ته هن کان پئسا ورتا وڃن ۽ کيس قتل نه ڪيو وڃي؟ڇا جيڪر سي ٽي ڊي ٽيم چاهي ها ته ذيشان سوڌو ٻين ڪار ۾ سوار ماڻهن کي آسانيء سان زندهه گرفتار ڪري سگھي ٿي؟ ڪار جي ڪهڙي حصي مان ڪهڙا ڪهڙا هٿيار،بارودي سامان ۽ آپگھاتي جيڪيٽس وغيره نڪتا؟ ڇا ڪار مان ذڪر ڪيل شيون هٿ ڪرڻ وقت ٽيم کان سواء ٻيو ڪوبه اتي موجود هو۽ڇا اهي شيون هٿ ڪرڻ وقت ڪا وڊيو يا تصوير وغيره به بنائي ويئي؟انهن سمورن سوالن جا مناسب جواب حاصل نه ٿيڻ تائين ڪنهن به صاف ۽ شفاف جاچ جي اميد ڪري نٿي سگھجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو